Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qhllac3cvq7kh2hfe99vauaun5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تحريڪ ڪنهن آشيرواد کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تحريڪ ڪنهن آشيرواد کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

تحريڪ ڪنهن آشيرواد کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي

2013ع ۾ ميان نواز شريف اقتدار ۾ آيو ته هڪ سال بعد عمران خان پنهنجي سياسي سئوٽ علامه طاهرالقادري سان گڏ پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هڻي ويٺو هو. اهو مارچ 2014ع ۾ 14 آگسٽ تي لاهور کان هليو هو، سڄي ملڪ جي ميڊيا جو رخ عمران خان جي مارچ طرف هو، حڪومت به ميڊيا کي رام ڪرڻ لاءِ اشتهارن جون ٻوريون کولي ڇڏيون هيون، ٻئي پاسي جي حمايت ميڊيا جي ان ڪري مجبوري هئي ته ان مارچ جي پويان سرمايو به هو ته اصل طاقت به هئي. تحريڪ انصاف انهي مارچ جي  اهم محرڪ هئي جڏهن ته علامه رڳو مهرو هو، جيڪو عمران خان جي ڌرڻي کي ڪلهو ڏيڻ آيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪميٽيڊ ڪارڪنن جو هڪ وڏو لشڪر هن سان گڏ هو. ايئن ٿي لڳو ته حڪومت ڄاڻ وئي، ڇاڪاڻ ته ان ڌرڻي جي “انتظاميا” جنهن ريت پروپيگنڊا جو انتظام ڪيو هو، اهو ان حد تائين طاقتور هو جو  وڏي اڪثريت رکڻ جي باوجود نواز شريف ان وقت استيعفا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويوهو. پيپلزپارٽي پنهنجي پراڻي حريف ن ليگ جي حڪومت کي بچائڻ لاءِ اڳتي آئي، ان وقت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاھه ن ليگ جي حڪومت بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، نتيجي ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو، جيڪو لاڳيتو ٻه هفتا جاري رهيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي پهرئين ڏينهن جڏهن وزيراعظم ميان نواز شريف اجلاس ۾ پهتو ته هن روايت موجب مخالف ڌر جي اڳواڻ جي سيٽ تي وڃي هٿ ملايو. هن خورشيد شاھه کي چيو ته جيڪڏهن اوهان چئو ته آئون استيعفا ڏئي ڇڏيان. “ ان وقت ميان صاحب جون اکيون ڀرجي آيون هيون، مون کيس چيو ته ميان صاحب معاملو اوهان جي ذات جو نه پر جمهوريت جو آهي، اسين اوهان سان گڏ آهيون، گڏجي وڙهنداسين” ڪجهه سال اڳ ڪچهري دوران خورشيد شاھ مونکي ٻڌايو هو. اڄ جڏهن هڪ سال کان خورشيد شاھ جيل ۾ آهي، ته ان جو سبب به نواز شريف جي حڪومت بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ هو. ان وقت جي ورهايل  مخالف ڌر عمران خان ۽ ان جي آڻيندڙن جي خواهش کي ناڪام بڻايو هو، سبب رڳو اهو هو ته انهن سمجهيو ٿي ته عمران خان جهموريت جو نمائندو نه پر ڪنهن ٻئي جو نمائندو آهي، جيڪو سڄي سسٽم کي اپاهج ڪرڻ چاهي ٿو، وقت ثابت ڪيو ته اها راءِ درست هئي. نتيجي ۾ اهي نامراد ٿيا، پر ايندڙ وقت ۾ انهن جيڪو انتقام ورتو ، ان جو اندازو نواز شريف ،خورشيد شاھ ۽ ٻين کي ٿي ويو آهي. خورشيد شاھ جي آزادي لاءِ ته پيپلزپارٽي به رڳو ڪڏهن ڪڏهن زباني ڪلامي ٻه چار بيان جاري ڪري ٿي، باقي لڳي ٿو ته هو پاڻ به اطمينان ۾ آهي!!
2014ع ۾  مخالف ڌر ورهايل هئي، هڪ طرف مزاحمت سان ڀريل تحريڪ انصاف هئي، جنهن جي پويان طاقت ۽ سرمايو ڪم ڪري رهيو هو، ته ٻئي طرف پنجاب جي پاپولر ليڊر شپ جي حڪومت هئي، جنهن جي ارڏائي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن به صورت قبول نه هئي. هن دفعي سموري مخالف ڌر گڏ آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڪثريت ۾ ته قومي اسميبلي ۾ حڪومت کي معمولي اڪثريت حاصل آهي، ان باوجود هر موقعي تي مخالف ڌر شڪست کاڌي آهي، ان ۾ ڪمال اسٽيبلشمينٽ  ۽ مخالف ڌر جي منافقي جو آهي، گذريل ٻن سالن دوران مخالف ڌر حڪومت لاءِ اهڙا انيڪ موقعا پيدا ڪيا آهن، جنهن جي ڪري هر دفعي حڪومت رليف حاصل ڪيو آهي، ان جا 3 واضح مثال ته هتي ئي ڄاڻائي سگهجن ٿا. مثال طور جڏهن سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ته ان وقت بي اعتمادي جي رٿ جي تحريڪ جي ايوان ۾ اڪثريت حمايت ڪئي، ۽ واضح ٿي ويو ته چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي عهدي تان هٽي ويو، پر ڪجھه دير بعد جڏهن ڳجهي ووٽنگ ٿي ته مخالف ڌر جي ئي سينيٽرن صادق سنجراڻي کي ووٽ ڏئي بچائي ورتو، بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي صادق سنجراڻي جي اطمينان مان لڳي رهيو هو ته جن کيس آندو آهي، اهي ئي کيس بچائيندا، هن کي آڻيندڙن جي طاقت جو اندازو هو ۽ هو کيس بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان بعد مخالف ڌر جي سياسي جماعتن دغا ڪندڙ سينيٽرن جي ڳولا لاءِ ڪميٽيون جوڙيون، پر ايترو عرصو گذري وڃڻ باجود اهي ڪنهن به نتيجي تي نه پهچي سگهيون. اسان ڪجھه ليڊرن کي اهو به چوندي ٻڌو ته جيڪڏهن سختي ڪئي سين ته جيڪي سينيٽر آهن، اهي به هليا ويندا.
سياسي اصول موجب ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته سياسي جماعتون هڪ دفعو گڏجي ان معاملي تي صلاح مشورو ڪن ها، پر ايئن ڪرڻ بدران هنن ان معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته جن جي چوڻ تي سندن ميمبرن پارٽي فيصلي خلاف جن جي چوڻ تي ووٽ ڏنو هو اهي ئي ناراض ٿي وڃن ها. ٻيو مثال هلندڙ مالي سال جي بجيٽ پاس ٿيڻ جو آهي، وزيراعظم طور عمران خان ٻن سالن اندر رڳو هڪ ٻه دفعا ئي مخالف ڌر جي موجودگي ۾ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪري سگهيو آهي، نه ته هن جي ڪوشش رهي آهي ته مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ هو تقرير ڪري، مخالف ڌر پنهنجي عمل سان وزيراعظم جي اها خواهش پوري ڪندي رهي آهي، بجيٽ پاس ٿيڻ واري ڏينهن به ايئن ئي ٿيو هو، مخالف ڌر بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ايوان مان نڪري وئي. ان بعد نه رڳو بجيٽ آساني سان پاس ٿي وئي پر وزيراعظم ڊگهي تقرير ڪرڻ ۾ به ڪامياب رهيو.
تازو ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان قانون سازي گهڻن ڏينهن کان ٽنگيل هئي. ايف اي ٽي ايف پاڪستان مٿان واضح ڪيو هو ته هو سيپٽيمبر 2020ع تائين دهشتگري لاءِ استعمال ٿيندڙ سرمائي کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪري، جڏهن ته مني لانڊرنگ کي روڪڻ لاءِ به واضح پوزيشن اختيار ڪري. ايف اي ٽي ايف جي شرطن جو پورائو نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ رهڻ يا اڃان بليڪ لسٽ ٿيڻ جي پوزيشن ڏانهن هليو وڃي ها. ان ڪري حڪومت هر صورت ۾ اها قانون سازي ڪرڻ پئي چاهي، اينٽي مني لانڊرنگ بل ، اسلام آباد وقف املاڪ بل ۽ دهشتگردي ٽوڙ واري بل ۾ ترميم جا 3 بل قومي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ جي باوجود سينيٽ رد ڪري ڇڏياهئا. نتيجي ۾ حڪومت کي گڏيل اجلاس مان اهي بل منظور ڪرائڻا هئا. ان سلسلي ۾ ٽيون مثال پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس وارو آهي، ان اجلاس ۾ به مخالف ڌر حڪومت کي کليل رستو ڏنو ، ۽ ايوان  جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ايوان مان نڪري وئي، ڪمال جي ڳالھه اها هئي ته گڏيل اجلاس ۾ حڪومت کي رڳو ڏهن ووٽن جي سرسي هئي ، جڏهن ته مخالف ڌر جا 32 ميمبر ايوان مان غير حاضر هئا، اهي 32 ميمبر جيڪڏهن حاضر هجن ها ته حڪومت جي شڪست يقيني هئي پر هن دفعي به مخالف ڌر حڪومت کي شرمندگي کان بچائي ورتو. نتيجي ۾ نه رڳو حڪومت ايجنڊا تي رکيل چار بل منظور ڪرايا پر جيڪي ٻيا چار بل ايجنڊا تي موجود نه هئا اهي به منظور ڪرائي ورتا، ان بعد وزيراعظم اطمينان سان تقرير ڪئي جنهن ۾ هن واضح چيو ته هو جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ مخالف ڌر سان ڪمپرومائيز ڪري سگهي ٿو، ڪرپشن جي معاملي تي ڪابه سوديبازي نٿي ٿي سگهي. هن واضح ڪيو ته مخالف ڌر نيب کي بي اثر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي بليڪ ميل ڪندي رهي آهي. مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ وزيراعظم جي الزامن جو جواب ڪير ڏئي ها. عمران خان ٻه سال اڳ واري پنهنجي ساڳئي موقف تي بيٺل نظر آيو.
اطلاع آهن ته ايف اي ٽي ايف بل جي منظوري کان هڪ رات اڳ يا منظوري کان پوءِ بهرحال ملڪ جي مقتدر شخصيت پاران پارليامينٽ جي پارلياماني ليڊرن کي رات جي ماني جي دعوت ڏني وئي ، جنهن ۾ ٻن وڏين پارٽين جا سربراھ به شريڪ ٿيا هئا. مخالف ڌر سليڪٽيڊ وزيراعظم ۽ سليڪٽر جا جيڪي محاورا استعمال ڪري ٿي، رات جي ماني ۾ کين  ان وقت ضرور اهو خيال آيو هوندو ته هو پاڻ وڃي ان جو نمڪ کائي آيا آهن. جن کي هو سليڪٽر چوندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ سياست اندران مزاحمت ته ڪڏهوڪي ختم ٿي چڪي پر سياسي نظريو به پنهنجي موت پاڻ مري رهيو آهي، اسٽيبشلمينٽ مخالف يا حامي سياست کان سواءِ سياسي ڪارڪنن کي باقي ٻيو ڪوبه سبق نٿو پڙهايو وڃي، حيراني جي ڳالھه اها آهي ته حڪومت مخالف تحريڪون به اسٽيبلشمينٽ جي خوشنودي کان سواءِ نٿيون هلن. ڇاڪاڻ ته سودي بازي جي چڪر ۾ ڪنهن به مخالف ڌر جي جماعت کي ٻي جماعت مٿان اعتبار ناهي .
ميان شهباز شريف ۽ سندس پٽ مٿان سنگين ڪيس آهن، جڏهن ته ميان نواز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، اهو ان وقت تائين پاڪستان نه ايندو جيستائين حالتون هن جي حق ۾ نٿيون ٿين. شهباز شريف جيڪڏهن حڪومت خلاف سخت موقف اختيار ڪري ٿو ته سندس گرفتاري جا امڪان وڌيڪ آهن . هن ڄمار ۾ هو هاڻي جيل ۾ رهڻ نٿو چاهي. نواز شريف ۽ مريم نواز، ن ليگ اندر هڪ الڳ نظريئي جا حامي آهن، جڏهن ته شهباز شريف کي اندازو آهي ته جيترو وقت اقتدار کان پري رهبو ماڻهن جي حمايت ختم ٿيندي ويندي، شهباز شريف کي پتو آهي ته پنجاب جو سياسي مزاج ڪهڙو آهي، ان ڪري هو سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي رضامندي کانسواءِ اقتدار ۾ اچڻ ممڪن ناهي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي وٽ سنڌ ۾ هڪ مضبوط حڪومت آهي، جتي هو ڪنهن به ٻي ڌر کي وٿي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ان جون مخالف سياسي قوتون سنڌ جي سياسي مزاج کان يا ته اڻ واقف آهن يا هو اهو سياسي مزاج اپلاءِ ئي نٿيون ڪرڻ چاهين، ان ڪري پيپلزپارٽي مخالف سياسي قوتن لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ نٿي ڏئي. پيپلزپارٽي اسٽيبشليمنٽ سان سڌي ٽڪر کائڻ جي موڊ ۾ ناهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت کان سواءِ ان وٽ وڃائڻ لاءِ ٻيو ڪجھه به ناهي. ان ڪري هو سنڌ حڪومت بچائڻ به چاهي ٿي ته وفاقي حڪومت سان وڙهڻ به چاهي ٿي. جيڪو ممڪن ناهي. مولانا فضل الرحمان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجھه ناهي، ان ڪري حڪومت خلاف ڪنهن به امڪاني تحريڪ لاءِ هن جو موقف چٽو آهي ته  جيڪا به تحريڪ هلائجي اها  فيصلائتي هجڻ گهرجي. پر شهباز شريف، ۽ آصف زرداري اڳي به مولانا فضل الرحمان کي اڳتي آڻي پاڻ پوئتي هٽي ويا هئا ۽ مٿين سان معاملا سڌا ڪري ويا، هن وقت مخالف ڌر جنهن پوزيشن تي موجود آهي، اتي مختلف جماعتون هڪ ٻئي مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار به ناهن ته اعتبار به نٿيون ڪن . ان ڪري رڳو حڪومت نه پر مخالف ڌر جي ڏور به اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن حڪومت خلاف ڪابه تحريڪ هلي به ٿي ته اها حڪومت جا نٽ ٽائيٽ ڪرڻ جي ڪوشش هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *