تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

تعليم کاتي جو سياسي رشوت طور استعمال ڪڏهن بند ٿيندو ؟

ڪنهن به معاشري جي اڳتي وڌڻ جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ذريعو تعليم آهي،پر اسان جهڙن معاشرن جي بدقسمتي آهي ته ڪنهن به دور ۾ يا ڪنهن به حڪومت جي اوليت تعليم ناهي رهي سدائين ان کاتي کي سياسي بنيادن تي رشوت طور استعمال ڪيو ويو آهي پوءِ اهي تعليم کاتي ۾ نوڪريون هجن يا ڪنهن علائقي ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جي منظوري،اهي سڀ سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ سڄي سنڌ ۾ ٻين ماڻهن کي ته ڇڏيو ڪو سرڪاري استاد به پنهنجي ٻار کي پنهنجي ئي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان لنوائي ٿو نه ته اهي ئي سرڪاري اسڪول هئا جڏهن اڃان تعليم کاتي کي سياسي رشوت طور استعمال ڪرڻ جي عادت نه پئي هئي ته اهڙا اهڙا ماڻهو اتان پڙهي نڪتا جن نه رڳو اڳتي هلي سماج جي سڌارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ سرڪاري اسڪولن مان ملندڙ تعليم ذريعي ئي اعليٰ مقام به ماڻيو .
سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه تعليم واري وزير سوالن جا جواب ڏيندي جيڪا تعليم کاتي جي تصوير پيش ڪئي اها تصوير ئي گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي جي ڪارڪردگي ۽ دعوائن تي ئي سوال اٿاري رهي آهي.تعليم واري وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته 5 هزار اسڪول اهڙا آهن جن ۾ هڪ به شاگرد داخل ناهي ۽ اهي اسڪول سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا۽ اهي بوگس آهن ،انهي کانسواءِ تعليم واري وزير اهو به ٻڌايو ته اڳ ۾ استادن جون ڀرتيون بلينڪ آرڊرس تي ڪيون وينديون هيون .صوبائي وزير انهي سان گڏ تعليم کاتي بابت ٻين به کوڙ سوالن جا جواب ڏنا جن تي تفصيل سان ڳالهائجي ۽ سوچجي ته سوال اهو ٿو ٿئي ته 15 سال ساڳي پارٽي جي حڪومت هوندي به اڄ تائين اهي ساڳيا مسئلا ڇو تعليم کاتي آڏو آهن.؟ ان جو ته سڌو مطلب اهو ٿو نڪري ته تعليم کاتي پنهنجي اندر پيدا ٿيل خرابين يا کاتي کي سياسي رشوت طور استعمال ڪرڻ واري بيماري کي ختم ڪرڻ بدران هٿي پئي ڏني آهي. جيڪڏهن سوچجي ته جيڪي 5 هزار اسڪول قائم ڪيا ويا ان تي سنڌ حڪومت جا ڪيترا پئسا خرچ ٿيا هوندا؟ جيڪي پئسا سنڌ جي مستقبل تي خرچ ڪرڻا هئا، اهي وڏيرن جي اوطاقون ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا يا اهي عمارتون واڙن طور استعمال ٿيون جتي ڍڳا ڍور ٻڌا ويا پر 15 سالن کان حڪومت ڪندڙ پارٽي جو وزير هاڻي ٿو ٻڌائي ته 5 هزار اسڪول سياسي بنيادن تي بوگس طور ٺاهيا ويا. اهي اسڪول ڪنهن ٺاهيا ڪنهن جي دور ۾ قائم ڪياويا، عوامي پئسو ۽ اهو به تعليم جي مد جو پئسو ايئن زيان ڪرڻ تي ڪنهن کان به نه پڇاڻو ڪيوويو نه ئي ڪا ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ٿي جنهن جو مطلب ته هاڻوڪي سنڌ سرڪار به اوتري ئي ذميوار آهي. انهي کانسواءِ استادن جي بلينڪ آرڊرس تي ڀرتين واري اعتراف تي طوفان مچڻ گهرجي ها پر صوبائي وزير جي جواب مان ايئن لڳو ڄڻ اها ڪا معمولي شيءَ آهي جيڪا ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اهو جواب ڏيڻ وقت ته صوبائي وزير کي اها سمورا تفصيل ٻڌائڻ گهرجن ها ته اهڙا آرڊر ڪهڙي دور ۾ نڪتا، ڪنهن جي صحيحن سان جاري ٿيا، ڇا پ پ حڪومت اچڻ کان اڳ يا پوءِ جاري ٿيا ؟ ڇا هن حڪومت انهن آرڊرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري معيار تي پورو نه لهندڙ آرڊر ڪينسل ڪرايا يا ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي يا نه، جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ انهي سوال جواب ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ڏوهه اتي موجود هجي ته اهو ته معاشري ۾ خرابيون پيدا ڪندو رهندو پوءِ اهو هن حڪومت ۾ ٿيو هجي يا ٻين حڪومتن ۾ جيڪڏهن ان تي ڪارروائي نه ٿي ٿئي ته موجوده حڪومت به اوتري ئي ذميوار آهي جيتري اهڙا آرڊر جاري ڪندڙڏوهي آهن. هن وقت به صوبائي وزير جي چواڻي 40 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي تعليم ڪنهن به حڪومت جي اوليت نه رهي آهي جيستائين تعليم کاتي کي سياسي رشوت جي بنيادن تي استعمال ڪرڻ ختم نه ڪيو ويندو تيستائين سنڌ جي تعليم ايئن ئي پٺتي هوندي ۽اسڪولن جي عمارتن ۾ ڍور ڍڳا ٻڌل هوندا ،سرندي وارا خانگي اسڪولن جو رخ ڪندا ۽ بي پهچ پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جي حسرت دل ۾ ئي سانڍي ويٺا هوندا ۽ تعليم جي بجيٽ وڏيرن ۽ ووٽن لاءِ سياسي رشوت طور استعمال ٿيندي رهندي پوءِ کڻي ڪهڙي به حڪومت هجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *