Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_a86u71hpq885897ahg4hqephl0, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تعليم، صحت ۽ حوصلا افزائي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تعليم، صحت ۽ حوصلا افزائي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

تعليم، صحت ۽ حوصلا افزائي

ترقي يافتا ملڪن جون درسگاهون نه صرف تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيون آهن پر ان سان گڏ تحقيق تي به وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيون آهن. انهن درسگاهن ۾ تعليم، تحقيق ۽ مارڪيٽ/انڊسٽريز اهڙي طريقي سان ڳنڍيل  آهن جن جو سڌو سنئون نتيجو معاشري ۾ نظر اچي ٿو. انهن درسگاهن ۾ جيڪا تحقيق ٿئي ٿي، ميڊيا ۾ ان تحقيق جا چرچا ٿين ٿا ۽ گڏوگڏ جنهن اسڪالر يا محقق اها تحقيق ڪئي آهي انهن جا انٽرويوز اچن ٿا، جنهن ۾ تحقيق جا ڪارڻ کولي بيان ڪيا وڃن ٿا جنهن جو اهو فائدو ٿئي ٿو ته نه صرف ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو پر نون محققن کي به هڪ گائيڊلائن ملي ٿي. مون جنهن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي پئي ڪئي، ان يونيورسٽي جي زراعت جي شعبي جي هڪ اسڪالر Olive مان ڪينسر جي علاج تي تحقيق ڪئي هئي ۽ اها تحقيق هڪ ڪامياب تحقيق ثابت ٿي ۽ پوءِ نه صرف يونيورسٽي انظاميا پر اتان جي مقامي ميڊيا ۾ ان اسڪالر ۽ پروفيسر جو سڌو سنئون  انٽريو ورتو ويو جتي نون ايندڙ محققن ڪافي سوال جواب ڪيا پر عام ماڻهو جنهن جو ظاهري تعلق زراعت سان نه هو انهن کي به خبر پئي ته ڪا نئين تحقيق ٿي آهي ۽ ان جا ڪهڙا فائدا آهن ۽ پوءِ مارڪيٽ مان به ڪيتريون ئي آڇون پڻ ٿيون. انهن درسگاهن ۾ هڪ حوصلا افزائي جو نظام پيدا ڪيو ويو آهي جنهن کي رياست به پوري پٺڀرائي ڪري ٿي. مثال طور سٺي ڪم کي Exposure  ڏيڻ ۽ مارڪيٽ ۾ Localize ڪرڻ ۽ سٺي ڪم ڪرڻ واري ماڻهو جي مختلف فورمن تي همت افزائي ڪرڻ.
هڪ ٻيو اهم پاسو اهو آهي ته ترقي يافتا ملڪن ۾ تعليم صرف هڪ سٺي نوڪري يا روزگار وٺڻ جي لاءِ ناهي ورتي ويندي ڇاڪاڻ ته انهن جي روزي روٽي رياست جو ذمو آهي. اتي تعليم گهڻي ڀاڱي ڄاڻ ۽ علم جي لاءِ ورتي ويندي آهي ۽ ان جي ڪري اتي جو ماڻهو پنهنجي سبجيڪٽ ۽ Skill جي چونڊ کلي نموني ڪري ٿو. انهن ملڪن جو ٻار تمام شروعاتي عمر ۾ اهو فيصلو ڪري وٺندو آهي ته هو ڪهڙي شعبي ۽ ڪهڙي هنر سکڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ايئن ئي هو پنهنجو پاڻ کي Focused رکن ٿا جنهن جو لاڀ اهو آهي ته اڄ اهي ملڪ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. هاڻي اچون ٿا اسان پنهنجي ملڪ جي تعليمي نظام تي خاص ڪري سنڌ جي درسگاهن تي، ڏٺو وڃي ته وس آهر اسان جون درسگاهون به ڪوششون ڪري رهيون آهن. رياست به اٽي ۾ لوڻ برابر ڪردار ادا ڪري پئي پر چوندا آهن ته “اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي” يعني ڪجهه جهول آهن. اسان جو ٻار تعليم فقط ڄاڻ جي لاءِ نه پر نوڪري ۽ روزگار جي لاءِ وٺي ٿو ۽ نتيجي طور ان سبجيڪٽ جي چونڊ ڪري ٿو جيڪو گهڻي ڀاڱي مائٽن جي خواهش مطابق هوندو آهي جنهن جي مدد سان جلد کان جلد روزگار ملي،پوءِ ڀلي ان ٻار جو اهو پسنديده سبجيڪٽ نه هجي، مثال طور ڪجهه وقت ئي اڳ ۾ ميڊيڪل جي هڪ شاگرد خودڪشي ڪري ڇڏي. خبرن موجب ان ٽئين سال ۾ پڙهندڙ ٻار جو پسنديده سبجيڪٽ ميڊيڪل نه هئو. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ان شاگرد جي Career Counselling  ٿي هئي. ڇا اسان وٽ ڪو اهڙو پختو نطام آهي يقينن نه، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته اهو شاگرد ميڊيڪل جي چونڊ نه ڪري ها، جنهن سبجيڪٽ ۾ هو شروع کان interested ئي نه هو ۽ نه وري پنهنجي زندگي تان هٿ کڻي ها. هاڻي ان ڳالهه جو ڏوهي ڪنهن کي ڪجي اهو هڪ سوال آهي. بدقسمتي سان اسان وٽ حوصلا افزائي جو رجحان به ڪجهه گهڻو متاثر ڪندڙ نه آهي. مثال طور آئون پنهنجي ڳالهه ڪنديس ته آئون انتظامي شعبي ۾ ڪم ڪندي آهيان ۽ مون کي Ph.D ڪرڻ جي چاهه هئي پر اسان وٽ اهو رواج آهي ته گهڻي ڀاڱي Ph.D انهن کي ڪرڻ گهرجي جن جو تعلق Academics  يعني درس ۽ تدريس سان هجي. Ph.D ڪرڻ کانپوءِ حوصلا افزائي به گهڻي ڀاڱي انهن جي ڪئي ٿي وڃي، جيڪي درس و تدريس سان وابسته آهن.مثال طور جيئن ئي Ph.D پوري ڪندا آهن ته انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ انهن کي اپگريڊ ڪيو ويندو آهي پر ايڊمنسٽريشن ۾ ڪم ڪندڙن کي اپ گريڊ نه ڪيو ويندو آهي ڇو جو اهو پريڪٽس ۾ ئي نه رهيو آهي. هاڻي اهو سوال ڪري سگهجي ٿو ته حوصلا افزائي ته سڀني لاءِ ساڳي هجڻ گهرجي بغير ڪنهن امتياز ۽ فرق جي. جيئن گهڻائي اهڙاشاگردخودڪشيءَ کان بچائي سگهجن. اسان جو معاشرو ڏينهون ڏينهن بي حسي ڏانهن پيو وڃي. اسان وٽ غير يقيني ۽ بي اعتباري وارو ماحول وڌي پيو، ان کي روڪڻ جي لاءِ اسان کي مثبت ٿيڻو پوندو ۽ مثبت قدم کڻڻا پوندا جنهن جو بنيادي جز تعليم آهي ۽ ان جي لاءِ درسگاهن ۽ رياست کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي جيئن هڪ ڏاهي چيو آهي: “Education must not simply teach work- it must teach life” هونئن به ڪامياب معاشري کي پرکڻ لاءِ جن بنيادي معيارن جو هجڻ لازمي هوندو آهي اهي آهن تعليم ۽ صحت، جيڪي بنيادي سهولتون پڻ آهن. تعليم ۽ صحت ڪنهن به ماڻهو جي اڻٽر ضرورتن مان هڪ هجن ٿيون.
ڪجهه وقت اڳي اهڙي هڪ تجربي مان گذر ٿيو جو صحت جي سهولتن کي ويجهڙائي سان پرکڻ جو نه صرف موقعو مليو پر خبر پئي ته انسانيت جو اصل مقصد ڇا هوندو آهي ۽ انسانيت هوندي ڇا آهي ۽ مختلف معاشرن ۾ انسانذات جي ڇا قدر قيمت آهي. مون کي ٻين صوبن جي صحت جي سهولتن جي گهڻي ڄاڻ ته نه آهي پر منهنجي سنڌ ۾ جيڪو مون تي وهيو ۽ واپريو اهو هڪ ڇرڪائيندڙ تجربو رهيو. هڪ ڀيري ڊاڪٽر جي هدايت موجب مون کي MRI ڪرائڻ لاءِ چيو ويو جيڪو اعليٰ خانگي اسپتال ۾ ٿيڻو هو سو پنهنجي فيملي جي ڊاڪٽر جو فائدو وٺندي ان کي ساڻ ڪري اسپتال روانا ٿيا سين جتي ڊاڪٽر جي اپائنٽمينٽ کان وٺي ويندي MRI ٿيڻ ۽ وري ڊاڪٽر کي رپورٽ ڏيکارڻ جي مرحلي تائين بس اهو محسوس پئي ٿيو ته سنڌ ۾ ڄڻ بيماري/مرض هڪ اعليٰ ڪلاس جو ڪاروبار ٿي پيو آهي. رڳو هڪ MRI جي قيمت چاليهه هزار کن هئي، سرڪاري صحت جي ادارن جو ته حال برو آهي ئي آهي جو اتي جيڪو مريضن سان حشر ڪيو ٿو وڃي اهو هڪ الڳ داستان آهي پر ملڪ جا سڀ کان وڏا خانگي صحت جا ادارا پڻ ڳاٽي ٽوڙ فيسون وٺڻ باوجود ڊاڪٽرن توڙي عملي سميت هڪ غير تربيت يافتا ۽ پروفيشنل ورتاءُ کان وانجهيل اسٽاف سان ڀريل ٿا نظر اچن، ان جي ابتڙ ترقي يافتا ملڪن ۾ ڊاڪٽر ۽ مريض جو رشتو مسيحائي ۽ اعتبار وارو هجي ٿو، مثال طور اتي توهان فون يا آنلائن ڊاڪٽر جي اپائنٽمينٽ وٺي سگهو ٿا، ان کانپوءِ جڏهن توهان چڪاس لاءِ ڊاڪٽر وٽ وڃو ٿا ته پهريان ئي استقباليه ڪائونٽر تي ويٺل عملو توهان کان توهان جي اپائنٽمينٽ بابت تصديق ڪري پوءِ اوهان کي هڪ فارم ڀري ڏيڻ لاءِ هڪ پرسڪون waiting area ۾ ويهاري فارم ڀرڻ لاءِ وقت ڏيندو جنهن ۾ مريض جي باري ۾ معلومات ڏيڻي هوندي آهي ۽ پوءِ ڀريل فارم استقباليه عملي کي جمع ڪرائبو آهي. ڪجهه ئي دير ۾ ڊاڪٽر پاڻ توهان جو نالو وٺي توهان کي پنهنجي چڪاس واري ڪمري ۾ وٺي ويندو. تمام گهڻي آرام ۽ سڪون سان هر هڪ شئي پڇڻ ۽ ٻڌائڻ کانپوءِ ڊاڪٽر توهان کي پنهنجو پلان ٻڌائيندو جنهن ۾ مرض، دوا مطلب ته توهان جي بيماري توهان کي ئي ٻڌائي ۽ سمجهائي ويندي پوءِ ڇو نه ان تفصيل ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳي وڃن جيستائين مريض مطمئن نه ٿي وڃي. پر جڏهن توهان بيماري جي نوعيت کي مدنظر رکندي اسپتال ۾ داخل ٿي وڃو ته پوءِ ڄڻ اسپتال ۾ ايندڙ ويندڙ اسٽاف، نرسون ۽ ڊاڪٽر پنهنجي پنهنجي فرضن دوران توهان جو ايئن خيال رکندا جو ڄڻ توهان انهن جي گهر جا ڀاتي آهيو ۽ تمام گهڻي خوش اخلاقي سان پيش ايندا جو توهان جي ڄڻ اڌ پريشاني ختم ٿيو وڃي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي معاشري ۾ انسانيت جو عنصر ڏينهون ڏينهن غائب ٿيندو پيو وڃي ۽ان جي ڪري ئي چوڌاري stress ۽ پريشاني گهڻي نظر اچي ٿي. مڃون ٿا ته اسان ترقي يافتا ملڪن جي مقابلي ۾ نٿا اچون چاهي صحت هجي يا تعليم پر ڪجهه شيون ته اسان انسان جي حيثيت ۾ بهتر ڪري سگهون ٿا. مالي طور تي نه صحيح پر اخلاقي طور ته هڪ ٻئي جو ساٿ ڏئي سگهون ٿا. اچو ته هاڪاري سوچ جا نعرا بلند ڪيون. Let’s grow & let’s grow our work place.
)ليکڪا ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو آهي.)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *