تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ته بابا پوءِ کلون… !

لوڪ ادب ۾ جيڪي به آکاڻيون موجود آهن، انهن ۾ ڪو نه ڪو فلسفو يا معاشري جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي کي ان جي حل سان بيان ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هي ادب گھڻو ڪري زباني رهيو آهي. هر ڳوٺ ۾ ڪو نه ڪو پريو مڙس اهڙو ضرور رهيو آهي، جيڪو زباني لوڪ ادب ۾ ڀڙ پئي رهيو آهي؛ جيڪو ڳوٺاڻن کي ڪچهرين ۾ يا وري پنهنجي اولاد کي گھر ۾ سنجهي پڄاڻان پيا ڪهاڻيون ٻڌائيندا.
ايئن اسان به پنهنجي وڏڙي کي وڃي وڪوڙيندا هئاسين ته اڄ ڪا ڳالهه ٻڌاءِ. اهڙي طرح هو ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. جيئن: “هڪڙو هو بادشاهه….. بيشڪ بادشاهن جو بادشاهه ته الله آهي، پر هي زمين جي هڪ ٽڪري جو بادشاهه هو. ڏاڍو رحم دل ۽ عادل هو. اسان انهن سٽن ٻڌڻ کانپوءِ گهرو ساهه کڻندا هئاسين ۽ دلي اطمينان محسوس ٿيندو هو. اهڙي ريت ان بادشاهه جي عدل يا رحمدليءَ تي ٻڌل ڪو واقعو ٻڌائي ڳالهه پوري ٿيندي هئي. هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته بادشاهه هاڻي به آهن. اڄ جو دؤر جديد سياست ۽ جديد بادشاهن جو آهي. هو ڪم به ڪن ٿا. مثال طور: روڊ ٺهرائي ڏيڻ، نوڪرين ڏيڻ جا واعدا ۽ اهڙي طرح پاڻ کي عوام جي اڳيان ماڻهن جو همدرد ظاهر ڪرڻ، پر ان سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود عوام انهن مان بيزاريءَ جو اظهار ڪندو رهي ٿو. ان جو مکيه سبب انصاف جو نه هجڻ آهي!
قرآن مجيد ۾ به اچي ٿو ته هي ڪائنات عدل تي بيٺل آهي. مقصد ته هي چنڊ، سج، تارا گرهه ۽ ڪجهه ٻيا پنهنجي پنهنجي حد ۾ رهن ٿا ۽ ڪو به هڪ ٻئي جي حق تلفي نه ٿو ڪري. ايئن ئي حضرت علي ڪرم الله وجهه جو فرمان آهي ته “ڪفر تي ٻڌل معاشرو ته هلي سگھي ٿو پر ناحق تي ٻڌل معاشرو قائم رهي نه ٿو سگھي.” اسان روز مره جي زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ڪو وڏيرو يا زميندار، جيڪڏهن ماڻهن جا فيصلا حق سان ڪندو آهي ته سڄي ٻه ٽه ڪوهيءَ ۾ انهيءَ جي هاڪ هوندي آهي. اهڙين ڳالهين مان اهو پروڙي ٿو سگھجي ته جلسن، جلوسن، روڊن، پلين. نوڪرين وغيره کان ڀلو آهي ته ملڪ ۾ عدل انصاف قائم ڪجي.پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي ان حيثيت ۾ هجڻ دؤران ڪافي اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي عام زندگيءَ ۾ ٿيڻ ته ڇا بلڪه انهن جي نشاندهي ڪرڻ به شڪ ۾ ئي! جهڙوڪ: ڪراچي شهر ۾ غير قانوني اڏاوت کي ڊاهڻ جو نه صرف حڪم ڏنائين، پر عمل به ڪرائي ڏيکاريو. جنهن سان هي شهر وائکو ۽ سٺو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. ان کان به وڏو ڪم ته بحريه ٽائون ڪراچيءَ جي ملڪيت ۽ ان جي اصل قيمت اوڳاڙي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو! ڪجهه وقت کان ملڪ ۾ حاتم طائي جو ڏيک ڏيندڙ بحريه اڏاوتي ڪمپنيءَ جو ظاهري مالڪ ملڪ رياض غريبن تي ايڏو مهربان جو رڳو مدد جي اپيل ڪريو ته هي شخص پيسن جي ٿيلهن سان اچي مدد لاءِ پهچي. ايترو مالدار ٿيڻ ڪو سؤلو نه آهي، پر هن شخص تي جو سياست مهربان هئي ته ڪک مان لک تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪيائين!
ڪنهن وقت ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ سنڌ ۾ شاگرد سياست عروج تي هئا. جڏهن به ملڪي ٽيم ڪٿي ڀلي راند ڪندي هئي يا کٽيندي هئي ته رانديگرن کي باقي انعامن سان گڏ سنڌ جي ڪنهن زرخيز علائقي جي زمين به انعام ۾ ملندي هئي. هن پاسي شاگردن طرفان ان تي احتجاج ٿيندا هيا ۽ اڪثر ڀتين تي لکيل پڙهبو هو ته “شارجه ۾ لڳل ڇڪي تي سنڌ جي زمين ڏيڻ بند ڪيو.” ملڪ رياض جو ظاهري ڪرڪيٽ سان به واسطو نه ٿو لڳي پوءِ به خبر نه آهي ڪهڙي ڇڪي جي بدلي کيس سوين ايڪڙ زمين ايئن الاٽ ڪئي وئي آهي. اخباري خبرن مطابق سنڌ حڪومت ملڪ رياض طرفان رڳي ڪراچي پراجيڪٽ جي بدلي ڪورٽ کي جمع ڪيل رقم جيڪا 460 ارب روپيا آهي تي پنهنجو حق ظاهر ڪندي مٿئين رقم سنڌ حڪومت کي ڏيڻ لاءِ دعوى ڪئي آهي. ان رقم تي مالڪي ته برحق، پر ايتري ملڪيت جي زمين به اوهان ئي ڏني! بحريه ٽائون واري ڳالهه اڃان وسري ئي نه آهي ته سنڌ جي سرحد جي سامونڊي ٻيٽن کي مرڪز حوالي ڪرڻ جون خبرون هلي ويون آهن. عوامي واويلا ٿيڻ کان پوءِ نيٺ حڪومت چئن شرطن هيٺ ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه قبول ڪئي. جنهن ۾ هڪڙو هي به ته مقامي ماڻهن جي مفادن جو خيال رکيوويندو. هاڻي مقامي مان مراد الائي ڪهڙي آهي؟ ڇا ڪراچي ۾ رهندڙ پاڻ کي غير مقامي ٿا سمجھن؟ جيڪڏهن وفاق انهن کي مقامي چئي ڪم ڪرائيندو ته پوءِ سنڌي ماڻهن کي ايترو فائدو پهچندو جيترو بحريه ٽائون ٺهڻ سان پيو آهي! جيڪڏهن مقامي ماڻهن مان مراد مورڙي جو قبيلو آهي ته اهي ته ويچارا ورهين کان پيا دانهون ڪن ته اهي مٽي جا دڙا انهي حال ۾ سندن لاءِ فائديمند آهن.توڙي جو سنڌي عوام جي وڏي احتجاج کانپوءِ سنڌ اسيمبلي انهي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ حڪومت به انهي آرڊيننس کي واپس وٺڻ جو هاڻي مطالبو ڪري رهي آهي پر اڳ انهي سنڌ حڪومت ئي انهي لاءِ ڪجهه شرطن تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي يا اين او سي ڏني هئي. سنڌ ڀلا سنڌ حڪومت انهن ئي مهاڻن کي جيڪي لکن ۾ ٻڌجن ٿا ويسو ويسو ڪري کپائي ڏئي ۽ عمران سرڪار نيا پاڪستان گھر اسڪيم هيٺ ملاحن کي قرض ڏئي ته گھر ٺهڻ ۾ ڪهڙي دير لڳندي. اهي ملاح پاڻ ئي ڇٻر پوکي ڇٽيون کوڙي، بينچون رکي ڇڏيندا ته ڀلي گورا اچي کليل اس ۾ بت سڪين. ملڪي آمدنيءَ جو ڀلي ته اهو به دڳ کلي. مرڪزي حڪومت جيڪڏهن پنهنجي آمدني وڌائڻ گھري ٿي ته آمريڪا ۾ پي آئي اي جي روز ويليٽ هوٽل، پاڪستان ريلوي، پي آئي اي، واپڊا، پاڪستان اسٽيل مل وغيره جهڙن ادارن ۾ سڌارو آڻي ملڪي آمدني وڌائي سگھي ٿي.
سنڌ حڪومت جي دعوى تي مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي ته منهنجو ڪڪو، گهر ۾ ڳالهيون ۽ ڀوڳ چرچي ۾ اڳيان هوندو آهي. اهڙي طرح مونسان پيو ڀوڳ ڪندو. جيڪڏهن سمجهندو ته ڀوڳ ڪجهه ڳرو آهي ته يڪدم چوندو ته “بس بابا، ڀوڳ لڳي ويو!” ۽ جيڪڏهن مان ساڻس ڀوڳ ڪريان، جيڪو ڳرو هجي ته سڀئي ان تي کلڻ شروع ڪندا آهن ۽ هي همراهه ڌڪ گسائڻ لاءِ چوندو ته “پوءِ کلون…. ته بابا پوءِ کلون…. !”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *