Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qrjrn9juumclrtrm1pe7l1plav, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تبديلي جي نعرن پٺيان رليل عوام..!! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تبديلي جي نعرن پٺيان رليل عوام..!! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

تبديلي جي نعرن پٺيان رليل عوام..!!

25جولاءِ 2018ع واري اليڪشن کان پوءِ پاڪستان ۾ ھڪ اهڙي سياسي قوت اقتدار جي ايوانن تائين پهتي، جنهن ڪيترن ئي سالن کان وٺي تبديلي جا نعره پئي هنيا. جنهن اهو چئي ملڪ جي ماڻهن کي پئي ورغلايو ته سندن حڪومت پاڪستان جي جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي انقلابي حڪومت هوندي، جنهن ۾ اقتدار صرف اهل ماڻهن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، غربت کي نيڪالي ڏيئي پاڪستان جي سرزمين تان تڙي ڪڍيو ويندو.خوشحالي جا سوين سپنا ڏيکاريا ويا. ڪروڙين نوڪريون نوجوانن جو مقدر ٿينديون ۽ لکين بي گهر غريبن کي گهر ڏيئي کين پنهنجو اجهو عطا ڪيو ويندو. سڀئي قرض ملڪ تان لاٿا ويندا، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ته ڇا پر غيرملڪي ماڻهو به روزگار ڳولڻ لاءِ پاڪستان جو رخ ڪندا. 90 ڏينهن ۾ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي آسمانن تائين پهچي دنيا ۾ هڪ مثالي ملڪ جيان نروار ٿي ويندو.
اهڙي طرح سان پاڪستان جي نوجوانن سان گڏوگڏ ڪافي پڙهيل لکيل طبقي کي پڻ اهو لولي پاپ ڏيئي کانئن هوجمالا ڳارايا ويا ۽ ڀنگڙن ۾ نچايو ويو .اليڪشني نتيجن تي اڻ ڳڻين اعتراضن باوجود به هي نام نهاد تبديلي سرڪار پنهنجي امپائر جي اشاري ۽ آشيرواد سان حڪومتي ڪرسين تي براجمان ٿي. سندن ڪارڪن دهل دمامن  ۾ مصروف ٿي ويا، ملڪ جا ماڻهو اهو سوچي پئي گدگد ٿيا ته اجھو ٿو تبديلي جو واءُ گهلي ۽ سندن ڏک ڏولاوا ڏور ٿين..پر سندن آسون ۽ اميدون اڌوريون ئي رهجي ويون. خوشحالي جا خواب ڏيکاريندڙ هن حڪومتي سرشتي ماڻهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا. مهانگائي جو راڪاس مسڪينن کان ماني ڳڀو کسڻ لڳو. نوجوانن کي ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ بدران کين ڪڪڙيون پالي ڪروڙ پتي ٿيڻ جي صلاح ڏني وئي. حڪومتي مخالف ڌرين کي نيب جي دڙڪن ۽ دهمانن ۾ يسائيندي پنهنجو ميدان صاف ڪيو ويو. تبديلي جو خواب ڏسندڙن جا سپنا چڪنا چور ٿي ويا ۽ هن همراھ بس نالي جي بادشاھي ٽوپي پاتي پر پنهنجي امپائرن کي سڀئي راهون هموار ڪري ڏنيون. هن حڪومت جتي پاڪستان جي ٻين صوبن کي پنهنجي ڪوڙن ڏٽن ۾ پئي گهمايو، اتي وري سنڌ صوبي سان ٿيندڙ ويڳي ماءُ وارو سلوڪ جاري رکيو، پر ائين کڻي چئجي ته ان ورتاءُ ۾ اڃا واڌارو ڪيو ويو، جيڪو بدقسمتي سان هر دور ۾ سنڌ صوبي جي ڄڻ ته ورثي ۾ آيل آهي. هن صوبي کي جتي ٻين ڪافي جاين تي نظرانداز ڪري هتان جي وسندڙن جي حقن تي ڌاڙا هڻندي کين مسئلن ۽ مونجهارن جي ور چاڙهيو ويو اتي وري هتان جي ماڻهن کي بنا ڪنهن جواز جي ڏينهن ڏٺي جو کنڀي گم ڪيو ويو. سندن ڪو ڏوهه نه ٻڌايو ويو. نوجوان سياسي ڪارڪنن کي يا ته کڻي نامعلوم جاين تي رکي کين الائي ڪهڙيون اذيتون ڏنيون ويون، يا وري سندن چچريل لاش روڊن تي اڇلايا ويا. هي سفيدپوش نامعلوم ماڻهو حڪومتي اک کان ڪيئن اوجهل ٿا ٿي سگهن. هي سرڪار سڀ ڪجھه ڄاڻندي به چپ پئي رهي، سرڪاري عهدن تي ويٺل تبديلي سرڪار جا نمائنده اها ڳالھه بخوبي ڄاڻن ٿا ته رياست ۾ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ وارا ڪير آهن ۽ سندن نيتون ڇا آهن؟؟
هن حڪومت ته سنڌ دشمن ضياء دور جي روايت قائم ڪر ي ڇڏي آهي، جيڪو به زبان کولي ته سندس زبان وڍي وڃي، سوچن تي پهرا ۽ قلم تي پابندي ڪنهن مارشلاء دئور ۾ ئي لڳائي ويندي آهي، پر افسوس ته هي جمهوري حڪومت سڏائيندڙ ڪنهن بدترين مارشلائي دور کان به چڙهي وئي. ائين کڻي چئجي ته جنرل ايوب، ضياء ۽ مشرف جي مڪسچر جهڙي حڪومت هن وقت پاڪستان ۾ پئي هلي.ترقي پسند ۽ ڊيموڪريٽڪ سوچ رکندڙ صحافين کي پڻ  هيسائڻ لاءِ ڪيئي حربا استعمال ڪندي کين سربازار گم ڪري کين سيکت ڏني پئي وڃي. ڪنهن به جمهوري سرشتي ۾ رياست عوام جي ماءُ جيان هوندي آهي. رياستي ادارا عوام جا محافظ هوندا آهن، سندن سوچ ۽ فڪر تي ڪي به پابنديون ناهن هونديون. ملڪ جي ماڻهن کي ائين هيسائي هي نام نهاد حڪومتي ۽ پنهنجي آشيروادي ٽولي سان گڏ ملڪي ڦرلٽ ۾ پڻ مصروف آهن. ڦرلٽ جي ان  دور ۾ جيڪڏهن ڪو صحافي سندرو ٻڌي سندن اڳيان کڙو ٿي سوال پڇي ٿو ته  وچ شهر ۾ کيس کنڀيو ٿو وڃي. سڳي صورتحال کي ورجائيندي سنڌ اندر پڻ وقتن فوقتن هتان جي گلين،گهٽين، پاڙن ۽ گهرن مان پڻ ماڻهن کي کنڀيو ٿو وڃي ۽ کين اهڙي طرح لاپتا ڪيو ٿو وڃي جو ڪنهن به حڪومتي اداري وٽ سندن ڪو به ڏس پتو نه ٿو ملي سگهي.کين ڪنهن به عدالت آڏو پيش نه ٿو ڪيو وڃي. ڪنهن به پوليس اسٽيشن تي کين نه ٿو رکيو وڃي، ماڻهن کي ڄڻ زمين ڳيهي ٿي وڃي يا آسمان کڻي ٿو وٺي، ڪنهن وٽ به ڪو اندازو ناهي ته کين ڪٿي گم ڪيو پيو وڃي، ڪيڏيون اذيتون کين ڏنيون ٿيون وڃن. سندن مٽ مائٽ، ڀيڻ ڀائر، دوست يارپنهنجن ٻچن جي آزادي لاءِ سنڌ جي روڊن رستن، پوليس اسٽيشنن، عدالتن کان وٺي ايوانن اڳيان رڙيون پيا ڪن پر سندن آلاپن کي ورنائڻ وارو ڪير به ڪو نه ٿو نظر اچي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *