Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fdnomn8lsru7t9ukci9c1gk7ko, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
 ترڪيءَ جو اصل هيرو ڪمال اتاترڪ آهي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar  ترڪيءَ جو اصل هيرو ڪمال اتاترڪ آهي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

 ترڪيءَ جو اصل هيرو ڪمال اتاترڪ آهي

اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ هڪ ترڪ ديو مالائي ڪردار ارتغرل بابت ٽي وي ڊرامي جو وڏو هل متل آهي، ترڪيءَ جي تاريخ ۾ ان ڪردار بابت ڪا گھڻي ڄاڻ موجود ناهي پر ان کي مسلمانن جو هڪ وڏو هيرو ڪري اڀاريو ويو آهي. پاڪستان ۾ کوٽي کوٽي مسلمانن جي اهڙن نالن کي هٿ ڪري هيرو بڻايو ويندو آهي، جيڪي يا ته حملي آور ۽ ڦورو هوندا آهن يا وري انهن جي جنگي صلاحيتن جو دٻدٻو ڏيکاري ماڻهن کي ٻڌايو ويندو آهي ته مسلمان ڪيڏا نه بهادر ۽ ويڙهاڪ هئا. اسان جي ڪتابن، ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ جديد معاشرن جا اڏيندڙ ڪڏهن به هيرو ڪري پيش نه ڪيا ويندا آهن.
ترڪيءَ بابت به پاڪستان ۾ اڃان تائين خلافت جي دور وارو رومانس آهي، ترڪيءَ جو هاڻوڪو صدر اردگان به ڪيترن ئي موقعن تي جديد دور ۾ مسلمانن جو خليفو ٿيڻ وارو لاڙو ڏيکاريندو رهيو آهي. البته ترڪيءَ جي اڄوڪي سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جا بنياد مصطفيٰ ڪمال پاشا رکيا جنهن کي اتاترڪ يعني “ترڪن جو ابو” جو لقب ڏنو ويو. ترڪيءَ سان چاهه رکندڙن کي گھرجي ته تاريخ جو اڀياس ڪن جيئن کين خبر پئي ته ترڪيءَ جو اصل هيرو ارتغرل يا اردگان نه پر ڪمال اتاترڪ هو، جنهن جي سڌارن اڄوڪي ترڪيءَ جا بنياد رکيا.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ خلافت عثمانيه ٽڪرا ٿي چڪي هئي ۽ اتاترڪ ان وقت ترڪ فوج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، هن ترڪش نيشنل موومينٽ جي اڳواڻي ڪندي اتحادين کي ترڪيءَ جا ٽڪرا ڪري ورهائڻ جي ڪامياب مزاحمت ڪئي. پهرين نومبر 1922ع تي ترڪش گرانڊ نيشنل اسيمبليءَ پاران سلطنت عثمانيه کي باقاعدي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ترڪ خليفو ملڪ ڇڏي هليو ويو. اڳتي هلي 29 آڪٽوبر 1923ع تي جمهوريه ترڪي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کان اڳ جنوري 1921ع ۾ گرانڊ نيشنل اسيمبلي ترڪيءَ جو 23 آرٽيڪلز تي ٻڌل مختصر آئين منظور ڪري چڪي هئي. ان آئين جو اهم بنياد اهو هيو ته ان ۾ طاقت ۽ اقتدار جو بنياد سلطان کي نه پر عوام کي ڄاڻايو ويو هو. 1924ع ۾ ان آئين کي بدلائي نئون جامع آئين متعارف ڪرايو ويو.
اتاترڪ پاران ترڪيءَ ۾ متعارف ڪرايل سڌارا زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هئا ۽ 1935ع تائين انهن وسيلي ترڪي مڪمل طور تي هڪ سيڪيولر جمهوري رياست ۾ بدلجي چڪو هو. نئين ڍانچي اندر هڪ ايوان واري گرانڊ نيشنل اسيمبلي ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا عهدا متعارف ڪرايا ويا. اسيمبليءَ جي چونڊ سڌيءَ ريت عوام جي ووٽن وسيلي رکي وئي. ان وقت ملڪ اندر اڪيلي سياسي پارٽي “پيپلز پارٽي” هئي، جنهن جو بنياد ڪمال اتاترڪ رکيو هو ۽ ان جو نالو 1924ع ۾ بدلائي ريپبليڪن پيپلز پارٽي رکيو ويو. 1925ع کان 1945ع تائين ملڪ ۾ ان ئي هڪ پارٽيءَ جي حڪومت هئي، جنهن کان پوءِ گھڻ پارٽي چونڊون ٿيون جنهن ۾ پڻ ان کي سوڀ ملي. سلطنت عثمانيه جي دور ۾ مختلف مذهبي برادرين کي پنهنجي مذهبي قانونن هيٺ ٽيڪس اوڳاڙڻ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا اختيار حاصل هئا. مسلمانن ۾ عالمن جو نظام هو، جن ۾ سڀ کان وڏو عهدو شيخ الاسلام هو. اهم شهرن جا قاضي گڏجي هڪ شاهي فرمان هيٺ شيخ الاسلام کي چونڊيندا هئا. شيخ الاسلام کي عوام مٿان اختيار حاصل هو. هو فتويٰ به جاري ڪندو هو ۽ شرعي قانون جي نمائندگي ڪندو هو. اهو سڄو نظام نئين دور ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ترڪي کي سيڪيولر جمهوريه بڻايو ويو. عثمانيه سلطنت کي ختم ڪري عوامي زندگي ۾ مذهبي معاملن کي نبيرڻ لاءِ مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪئي وئي. مذهبي ٿوراين جھڙوڪ آرمينيائي ۽ گريس وارن کي ذاتي دائري ۾ مذهب جي ضمانت ڏني وئي البته ڪنهن به مذهبي برادريءَ کي سماجي دائري ۾ مذهبي حق نه ڏنا ويا هئا (ٻين لفظن ۾ ته مذهب کي سماجي يا رياستي نه پر صرف ذاتي معاملو بڻايو ويو.) مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽوريٽ کي سونپيل ذميوارين ۾ اهو به شامل هو ته ڪي به مذهبي فرد يا گروهه رياست کي سيڪيولر سڃاڻپ کي نه للڪارن.
اتاترڪ پاران آندل سماجي سڌارن ترڪيءَ جي صدين کان جمود جي ور چڙهيل خلافت واري ڍانچي کي بدلائي هڪ جديد روشن خيال ترڪيءَ کي اڳيان آندو. عثمانيه سلطنت جي دور ۾ جنس، عهدي ۽ سول/فوجي ڪرت جي حساب سان لباس جون الڳ علامتون هونديون هيون، جنهن ۾ پٽڪو، ترڪي ٽوپي ۽ زناني ٽوپي شامل هيا. سليمان عاليشان جي دور ۾ انهن لباسن جي نمونن کي سخت ضابطن سان لاڳو ڪيو ويو هو. اهو سڄو سماجي ڍانچو مذهبي اهڃاڻن تي ٻڌل هو. هوريان هوريان انهن اهڃاڻن کي ختم ڪيو ويو ۽ 1923ع جي آئين ۾ انهن روايتي لباسن جي استعمال کي محدود ڪيو ويو. مصطفيٰ ڪمال سڀني کان پهرين سرڪاري ملازمن لاءِ ٽوپلي (Hat) جو استعمال لازمي ڪيو. شاگردن ۽ سرڪاري ملازمن جي باقاعدي لباس لاءِ رهنما اصول جوڙيا ويا. 25 نومبر 1925ع تي پارليامينٽ قانون پاس ڪري ترڪي ڦندڻ واري ٽوپي ختم ڪري ان جي جاءِ تي اولهه واري نموني جو ٽوپلو متعارف ڪرايو. قانون ۾ نقاب يا مٿي ڍڪڻ تي پابندي ته هنئي وئي پر مردن لاءِ پٽڪي ۽ ترڪي ٽوپيءَ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. نصابي ڪتابن ۾ ڏنل چترن ۾ به ٽوپلو ڏيکاريو ويو. 1934ع ۾ هڪ ٻئي قانون وسيلي مذهبي نوعيت جو لباس عباد تگاهن کان ٻاهر پهرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
سلطنت عثمانيه جي دور ۾ قرآن شريف رڳو عربي زبان ۾ هيو. ڪمال اتاترڪ ان جي ترڪي ٻوليءَ ۾ ترجمي لاءِ چيو ته ماڻهو صدين کان اسلام جي پوئواري ڪندي قرآن شريف کي بنا سمجھڻ جي پڙهندا رهيا آهن، تنهن ڪري ترجمي سان ترڪن لاءِ مذهبي هدايتون ترڪي ٻوليءَ ۾ سمجھائي سگھبيون. اڳتي هلي 1935ع ۾ ترڪي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف ڇپيو. مسجدن ۾ ٻانگ پڻ عربي زبان بجاءِ ترڪي ٻوليءَ ۾ متعارف ڪرائي وئي. 18 جولاءِ 1932ع تي سڄي ترڪيءَ جي مسجدن کي ترڪي زبان ۾ ٻانگ ڏيڻ جو پابند بڻايو ويو. اها روايت 18 سالن تائين هلندي رهي ۽ 16 جون 1950ع تي نئين حڪومت جي سربراهه عدنان ميندرس عربيءَ کي مذهبي ٻوليءَ طور بحال ڪيو. عدنان ميندرس 1950ع کان 1960ع تائين ترڪيءَ جو چونڊيل وزيراعظم رهيو. هن جي مذهبي لاڙڻ سبب هن عربيءَ ۾ ٻانگ به بحال ڪئي ۽ هزارين بند ٿيل مسيتون به کولايون. هن هڪ ڀيري تقرير ۾ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن پارليامينٽ کي وڻي ته اها خلافت کي به بحال ڪري سگھي ٿي. ترڪيءَ جي عوام جو هڪ وڏو حصو سندس پاليسين مان ارهو به هو. 27 مئي 1960ع تي فوج جي 37 آفيسرن بغاوت ڪري کيس هٽائي مٿس آئين جي ڀڃڪڙي ۽ استنبول ۾ 57 گريڪ رهواسين جي قتل عام جو ڪيس هلائي کيس ڦاسي ڏئي ڇڏي.
ان کان اڳ اتاترڪ واري دور ۾ نه رڳو ٻانگ ترڪي زبان ۾ شروع ڪئي وئي پر جنهن ترڪيءَ جي گرانڊ نيشنل اسيمبليءَ ۾ مقرر ٿيل امام جو عهدو به اهو چئي ختم ڪري ڇڏيو ته امام مسيتن ۾ هوندا آهن، پارليامينٽ ۾ نه، 25 فيبروري 1925ع تي پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته مذهب کي سياست ۾ اوزار طور استعمال نه ڪيو ويندو.
مصطفيٰ ڪمال سماجي ڍانچي مان هر هنڌ تان توهم پرستي کي ختم ڪيو. سندس چوڻ هو ته توهم پرستي اسلام ۾ به جھليل آهي. هن وهمن جي بنياد تي اسريل طب کي به نيڪالي ڏني. ان لاءِ هن جڙي ٻوٽين وارين دوائن، معجونن، ذهني بيمارين جي روحاني علاج ۽ مذهبي طريقن سان علاج کي بند ڪرايو. پهرين سيپٽمبر 1925ع تي پهرين ترڪش ميڊيڪل ڪانگريس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪمال اتاترڪ پاڻ به شريڪ ٿيو.
هن هر طرح جي مذهبي ۽ روحاني طور طريقن کي ختم ڪرايو. هن عالمن واري سلسلي کي به بند ڪرايو ته صوفي ازم وارين درويشن جي خانقاهن کي به غيرقانوني قرار ڏياريو. سلطنت جي دور ۾ جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن عام موڪل هوندي هئي، جنهن کي بدلائي جمعي جي منجھند کان آچر تائين موڪل مقرر ڪئي وئي. ڪمال اتاترڪ جي اهم سڌارن ۾ عورتن جي حقن، آزادي ۽ ترقيءَ جو عمل به شامل هئا. اتاترڪ عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي اوهان کي اپيل آهي ته اسان لاءِ تعليم جي جنگ کٽڻ ۾ هٿ ونڊايو. ان سان اڄ تائين ملڪ لاءِ اسان جيڪو ڪجھه ڪري سگھيا آهيون، اوهان ان کان به گھڻو وڌيڪ ڪري سگھنديون. هن مردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيستائين هاڻي زائفائون قوم جي سماجي ڪاروهنوار ۾ هٿ نه ونڊائينديون اسان ڪڏهن به مڪمل ترقي حاصل نه ڪري سگھنداسين. سلطنت عثمانيه جي دور ۾ عورتن کي ڪي به سماجي حق حاصل نه هئا. ڪمال اتاترڪ جي سڌارن کان پوءِ انهن لاءِ دنيا بدلجي وئي. 3 اپريل 1930ع تي عورتن کي مڪاني چونڊن ۾ ووٽ جو حق ڏنو ويو. چار سال پوءِ 5 ڊسمبر 1934ع تي قانون سازيءَ وسيلي کين هر سطح تي ووٽ جو حق ڏنو ويو. 1935ع جي چونڊن ۾ پارليامينٽ ۾ 18 زائفائون چونڊجي آيون جڏهن اڃان يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن کي ووٽ جو حق به مليل نه هو.
ترڪيءَ جي قانون وسيلي عورتن جي حقن کي ايترو سگھارو ڪيو ويو جو مردن جيان عورتن کي به طلاق جو برابر حق ڏنو ويو. عثمانيه سلطنت جي دور ۾ مرد کي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي اجازت هئي، جنهنکي سڌارن کان پوءِ ڏوهه قرار ڏنو ويو. غيرقانوني طور وڌيڪ شاديون ڪرڻ کي ٻن سالن تائين ٽيپ جي سزا رکي وئي. عورتن کي ملڪيت ۾ مرد جي حصي جي اڌ ڏيڻ بجاءِ عورتن کي برابر جو حصو ڏنو ويو. اتاترڪ جي سڌارن سان عورتن کي ڪم ڪرڻ ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ همٿايو ويو. 1920ع کان 1938ع جي وچ ۾ يونيورسٽي گريجوئيشن ۾ عورت جو حصو ڏهه سيڪڙو تائين پهچي ويو. 1930ع ۾ پهرين عورت جج مقرر ڪئي وئي. اتاترڪ جي حڪومت اتساهيندڙ عورتن کي قوم جي مائرن جو لقب ڏنو ويو. خلافت جي دور ۾ هلندڙ هجري ۽ رومي ڪئلينڊر کي 1925ع ۾ ختم ڪري جديد ڪئليندر متعارف ڪرايو ويو، وقت، فاصلي ۽ ماپ طور جا آڳاٽا طريقا ختم ڪري جديد پيمانا اختيار ڪيا ويا.
اتاترڪ جي دور ۾ تعليمي سڌارا به متعارف ڪرايا ويا. عثمانيه سلطنت جي دور ۾ عربي ۾ قرآن پڙهائڻ ۽ برزبان ياد ڪرڻ وارا مدرسا ۽ ڪجھه جديد تعليم وارا ڪاليج هئا. اتاترڪ عام تعليم کي هر ڪنهن تائين پهچ جوڳو بڻايو. 1923ع کان 1938ع جي وچ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ 342،000 مان وڌي 765،000 ٿي ويو. مڊل اسڪول تائين پهچندڙن جو انگ ڇهه هزار مان وڌي 74 هزار ٿي ويو ۽ هاءِ اسڪول جي شاگردن جو انگ 12 سئو مان وڌي 21 هزار ٿي ويو. 1924ع ۾ گڏيل تعليمي سلسلو شروع ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هڪ ٻئي جي اسڪولن ۾ داخلا جو حق ڏنو ويو. 1928ع ۾ ٻولي ڪميشن وسيلي ترڪي ٻوليءَ ۾ الفابيٽ جوڙائي وئي ۽ 1929ع ۾ ان کي لاڳو ڪيو ويو. 11 نومبر 1928ع تي 16 کان 30 سالن جي ڄمار وارن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پرائمري تعليم لازمي قرار ڏئي ان لاءِ بندوبست ڪيا ويا. اتاترڪ پاڻ ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ پڙهائڻ ويندو هو. ان لاءِ 1928ع ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ڪلاس ٺهرايا ويا ۽ ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن تعليم حاصل ڪئي. تعليمي نصاب مان مذهبي اثر ختم ڪري ان کي سيڪيولر ڪيو ويو.
ساڳيءَ طرح اتاترڪ صنعتي ۽ مالياتي سڌارا پڻ متعارف ڪرايا. 1931ع ۾ ترڪي جي مرڪزي بئنڪ (اسٽيٽ بئنڪ) قائم ڪئي وئي.
اڄوڪي دور جي ترڪيءَ جي انهن حاصلاتن کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام کي ڪمال اتاترڪ جي ڪارنامن بابت ڄاڻ ڏجي، پر اسان جي حڪمرانن کي جنگي هيروز کي عام ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي تنهن ڪري هو ارتغرل جا ڊراما عام ڪرائين ٿا پر ڪمال اتاترڪ جي سڌارن بابت عوام کي نه ٻڌائيندا متان هتي به عوام اهڙن سڌارن جو مطالبو نه ڪرڻ لڳي.

Bookmark the permalink.

2 Responses to  ترڪيءَ جو اصل هيرو ڪمال اتاترڪ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *