Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_si8eb7gm3uqpps238q8qh1fali, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟

اھا سنڌ جي بدقسمتي آھي جو 20 سيڪڙو سنڌ جي بجيٽ جي استعمال ٿيڻ کان پوءِ به سنڌ جي تعليم واري صورتحال ڪافي خراب آھي، اھا خراب صورتحال وري عالمي وبا ڪورونا ويتر خراب ڪري ڇڏي آھي، ڇو ته دنيا ۾ عالمي وبا جي صورتحال ۾ به ٻارن جي آن لائن واري تعليم جاري رھي ۽ ٻار پنھنجي ڪتابن سان مشغول رھيا ۽ سنڌ ۾ به ڪ جھه پرائيويٽ اسڪول آن لائين تعليم ڏيندا رھيا آھن پر سرڪاري اسڪول جيڪي پنھنجي بنيادي سھولتن کان محروم آھن آئن لائن تعليم ذري گھٽ نامڪمن ھئي ڇو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ جتي اڃان صاف پاڻي ۽ بجلي، واش روم جھڙيون بنيادي سھولتون اڌ کان وڌيڪ اسڪولن ۾ موجود نه آھن اتي ڀلا فور جي ۽ ٽيبليٽ جي ٻارن کي سھولت ڪيئن اميد ڪري سگھجي ٿي ۽ ايترا ته شايد سنڌ حڪومت وٽ وسيلا به نه آھن ۽ انجو اھو نقصان ٿيو جو سرڪاري اسڪولن جا ٻار ذري گھٽ ڪتابن کان پري رھيا آھن ۽ ھاڻي تعليم کاتي لاءِ تمام وڏو چئليج ھوندو جو ٻارن ۾ ھڪ دفعو وري ڪتابن سان دلچسپي پيدا ڪن . ھن وڏي چئليج کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪجھه تجويزون تعليم کاتي لاءِ رکجن ٿيون ۽ اميد ته ان طرف حڪومت ڌيان ڏيندي.
ھن وقت اسڪولن ۾ استادن جي وڏي کوٽ آھي، استاد ذري گھٽ 40 سيڪڙو وڃي بچيا باقي استاد رٽائرڊ ٿي چڪا آھن يا رٽائرڊ ٿيڻ وارا آھن انڪري استادن جي کوٽ کي جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. استادن جي ڀرتي لاءِ سنڌ حڪومت تياري ڪري رھي آھي ان کي تجويز ڏجي ٿي ته معياري استاد ڀرتي ڪيا وڃن ۽ معياري استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ استادن جي ڀرتي واري پاليسي کي تبديل ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ سنڌ ۾ جيڪي گريجوئيٽ ۽ ماسٽر ڊگريون رکن ٿا انھن سڀني کي موقعو ڏنو وڃي ته اھي اپلائي ڪن ۽ بھترين استاد ڀرتي ڪيا وڃن. بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي شرط کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته بي ايڊ ۽ ايم ايڊ گھڻو ڪري اھي شاگرد ڪندا آھن جيڪي آرٽ سائيڊ کان اچن ٿا ۽ جيڪي ريگيولر يونيورسٽين ۾ پڙھن ٿا انھن جي ترجيح بي ايڊ ۽ ايم ايڊ نه ھوندي آھي ھڪ ته چار سال گريجويشن ۽ ٻه سال ٻيا ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ شاگرد ٿڪجي پوندا آھن اھي وري ٻه سال بي ايڊ يا چار سال ماسٽر بيروزگاري ۾ نه ڪندا آھن مگر انھن ۾ تعليمي صلاحيت آرٽ يا ڪامرس شاگردن کان وڌيڪ ھوندي آھي ڇو ته آرٽ ۽ ڪامرس وارا شاگرد ريگيولر ڪلاس اٽينڊ ڪندا آھن نه وري ڪتابن سان انھن جي دلچسپي ھوندي آھي انھن جو گھڻو ڪري رڳو ڊگري وٺڻ جو شوق ھوندو جيڪي ھو پورو ڪندا آھن.
ٻيو جيڪو وڏو مسئلو آھي ته سنڌ جا ذري گھٽ 66 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن ان جا الاھي سبب آھن مگر ھڪ وڏو سبب سنڌ ۾ پوسٽ پرائمري اسڪولن جي تمام وڏي کوٽ آھي ان جو اندازو توھان سنڌ جي اسڪولن واري ھيٺ ڏنل انگن اکرن مان ڪري سگھو ٿا.
پرائمري اسڪولن جو تعداد 38132
مڊل اسڪولن جو تعداد 2244
ھاءِ اسڪولن جو ڪل تعداد 1719
اوھان ٿورو اندازو لڳايو ته اسان وٽ 38132 اسڪول آھن ۽ ان ۾ ذري گھٽ 40 لک ٻار داخل آھن مگر اھي ٻار جڏھن پرائمري پاس ڪن ٿا، گھڻا ٻار مڊل يا ھاءِ اسڪول نه ھجڻ جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگھندا آھن ۽ مائٽ جيڪي سمجھن ٿا ته پرائمري اسڪول کان پوءِ تعليم آھي ڪونه ۽ اگر آھي ته اھا ڳوٺ کان پري آھي ۽ ان جو روزانو ڀاڙو ڏيڻو پوندو انڪري نوان پوسٽ پرائمري اسڪول کولڻ جي سخت ضرورت آھي مگر اھي اسڪول ٻھراڙي وارن علائقن ۾ کوليا وڃن جتي مڊل يا ھاءِ اسڪول موجود نه آھن، ٿرپارڪر، بدين ، سجاول، قمبر شھدادڪوٽ، سانگھڙ ۽ جيڪب آباد، ڪشمور ۽ ملير جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ نوان اسڪول کوليا وڃن.
سنڌ جي اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن جن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن کي ترجيح ڏني وڃي. ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ اگر واش روم نه آھي يا وري صاف پاڻي جي سھولت نه آھي ان کي جلد از جلد پورو ڪيو وڃي ۽ فرنيچر جي اسڪولن ۾ کوٽ آھي انکي جلد پورو ڪيو وڃي.
ھر سال نئين داخلا جي نالي تي لکين رپيا خرچ ڪيا ويندا آھن، انھي پئسي سان اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن. اگر اسڪولن ۾ بئنچون نه ھونديون ته نوان ٻار ڪٿي ويھي سگھندا، تنھنڪري نئين داخلا جي مھم کان پھرين اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.
اسڪولن ۾ موڪلون ڪافي ٿي چڪيون ھاڻي ھر ننڍي بھاني تي اسڪولن کي موڪل نه ڏني وڃي.
امتحان جو طريقو تبديل ڪيو وڃي ان لاءِ ھاڻي کان ئي ڪم شروع ڪيو وڃي، رٽي وارو تعليمي نظام ۾ ڪاپي جو ختم ٿيڻ ناممڪن آھي انڪري ايم سي قيوز ٽائيپ امتحان ورتو وڃي جيڪو پوري دنيا ۾ رائج آھي.
بورڊن جي ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي ۽ امتحان جي رزلٽ شفاف بڻائي وڃي، ٻيھر ڳڻپ سان گڏ ٻيھر چيڪ ڪرائڻ جو به شاگردن کي حق ڏنو وڃي.
تعليم جي سيڪريٽري کي گھٽ ۾ گھٽ پنج سالن تائين بدلي نه ڪيو وڃي جيئن پاليسي جو تسلسل ھلي سگھي.سنڌ ۾ تعليم جي بھتري لاءِ غريب ۽ ذھين شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو بندوبست ڪيو وڃي جيئن ھو پنھنجي پوري تعليم حاصل ڪري سگھي.
سنڌ ۾ جيترا به سبجيٽ اسپيشلسٽ ٻين پوسٽن تي لڳل آھن انھن کي فورن پنھنجي اسڪول ۾ موڪليو وڃي جيئن سائنس جي استادن جو پورائو ٿي سگھي.صوبائي ٽريننگ واري اداري پائٽ جي مڪمل اورھالنگ ڪئي وڃي جتي مسلسل استادن جي ٽريننگ ھلندي رھي. 45 سال کان مٿي وارن استادن جي ٽريننگ تي ڪو به خرچ نه ڪيو وڃي ۽ نوجوان استادن جي ٽريننگ ڪئي وڃي.
جيڪڏهن ممڪن ٿي سگھي ته استادن جي بھترين پرفارمنس تي ايوارڊ ڏنا وڃن
جيڪڏهن مٿين تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ته اسين پنھنجي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائي سگھون ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *