تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ترقي جي نالي تي فطرت جي بربادي

“فطرت مٿان انسان جي فتح تي اسان کي ايترو پڏائڻ نه گھرجي. ھر فتح جو بدلو اڳتي ھلي فطرت ضرور وٺندي. اھو سچ آھي ته انسان جي فطرت مٿان فتح سڀ اھي نتيجا ڏنا آھن جنھن جي انسان توقع ڪئي هئي، پر اڳتي ھلي ان جا اھڙا نتيجا نڪرندا جيڪي انسان ڪڏھن سوچي به نه ٿو سگھي.” ڪامريڊ اينگلز جا ڏيڍ صدي اڳ چيل اھي لفظ اڄ حقيقت جو روپ ڌاري ھڪ اھڙي ڪيفيت ۾ اسان آڏو نروار ٿيا آھن جيڪو واقعي به اسان ڪڏھن سوچيو نه ھو. اسان جي سامھون مستقبل جو ھڪ اھڙو ڀيانڪ منظر آھي جنھن جي تصور ڪرڻ سان ئي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. سرمائيداري نظام ۾ ھي ترقي جي نالي تي جيڪا فطرت جي بربادي ٿي آھي، ان نه صرف انسانن پر جهنگلي جيوت ۽ آبي حيات جو وجود به خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي. ايتري تائين جو ھن ڌرتي جي گولي تي زندگي جو وجود به خطري ۾ پئجي ويو آھي.
جنھن خطري جي گھنٽي 1896ع ۾ سوئيڊن جي سائنسدان سوانتي ايرينس وڄائي سڀني کي آگاھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته صنعتي انقلاب جي آغاز سان جيڪو فاسل فيول (تيل ۽ ڪوئلو) جو بي دريغ استعمال ڪيو پيو وڃي، کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو ٻيلن جو وڏي پيماني تي خاتمو ڪري زراعت لاءِ زمينون صاف ڪيون پيون وڃن، ان سان ناگزير طور تي ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي. جنھن سان ڌرتي جي مٿاڇري جو گرمي پد وڌي رھيو آھي ۽ مستقبل ۾ اھو ايترو وڌي ويندو جو زندگي جو وجود مشڪل ۾ پئجي ويندو. گھڻو بعد 1988ع ۾ يونائيٽيڊ نيشنز طرفان اھو باقائده تسليم ڪيو ويو ته ماحولياتي تبديلي ھڪ حقيقت آھي. ان کي روڪڻ لاءِ ھڪ سئو پنجاھه سائنسدانن جي گڏجاڻي گھرائي وئي ته جيئن بھتر پاليسيون جوڙي سگھجن. پر ان جو ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگھيو. انھن پاليسين کي لاڳو ڪرڻ، توانائي جا متبادل ذريعا ڳولڻ ۽ ان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ تيل جون ڪمپنيون ھيون. انھن سان گڏ ٻيون تيل جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ بينڪون، انھن سان سلھاڙيل جھازن، آٽوموبائل، اليڪٽرانڪس ۽ ٻين صنعتن جون اجاراداريون آھن، جيڪي نه صرف پنھنجن ڪاروبارن پر رياستن ۽ عالمي ادارن کي به ڪنٽرول ڪن ٿيون.
ھڪ وڏي عرصي کان سائنسدانن جي ڪيل تحقيقن کي منظم انداز ۾ لڪايو ويو، جن ماحولياتي تبديلي جي خطري بابت دنيا کي آگاھه ڪرڻ پئي چاھيو. برطانوي گارڊين اخبار جي رپورٽ مطابق سن 2000ع کان 2010ع تائين ايگزون ۽ شيل جھڙين تيل جي عالمي ڪمپنين ساليانو ھڪ ارب ڊالر مختلف سائنسدانن، اخبارن، ميڊيا ھائوسن ۽ ٻين ادارن کي ان لاءِ ڏنا ته ھو صرف ماحولياتي تبديلي جي خطري خلاف بيانيي کي مضبوط بڻائن ته جيئن ھو تيل جي صنعت ۾ لڳايل پنھنجي سيڙپڪاري کي محفوظ بڻائي سگھن. ان عرصي دؤران اخبارن ۽ ميڊيا تي ماحولياتي تبديلي جي خطري بابت خبرن ۽ مضمونن کي صرف ڏھه سيڪڙو ئي جگھه ملي سگھي. باقي نوي سيڪڙو مضمون ۽ خبرون تيل ڪمپنين جي حق ۾ شايع ٿينديون رھيون. 2015ع ۾ پيرس ۾ ڪلائيميٽ سمٽ ٿيو. جنھن ۾ اھو فيصلو ورتو ويو ته 2050ع تائين ڪاربان جي اخراج کي ٻڙي تائين آندو ويندو. پر ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کان تڪڙو بعد ۾ آمريڪا ان معاھدي کان الڳ ٿي بيھي رھيو آھي. آمريڪا جي رويي خلاف ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان تازو شايع ٿيل رپورٽون مستقبل جو ھڪ ڀيانڪ خاڪو پيش ڪن ٿيون. اڄ دنيا جا سائنسدان ان ڳالھه تي متفق ٿي چڪا آھن ته ھي ڪورونا وائرس واري وبا به ماحولياتي تبديلي جو ئي نتيجو آھي. آفريڪي ملڪن مان پاڪستان ۽ انڊيا جي زراعت کي تباھه ڪندڙ ماڪڙ جا لشڪر به ماحولياتي تبديلي جو نتيجو ڄاڻايا وڃن پيا. موسمي بگاڙ سبب آفريڪا جي ريگستانن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي ڪري ماڪڙ جي افزائش تيزي سان وڌي آھي. ماڪڙ ان ڏڪر سٽيل کنڊ ۾ اربين ڊالرن جو نقصان ڪري چڪي آھي. پاڪستان ۾ به اٺ سئو ارب روپين جو زراعت کي نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. برطانيا جي ھڪ موسمياتي اداري مطابق 2050ع تائين ھر سال اھڙن سامونڊي طوفانن جو سلسلو شروع ٿيندو جيڪي پھرين صدي ۾ صرف ھڪ ڀيرو ئي ٺھندا هئا. 1906ع کان وٺي ڌرتي جي گرمي پد ۾ ڏيڍ ڊگري اضافي سبب انٽارڪٽيڪا جا گليشيئر تيزي سان ڳري رھيا آھن. جنھن ڪري سمنڊ جي سطح ۾ اضافو اچي رھيو آھي. سائنسدانن جو خيال آھي ته ھن صدي جي آخر تائين سمنڊ جي سطح ٻاويھه فوٽن تائين وڌي ويندي، جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو جو دنيا جي ساحلي پٽين تي آباد شھر سمنڊ ۾ اچي ويندا ۽ سٺ کان ستر ڪروڙ جي آبادي عالمي طور تي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيندي. جنھن سان دنيا اندر وڏي پئماني تي معاشي، سماجي ۽ سياسي مسئلا جنم وٺندا. ھڪ ٻئي رپورٽ مطابق پھريان شديد بارشن ۽ پھاڙن تان برف پگھرڻ جي ڪري مھا ٻوڏن کانپوءِ سوڪھڙو ٿيندو ۽ دنيا جي وڏي حصي تي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي. گرمي وڌڻ سان موجودہ دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ زرعي جنسون به ڪم جون نه رھنديون.
يو اين جي رپورٽ مطابق پاڪستان انھن پھرين پنجن ملڪن ۾ شامل آھي جتي ماحولياتي تبديلي ڀيانڪ شڪل ۾ پنھنجو اظھار ڪندي. جيڪڏهن اسان ماحولياتي تبديلي کان اڳ واري صورتحال تي ڳالھايون ته ھتي پھرين ئي ھڪ بري صورتحال آھي. پاڪستان جي اسي سيڪڙو آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناھي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ته اڃان وڌيڪ بري صورتحال آھي. ھتي پنجاسي سيڪڙو بيماريون پيٽ ۽ آنڊي جون آھن. جن جو سبب زھريلو پاڻي آھي. پھرين پاڻي جي کوٽ خلاف ٺٽي ۽ بدين ۾ مظاھرا ٿيندا هئا پر ھاڻي اتر سنڌ ۾ ٿيڻ شروع ٿيا آھن. ڊيمن خلاف مظاھرا صرف سنڌ ۾ ٿيندا هئا، پر ھاڻي آبشارن جي وادي ڪشمير به سراپا احتجاج آھي. 1956ع کان سمنڊ پنجٽيھه لک ايڪڙ زمين پائي چڪو آھي، جنھن ۾ ٺٽي ۽ بدين جي ٻاويھه لک ايڪڙ زرعي زمين به شامل آھي. انڊس ڊيلٽا جيڪو دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آھي، ان کي بچائڻ لاءِ لازمي آھي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ساليانو ڏھه ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏيو وڃي، پر مشڪل سان ان ۾ 0.2 کان 5.8 ملين ايڪڙ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو رھيو آھي، 1960ع تائين جيڪو 60 ملين ايڪڙ فوٽ ڇڏيو ويندو ھو. جنھن ڪري ڊيلٽا ٻيانوي سيڪڙو سڪڙجي چڪو آھي. نتيجي ۾ تمر جي ٻيلن جو تيزي سان خاتمو ٿيو آھي. ان سامونڊي پٽي مان ٻارھن لک جي آبادي اڳ ئي ھجرت ڪري چڪي آھي. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي رپورٽ مطابق 2050ع تائين پاڪستان ۽ ھندوستان جي درياھن جي پاڻي جو اھم ذريعو ھماليا گليشيئر پگھرجي ختم ٿي سگھي ٿو. جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو جو ھن خطي کي سيراب ڪندڙ درياھه سڪي ويندا ۽ خطو بک بدحالي جو شڪار ٿيندو. انڊس ڊيلٽا مڪمل طور تي تباھه ٿيندي ۽ پورو ٺٽو ضلعو سمنڊ جو حصو بڻجي ويندو. 2025ع تائين ڪوئيٽا جو جر سڪي وڃڻ جو پڻ خطرو آھي. مٿي بيان ڪيل منظرنامي جي نتيجي ۾ جيڪا ھتي علاقائي لڏپلاڻ ٿيندي ان جا سياسي ۽ معاشي نتيجا انتھائي اگرا نڪري سگھن ٿا. انھي اڀرندڙ انساني الميي جي پيش نظر نه اسان جي حڪمرانن ۾ اھا صلاحيت آھي ته ان مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطري کي منھن ڏيڻ لاء ڪي اپاءَ وٺن نه ئي ھن نظام ۾. ڪنھن ھڪڙي ملڪ جي وس جي ڳالھه ناھي ته ماحولياتي تبديلي جو مقابلو ڪري سگھي. حقيقت اھا آھي ته ھن نفعي ۽ لالچ تي ٻڌل نظام کي ھلائڻ وارا عالمي اجارادارين جا مالڪ ان بربادي مان به منافعا حاصل ڪرڻ جو سوچي رھيا آھن. گذريل سال جڏھن پوري دنيا جي ھڪ سئو پنجاھه ملڪن جي پنج ھزار جڳھن تي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان مظاھرا ڪيا ويا ته انھن تي آمريڪي صدر ٽرمپ شديد تنقيد ڪئي.
مائيڪ پومپيو ان حد تائين چيو ته ماحولياتي تبديلي جي آجيان ڪرڻ گھرجي، ڇوته ان سان انٽارڪٽيڪا جا ڪنوارا ميدان سرمائيڪاري جا نوان موقعا فراھم ڪندا. انگريز صحافي ميڪينزي فنڪ اڳ ئي 2014ع ۾ windfall: the booming business of global warming نالي ڪتاب لکي سرمائيدارن جي نيتن کي اسان آڏو آشڪار ڪيو. ليکڪ مطابق سرمائيدارن اڳ ئي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ جرمني ۽ فرانس جي ايراضي جيتري زرعي زمين خريد ڪري چڪا آھن. گرم ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ زرعي جنسن ۽ دوائن جا مالڪاڻا حق خريد ڪري چڪا آھن. ان کان پوءِ ويھن جي لڳ ڀڳ اھڙيون صنعتون آھن جيڪي ڌرتي تي گرمي پد وڌڻ سان منافعا بخش ٿي وينديون، جن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سوچيو پيو وڃي.
سرمائيداري نظام جو بنياد ئي نفعي تي آھي. دنيا جي وسيلن تي قابض قوتن کي ان ڳالھه جي پرواهه ناھي ته ھنن جي ڪارخانن مان ھنن جي جھازن مان نڪرندڙ دونھون فطرت ۾ ڪيڏو بگاڙ پيدا ڪري رھيو آھي. ھنن جو پيدا ڪيل پلاسٽڪ ڪيڏي غلاظت پيدا ڪري رھيو آھي. ھنن جي حوس ڪيڏي بک پيدا ڪري رھي آھي. ھنن کي نه ڌرتي سان پيار آھي نه ان تي رھندڙ انسانن سان. ھو منافعا خوري جي حرس ۾ آخري حدن تائين پھچي چڪا آھن جتان بربريت جو ڀيانڪ چھرو واضع ڏسڻ ۾ پيو اچي.
انسان جي بقا صرف فطرت سان ھم آھنگ ٿي رھڻ ۾ آھي. جيئن ڪامريڊ مارڪس چيو ھو ته “فطرت انسان کي پالي ٿي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته فطرت انسان جو جسم آھي. جيڪڏهن انسان پنھنجي بقا چاھي ٿو ته ھن کي مسلسل فطرت سان ڏيتي ليتي ڪرڻي پوندي، ڇو ته انسان فطرت کان الڳ نه بلڪه ان جو ئي حصو آھي.” اڄ انسان جي بقا صرف ۽ صرف سوشلزم ۾ ئي ممڪن آھي. ڇو ته اھو نظام ڪنھن ھڪ يا چند ملٽي نيشنل ڪمپنين جي مفادن جي تحفظ لاءِ ناھي ھوندو پر پوري انسانيت ۽ ان سان گڏ فطرت جي تحفظ لاءِ ھوندو آھي.

Bookmark the permalink.

One Response to ترقي جي نالي تي فطرت جي بربادي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *