Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_98ltp5blqqboaci13oksichlhh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تعليمي ادارا ۽ ڪورونا ايس او پيز - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تعليمي ادارا ۽ ڪورونا ايس او پيز - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

تعليمي ادارا ۽ ڪورونا ايس او پيز

تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني مختلف وقتن تي پريس ڪانفرنس ۾ ٻارڙن جي زندگي اهم ھجڻ جي ڳالھه ڪندو رھيو آھي، پر ڳالھين کي پاسي تي رکي جيڪڏھن ڏسجي ته واقعي ئي سنڌ حڪومت ان ڳالھه تي سنجيدگي سان ڪي قدم کنيا آھن، جيڪڏھن تعليم کاتي جي سرڪاري اسڪولن جي عمارتن توڙي اتي موجود سھولتن جي ڳالھه ڪنداسين ته نتيجو زيرو نڪرندو، ڇو جو وڏي تعداد ۾ سنڌ اندر اسڪول بند آھن، ڪافي اسڪولن کي ديوارون ناھن، پاڻي جي سھولت ناھي، واش رومز جون سھولتون ناھن.
سنڌ حڪومت جي مانيٽرنگ اينڊ ايوليشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ جوڙيل ايس او پيز تي عمل درآمد جي حوالي سان ھڪ رپورٽ جاري ڪئي آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ جي 2108 تعليمي ادارن جو دورو ڪيو ويو. ڪورونا ڪيس ظاھر ٿيڻ تي 46 اسڪول بند ڪيا ويا آھن، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ايس او پيز کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اڪثر اسڪولن ۾ نه سماجي مفاصلي واري ھدايت تي عمل ٿي رھيو آھي ۽ نه ئي وري ماسڪ جو استعمال ڪيو پيو وڃي، اسڪول انتظاميا مٿان لازمي قرار ڏنل سينيٽائيزر به اسڪولن ۾ موجود ناھي، ڪلاس رومز ۽ واش رومز ۾ صفائي جو به مسئلو نظر آيو، 20 ڏينھن دوران 64 ھزار کان وڌيڪ ڪورونا ٽيسٽ لاءِ سيمپلز ورتا ويا، حاصل ڪيل رپورٽس مان 380 شاگردن ۽ استادن ۾ ڪورونا جا نتيجا مثبت آيا آھن، 54 ھزار ٽيسٽن جا نتيجا اچڻ باقي آھي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته پازيٽو ڪيسن جي اڪثريت ڪراچي جي آھي، ڪورونا ٽيسٽ رپورٽس اچڻ کان پوءِ ڪراچي جي چئن ضلعن ۾ 35 اسڪول بند ڪيا ويا. مانيٽرنگ اينڊ ايوليشن ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان جاري رپورٽ ۾ ڪورونا ڦھلجڻ جو خدشو پڻ ظاھر ڪيو ويو آھي. مجموعي طور سنڌ جي 29 ضلعن ۾ 2108 اسڪولن جو وزٽ ڪيو ويو جن مان 1733 اسڪول کليل ھئا ۽ 375 اسڪول بند ھئا. وزٽ ڪيل اسڪولن ۾ ڪورونا متعلق جاڳرتا بينر صرف 381 اسڪولن ۾ لڳل ھئا جڏھن ته 1352 اسڪولن ۾ ڪورونا متعلق جاڳرتا، آگاھي لاءِ بينر ئي لڳل نه ھئا. جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته وزٽ ڪيل 21 سو کان وڌيڪ اسڪولن مان 1039 اسڪولن ۾ ھٿ ڌوئڻ، سينيٽائرز جي سھولت نه ھئي، 1204 واش رومن ۽ 807 ڪلاس رومز جي صفائي نه ھئي. 857 اسڪولن ۾ سماجي مفاصلي واري ھدايتن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو. 394 اسڪولن ۾ استادن، عملي ۽ 695 اسڪولن ۾ شاگردن کي ماسڪ ئي نه پھريل ھئا.
مجموعي صورتحال جي ڳالھه ڪجي ته ڪورونا وائرس جي گھٽجڻ کانپوءِ سنڌ اندر 44984 اسڪول کليل آھن، جن مان 32452 سرڪاري، 12530 پرائيويٽ اسڪول شامل آھن، ڪورونا جي ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ تي ڪو به نجي اسڪولن مان رڳو ڪراچي سائوٿ جو ھڪ اسڪول بند ڪيو ويو آھي. جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا مثبت اچڻ تي سرڪاري 46 اسڪول بند ڪيا ويا آھن، بند ڪيل اسڪولن ۾ ھڪ اسڪول حيدرآباد، 21 ڪراچي سينٽرل، ھڪ ڪراچي ايسٽ، 6 ڪورنگي، 2 ملير، 7 ڪراچي ويسٽ، ٿرپارڪر ۾ 6 ۽ ٺٽو جو ھڪ اسڪول شامل آھي، ڊائريڪٽوريٽ آف جنرل ھيلٿ سروسز سنڌ طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب اسڪولن مان 20 ڏينھن اندر استادن، عملي ۽ شاگردن جا 64827 ڪورونا ٽيسٽ جي لاءِ سيمپل ورتا ويا، جن مان 380 پازيٽو ڪيس سامھون آيا، جڏھن ته 54199 ٽيسٽ نيگيٽو آيا آھن. ڪورونا جا نتيجا پازيٽو آيل ضلعن جي انگ اکر موجب ڪراچي ايسٽ ۾ 69، ڪراچي ويسٽ ۾ 10، ڪراچي سائوٿ ۾ 32، ڪراچي سينٽرل ۾ 59، ڪورنگي ۾ 60، ڪراچي ملير ۾ 7، حيدرآباد ۾ 9، بدين ۾ 24، سجاول ۾ 2، ڄامشورو ۾ 40، ٽنڊو الھيار ۾ 2، ٺٽو ۾ 2، مٽياري ۾ 11، ٽنڊو محمدخان ۾ 3، ٿرپارڪر ۾ 17، عمرڪوٽ ۾ ھڪ، سکر ۾ 10، گھوٽڪي ۾ 2، خيرپور ۾ 6، جيڪب آباد ۾ 2، شڪارپور ۾ 3، قمبر ۾ ھڪ، شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ، سانگھڙ ۾ 6 ۽ نوشھروفيروز ۾ ھڪ ڪورونا جو ڪيس سامھون آيو آھي. جاري ڪيل رپورٽ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ طئي ڪيل ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ صوبائي حڪومت، ڊويزنل توڙي ضلعي انتظاميا سنجيدا ناھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *