Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_70torhapkbp95ua2v4tb31hg30, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
تن کي ڪندي ڪيئن جي پنهنجن هنيا پٺ ۾ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar تن کي ڪندي ڪيئن جي پنهنجن هنيا پٺ ۾ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

تن کي ڪندي ڪيئن جي پنهنجن هنيا پٺ ۾

صدين جي تاريخ ۾ سنڌ تي جڏهن به ڌارين ۽ ٻاهرين حملي آورن هلائون ڪري سنڌ جي تهذيب کي تاراج ڪيو آهي، انهن سڀني هلائن ۾ سنڌ جي آسودگي ۽ ٻين کوڙ سارن سببن سان گڏ، سنڌين جو اندروني نفاق، ڪمزوري ۽ پنهنجن جون ڪيل غداريون به اهم سبب آهن. ڇو ته ڪو به سماج، ملڪ يا ڪا به قوم تيسيتائين ٻاهران آيل ڪنهن به طاقت ۽ حملي آور هٿان شڪست کائي گھڻي وقت تائين غلام نٿي رهي سگھي، جيسيتائين ان ۾ پنهنجي ڪا اوڻائي، ڪمزوري يا ڪنهن پنهنجي جي غداري شامل نه هجي. ڪنهن به ٻاهرين حملي آور، ڦورو، غاصب يا ڪنهن به اندرين يا ٻاهرين سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قوم ۾ يڪجھتي، ايڪو، اتحاد، سڄاڳي ۽ سياسي شعور جو هجڻ لازمي شرط آهي. تنهنڪري ئي چيو ويندو آهي ته جنهن دشمن سڃاتو ان ڄڻ ته اڌ جنگ کٽي ورتي. سنڌ جي سموري تاريخ ۾ جتي ڌاريا، ڦورو، پرمار قوتون ۽ حملي آور دشمن سنڌين جي وطن، ان جي سون ورنين ٻنين، گذران جي ذريعن ۽ قدرتي وسيلن تي زبردستي قبضا ڪري کين سياسي، ثقافتي، معاشي توڙي جاگرافيائي طور تي غلام بڻائيندا رهيا آهن، اتي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ پنهنجن جون لڪيل توڙي ظاهري سازشون ۽ غداريون به ڪنهن کان ڳجھون ڪونهن.
سنڌ ڪڏهن غلام ته ڪڏهن آزاد ٿيندي رهي آهي. پر سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جي ذميواري وري به مقامي حاڪمن جون ڪوتاهيون، ڪاهليون، نااهليون، عوام سان بي انصافيون، سرت، ساڃاھه ۽ دورانديشيءَ جي کوٽ، سميت چنيسر سومري، سيٺ نائون مل، مير صوبدار ۽ مير علي مراد جي غدارين تائين ڪافي ڊگھي لسٽ آهي.
انگريز، ايسٽ انڊيا ڪمپني ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿي، 1639ع ۾ پهرين واپاري ڪوٺي ڪراچي ۾ کولي. پوءِ آهستي آهستي وڏي چالاڪي ۽ هوشياريءَ سان ٽالپر حڪمرانن جي اندروني اختلافن، ڪمزورين ۽ بي سمجھيءَ جو فائدو وٺندي پنهنجي آزمايل ۽ ڪامياب نسخي “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو” تحت پير پختا ڪندا ويا. نيٺ 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي واري جنگ ۾ ميرن کي شڪست ڏئي سنڌ وطن کي سو سالن تائين پنهنجي غلامي ۽ تسلط هيٺ رکيو. چيو پيو وڃي ته مياڻيءَ واري جنگ ۾ شڪست عوام جي نه پر ٽالپر حڪمرانن جي ٿي هئي. سنڌ جي ماڻهن شڪست قبول ئي ڪو نه ڪئي هئي، پر عوام وٽ قيادت جي کوٽ هئي، جيڪا سندن اڳواڻي ڪري. ٻئي ڏينهن تي گڏ ٿيل ٻارهن هزار فوج کي ميرن ڇروڇڙ ڪري واپس گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو. ڇو ته هي لڙائي کي طول ڏيڻ يا مير شيرمحمد سان گڏجي جنگ جاري رکڻ بجاءِ هٿيار ڦٽا ڪري دشمن اڳيان پيش پوڻ لاءِ تيار ٿي چڪا هيا. ٻئي پاسي دٻي واري جنگ ۾ سنڌ جي سپه سالار هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ بهتر جنگي حڪمت عملي سبب سنڌين جو لشڪر انگريز فوج تي حاوي بڻجي رهيو هو ته عين موقعي تي پنهنجن جي غداري ۽ سنڌين جي فوج ۾ شامل هڪ غدار ميرمحمد ٺوڙهي سنڌين جي بارود کي باھه ڏئي ڇڏي، جنهنڪري ڌماڪي سبب بارود تباھه ٿي ويو ۽ ڪيترائي فوجي مارجي وڃڻ سبب سنڌين کي شڪست نصيب ٿي.
اهڙي طرح عربن جي حملي ۽ انگريزن جي قبضي کان وٺي پنجاب جي بالادستي، تسلط ۽ حاڪميت تائين سوين سالن جي تاريخ ۾ لالچن، منافقن، مڪارين، بيوفائين ۽ غدارين جو اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃان تائين جاري رهندو پيو اچي.
ايوب کهڙي جي غداريءَ کان وٺي مشرفي دور ۾ ارباب رحيم، سندس ٽولي ۽ موجوده حڪمرانن جو جائزو وٺنداسين ته ون يونٽ جي قيام کان وٺي ڪالاباغ ڊيم، فوجي ڇانوڻيون، ڌارين جي آبادڪاري، کين قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل جاري ڪرڻ، قدرتي وسيلن تي قبضو، پاڻي ۽ ناڻي تي ڌاڙا، نوڪرين تي بندشون، سامونڊي ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ، سنڌ جي وڏن شهرن تي ڌارين جو قبضو، جبري گمشدگيون، ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ تعليمي ادارن ۾ رستا روڪ ، گذريل حڪومتي دور ۾ سڄي سنڌ پليٽ تي رکي ايم ڪيو ايم حوالي ڪرڻ، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪندي آڌيءَ رات جو آرڊيننس ذريعي ٻٽو مڪاني نظام آڻڻ سميتانهن سڀني سنڌ دشمن عملن ۾ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجا به شريڪ ۽ ڀائيوار رهيا آهن ۽ اقتدار جي لالچ ۾ “جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ” جھڙن ڪڌن ڪرتوتن ۾ حصيدار رهيا آهن.
هيئنر به پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جنهن غيرآئيني ۽ غيرقانوني آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي جبري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان ۾ به پوري پڪ سان ڇئي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽي ان سموري سازش ۾ شامل ۽ برابر جي شريڪ آهي. ڇو ته پيپلزپارٽي پنهنجي سموري تاريخ ۾ ڪڏهن به، نه جھموريت پسند رهي آهي، نه عوام دوست ۽ نه ئي ڪڏهن سنڌ دوست رهي آهي. تنهنڪري هن وقت جيڪڏهن ڪو ماڻهو اها اميد رکي ٿو ته، پيلزپارٽي سنڌ جي ٻيٽن يا ٻين آئيني، قانوني، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حقن جي حاصلات لاءِ وفاق سان ٽڪراءَ ۾ ايندي، ته اهڙي سوچ يا اميد رکڻ انتهائي غيرضروري، اجائي، فضول، وڏي خوشفهمي، پنهنجو وقت وڃائڻ ۽ پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به نه هوندو.
سنڌ کي هن وقت انتهائي خطرناڪ قسم جا خطرا درپيش آهن. هڪڙي پاسي کان نسل پرست ۽ دهشتگرد ٽولا آهن جيڪي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون نه صرف ڳالهيون، پر هينئر ريلين جي صورت ۾ روڊن ۽ رستن تي نڪري سرعام مطالبا به ڪن ٿا. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سرڪار جي شڪل ۾ اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪا ملڪ جي وزيراعظم جي زباني “اندروني سنڌ ۽ ڪراچي” جهڙا خطرناڪ لفظ استعمال ڪري سڌي ريت نسل پرست ٽولن جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿي. ٽئين پاسي پيپلزپارٽيءَ ۾ ويٺل جاگيردارن جو ٽولو آهي، جيڪو تاريخ جي هر دور ۾ موقعي پرستي ۽ غداري ڪندي سڀ کان وڌيڪ سستي اگھه تي وڪامجندو رهندو آهي. سو اهڙي تشويشناڪ صورتحال ۾ وري به سنڌ جي ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ ماڻهن ۽ سنڌ جي قومي قيادت تي سمورو بار پوي ٿو ته هو اهڙي صورت ۾ انتهائي سنجيدگي، بردباري، دورانديشي ۽ بهتر حڪمت عملي سان، ڀرپور عوامي شرڪت ذريعي تحرڪ ۾ اچن. باقي ان ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ کي درپيش مٿين سمورن خطرن، سازشن ۽ مڪارين ۾ پنجاب، اسٽيبلشمينٽ ۽ نسل پرست ٽولن سان گڏ مقامي غدار، ويڪائو وڏيرا، ابن الوقت، موقعي پرست، اقتدار، اختيار ۽ طاقت جي بکيا ڀوتار، مير ۽ پير سڀ گڏ ۽ شريڪ آهن. تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ته؛
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهين،
پر تن کي ڪندي ڪيئن، جي پنهنجن هنيا پٺ ۾.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *