Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sfel4ld63hh4ehcqg87fvcd060, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تبديلي جيڪا هڪ خواب بڻجي وئي!.. - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تبديلي جيڪا هڪ خواب بڻجي وئي!.. - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

تبديلي جيڪا هڪ خواب بڻجي وئي!..

25جولاءِ 2018ع واري اليڪشن کان پوءِ پاڪستان ۾ ھڪ اهڙي سياسي قوت اقتدار جي ايوانن تائين پهتي،جنهن ڪيترن ئي سالن کان وٺي تبديلي جا نعرا پئي هنيا،جنهن اهو چئي ملڪ جي ماڻهن کي پئي ورغلايو ته سندن حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي انقلابي حڪومت هوندي جنهن ۾ اقتدار صرف اهل ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو،غربت کي نيڪالي ڏيئي پاڪستان جي سرزمين تان تڙي ڪڍيو ويندو،خوشحالي جا سوين سپنا ڏيکاريا ويا،ڪروڙين نوڪريون نوجوانن جو مقدر ٿينديون ۽ لکين بي گهر غريبن کي گهر ڏيئي کين پنهنجو اجهو عطا ڪيو ويندو.سڀئي قرض ملڪ تان لاٿا ويندا،ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ته ڇا پر غيرملڪي ماڻهو به روزگار ڳولڻ لاءِ پاڪستان جو رخ ڪندا.90 ڏينهن ۾ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي آسمانن تائين پهچي دنيا ۾ هڪ مثالي ملڪ جيان نروار ٿي ويندو.ٻاهرين ملڪن ۾ پيل پاڪستانين جي ناجائز دولت کي پاڪستان ۾ واپس کڻي اچي ملڪي معيشت کي مضبوط ڪيو ويندو.اهڙي طرح سان پاڪستان جي نوجوانن سان گڏوگڏ ڪافي  پڙهيل لکيل طبقي کي پڻ اهو لولي پاپ ڏيئي کانئن هوجمالا ڳارايا ويا ۽ ڀنگڙن ۾ نچايو ويو.اليڪشني نتيجن تي اڻ ڳڻين اعتراضن باوجود به هي نام نهاد تبديلي سرڪار پنهنجي ايمپائر جي اشاري ۽ آشيرواد سان حڪومتي ڪرسين تي براجمان ٿيا.ٽائيگر فورس دهل دمامن  ۾ مصروف ٿي ويئي،ملڪ جا ماڻهو اهو سوچي پئي گدگد ٿيا ته اجھو ٿو تبديلي جو واءُ گهلي ۽ سندن ڏک ڏولاوا ڏور ٿين پر سندن آسون ۽ اميدون اڌوريون ئي رهجي ويون.خوشحالي جا خواب ڏيکاريندڙ هن حڪومتي سرشتي ماڻهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا.مهانگائي جو راڪاس مسڪينن کان ماني ڳڀو کسڻ لڳو.نوجوانن کي  ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ بدران کين ڪڪڙيون پالي ڪروڙ پتي ٿيڻ جي صلاح ڏني وئي.حڪومتي مخالف ڌرين کي نيب جي دڙڪن ۽ دهمانن ۾ هيسائيندي  پنهنجو ميدان صاف ڪرڻ شروع ٿيا.تبديلي جو خواب ڏسندڙن جا سپنا چڪنا چور ٿي ويا ۽ هن همراھه بس نالي جي بادشاھي ٽوپي پاتي پر پنهنجي ايمپائرن کي سڀئي راهون هموار ڪري ڏنيون.
هن حڪومت جتي پاڪستان جي ٻين صوبن کي پنهنجي ڪوڙن ڏٽن ۾ پئي گهمايو،اتي وري سنڌ صوبي سان ٿيندڙ ويڳي ماءُ وارو سلوڪ جاري رکيو، ايئن کڻي چئجي ته ان ورتاءُ ۾ اڃان وڌاءُ ڪيو ويو،جيڪو بدقسمتي سان هر دور ۾ سنڌ صوبي جي ڄڻ ته ورثي ۾ آيل آهي.هن صوبي کي جتي ٻين ڪافي جاين تي نظرانداز ڪري هتان جي رهواسين جي حقن تي ڌاڙا هڻندي کين مسئلن ۽ مونجهارن جي ور چاڙهيو ويو اتي وري هتان جي ماڻهن کي بنا ڪنهن جواز جي ڏينهن ڏٺي جو کنڀي گم ڪيو ويو.سندن ڪوئي ڏوهه يا جرم نه ٻڌايو ويو.نوجوان سياسي ڪارڪنن کي يا ته کڻي نامعلوم جاين تي رکي کين الائي ڪهڙيون اذيتون ڏنيون ويون،يا وري سندن چچريل لاشا روڊن تي اڇلايا ويا.هي سفيد پوش نامعلوم ماڻهو حڪومتي اک کان ڪيئن اوجهل ٿا ٿي سگهن.هي سرڪار سڀ ڪجهه ڄاڻندي به چپ پئي رهي،سرڪاري عهدن تي ويٺل تبديلي سرڪار جا نمائنده اها ڳالهه بخوبي ڄاڻن ٿا ته رياست ۾ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ وارا ڪير آهن۽ سندن نيتون ڇا آهن؟؟ هن حڪومت ته سنڌ دشمن ضياءَ دور جي روايت قائم ڪر ي ڇڏي آهي،جيڪو به زبان کولي ته سندس زبان وڍي وڃي،سوچن تي پهرا ۽ قلم تي پابندي ڪنهن مارشل لا دور ۾ ئي لڳائي ويندي آهي پر افسوس ته هي جمهوري حڪومت سڏائيندڙ ڪنهن بدترين مارشل لائي دور کان به چڙهي وئي.ايئن کڻي چئجي ته جنرل ايوب،ضياءَ ۽ مشرف جو گڏيل مڪسچر جهڙي حڪومت هن وقت پاڪستان ۾ پئي هلي.ترقي پسند ۽ ڊيموڪريٽڪ سوچ رکندڙ صحافين کي پڻ  هيسائڻ لاءِ ڪيئي حربا استعمال ڪندي کين سربازار گم ڪري سيکت ڏني وئي.
ڪنهن به جمهوري سرشتي ۾ رياست عوام جي ماءُ جيان هوندي آهي.رياستي ادارا عوام جا محافظ هوندا آهن،سندن سوچ ۽ فڪر تي ڪي به پابنديون ناهن هونديون.جمهوري حڪومتون ۽ ادارا عوام آڏو جوابدهه ٿين ٿا ۽ وٽن پنهنجي ماڻهن جي ذهنن ۾ اٿيل هر سوال جو جواب پڻ ٿئي ٿو،پر هتي رياست ماءُ هوندي پنهنجا ٻچا کائي پئي.سوچن تي پهرا ٿي لڳائي ۽ سوال پڇندڙن لاءِ سزائون تجويز ڪيون پيون وڃن.ملڪ  جي ماڻهن کي ايئن هيسائي هي نام نهاد حڪومتي ۽ پنهنجي آشيروادي ٽولي سان گڏ ملڪي ڦرلٽ  ۾ پڻ مصروف آهن.ڦرلٽ جي ان  دور ۾ جيڪڏهن ڪو صحافي سندرو ٻڌي سندن اڳيان کڙو ٿي سوال پڇي ٿو ته  وچ شهر مان کيس کنڀيو ٿو وڃي.ساڳي صورتحال کي ورجائيندي سنڌ اندر پڻ وقتن فوقتن هتان جي گلين،گهٽين،پاڙن ۽ گهرن مان پڻ ماڻهن کي کنڀيو ٿو وڃي ۽ کين اهڙي طرح لاپتا ڪيو ٿو وڃي جو ڪنهن به حڪومتي اداري وٽ سندن ڪو به ڏس پتو نه ٿو ملي سگهي.کين ڪنهن به عدالتي نظام آڏو پيش نه ٿو ڪيو وڃي.ڪنهن به پوليس اسٽيشن تي کين نه ٿو رکيو وڃي،ماڻهن کي ڄڻ زمين ڳهي ٿي وڃي يا آسمان کڻي ٿو وٺي،ڪنهن وٽ به ڪو  اندازو ناهي ته  کين ڪٿي گم ڪيو پيو وڃي،ڪيڏيون اذيتون کين ڏنيون ٿيون وڃن.سندن مٽ مائٽ،ڀيڻ ڀائر،دوست يارپنهنجن ٻچن جي آزادي لاءِ سنڌ  جي روڊن رستن،پوليس اسٽيشنن،عدالتن کان وٺي ايوانن اڳيان رڙيون پيا ڪن،پر سندن آلاپن کي ورنائڻ وارو ڪير به ڪو نه ٿو نظر اچي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *