تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

تيزي سان مقبوليت وڃائيندڙ وفاقي حڪومت

اسلام آباد ۾ هر روز نئين سياسي هلچل ٿيندي رهندي آهي هن ڀيري گذريل ستن ڏينهن کان پارليامينٽ هائوس جي سامهون ڊي چوڪ تي پنجاب، خيبر پختونوا ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڊي چوڪ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن کي مڪمل طور ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، انهن ليڊي هيلٿ ورڪرز ست ڏينهن ۽ ڇهه راتيون کليل آسمان هيٺيان گذاريون، وزير اعظم عمران خان خلاف نعري بازي ڪئي ۽ بعد ۾ ستين ڏينهن حڪومت انهن جا مطالبا مڃي ورتا ۽ هو خير سان واپس پنهنجن گهرن ڏانهن هلي ويون
ليڊي هيلٿ ورڪرز جو ڏنل ڌرڻو مونکي 2014ع ۾ ٻن سوٽن جي ڏنل 126 ڏينهن جي ڌرڻي جي ياد ڏياري رهيو هو، مو کي ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن ٻنهي سوٽن جي سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ خواتين ڪارڪن کي جلسي گاهه طرف وڃڻ کان ڪنهن پوليس واري نه روڪيو جيڪڏهن انهن کي ڪنهن روڪيو ته انهن جي پارٽي سربراهن لاءِ لڳايل سيڪيورٽي جي اهلڪارن روڪيو، جيڪي پارٽي سان تعلق رکندا هئا، انهن کين روڪيو، ان وقت جي حڪومت خاص طور عورت ڪارڪنن جي پر گهور لڌي، رات دير تائين هلندڙ جلسي ۾ شامل ٿيندڙ عورتون رات جو واپس گهرن ڏانهن هلي وينديون هيون وري ٻئي ڏينهن واپس ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ اينديون هيون انهن لاءِ رستا مقرر ڪيا ويا هئا ته جيئن جلسي گاهه ۾ شامل ٿي سگهن هر طرف عورت ڪارڪنن کي عزت ڏني وئي.
ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڌرڻي کي جيڪڏهن ان وقت جي ڌرڻي کي ڏسي ڳالھه ڪجي ته عورتن جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ حڪومت بلڪه ايئن چئجي ته پي ٽي آئي جي حڪومت جيڪا ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جي ووٽن سبب وجود ۾ آئي ان کي انهن ليڊي هيلٿ ورڪرز جو ٽن ڏينهن تائين ڪو خيال نه رهيو جڏهن انهن پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته عورتن جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ حڪومت کي خيال آيو ۽ ڪجهه وفاقي وزير انهن وٽ پهتا ۽ ڳالهيون ڪيون جيئن 2014ع ۾ ان وقت جي حڪومت طرفان ٻنهي سوٽن سان ڳالهيون ڪيون وينديون هيون پر ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جيڪا عزت ملڻ گهرجي ها اها نه ڏني وئي. اسلام آباد جي ٿڌين راتين ۾ کليل آسمان جي هيٺيان ويٺل انهن عورتن جي حڪومت ڪا به پر گهور نه لڌي.
انهن عورتن کي جنهن طريقي سان نظرانداز ڪري ستن ڏينهن تائين ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ڪيو ويو ، ان مان ظاهر ٿئي ٿو تبديلي جا نعرا کوکلا هئا، صرف پنهنجي مفاد لاءِ هئا انهن کي انهن ڌرڻن ۾ ايندڙ عام شهرين جو ڪو فڪر نه هو، حڪمرانن کي جيڪڏهن عوام جو فڪر هجي ها ته انهي ليڊي هيلٿ ورڪرز جو خيال ڪرڻ گهرجي ها جيئن گذريل حڪومت انهن جو خيال رکيو ۽ لاهور کان اسلام آباد تائين اچڻ جي اجازت ڏني.
تبديلي وارو لفظ مونکي ته مذاق لڳي رهيو آهي، اڄ به وزير اعظم هائوس هجي يا ڪا وزارت اتان جيڪي سرڪاري پڌرايون جاري ٿين ٿيون ، انهن جا لفظ به تقريبن ساڳيا آهن صرف نالن جو فرق آهي، جيڪڏهن ڪا تبديلي آهي ته. اها صرف سماجي رابطن واري سائيٽس تي آهي باقي ڪل پيران دا خير آهي.
وزير اعظم جي تبديلي سندس لهجي ۾ نظر اچي ٿي، ڏاڙهي تي هٿ رکي جيئن هن اپوزيشن کي للڪاريو اها هڪ تبديلي آهي، اهڙو عمل موجوده وزير اعظم کان سواءِ ڪنهن به وزير اعظم ناهي ڪيو بي شڪ ان ۾ نواز شريف ئي ڇو نه هجي هن به تحمل سان ڌرڻو گذاريو، پر هن همراه ته انت ڪري ڇڏيو اپوزيشن جي هڪ احتجاج تي هن ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن، اهو عمل هڪ وزير اعظم کي سونهين نٿو پر ڇا ڪجي سندس سياسي صلاحڪار جيڪي اسٽيج تي ڊي جي بڻجڻ لاءِ آتا آهن اهي کيس اهڙا مشورا ڏيندا ته وزيراعظم ايئن ئي رويو رکندو يا ڳالهائيندو جيڪو کيس ته سياسي نقصان پهچائيندس ٻين کي به پاڻ سان گڏ لوڙهي ويندو،
حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن هو وزير اعظم ٿي ويندو ۽ سندس خلاف ڪجهه ماڻهو ئي کڻي نعري بازي ڪندا ته هو عهدي تان استعيفي ڏئي ڇڏيندو، هن ڀيري ته ڊي چوڪ سميت هر طرف کان “استعيفا ڏي” جا نعرا لڳي رهيا آهن، پر تبديلي جي دعويدار انهن جي نعرن تي ايئن ڪن لاٽار ڪئي ۽ اپوزيشن جي ان موقف کي يقين ۾ بدلي ڇڏيو ته وزيراعظم يو ٽرن وٺڻ جو ماهر آهي، سوشل ميڊيا تي سندس ادارن خلاف ڪيل تقريرون گردش ڪري رهيون آهن ته هن ڪهڙي طرح ادارن مٿان تنقيد ڪئي ۽ هاڻي انهن جو سڀ کان وڌيڪ حمايتي نظر اچي رهيو آهي. شايد وزير اعظم کي اهو علم ناهي ته هاڻي سندس زبان مان نڪتل لفظ ڪئميرا ۾ ريڪارڊ ٿئي ٿو جيڪو زبان مان نڪتل هر لفظ وقت گذرڻ کانپوءِ به سامهون اچي ٿو.
مريم نواز شريف ڪراچي واري جلسي ۾ کيس اها ئي ڌمڪي ڏني آهي ته هن جي وات مان نڪتل سمورا لفظ جيڪي هن چيا آهن اهي ان جي سامهون آڻيندا. هن وقت اسلام آباد جي ٻنهي چونڊ تڪن تان پي ٽي آئي جا اميدوار قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيل آهن جن وڏي مارجن سان چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر هن وقت وزيراعظم جي يو ٽرن پاليسي، وڌندڙ مهانگائي، ادارن وچ ۾ هم آهنگي نه هجڻ سبب هتان جو ووٽر سندن خلاف سوچي رهيو آهي، اڪثر يونين ڪائونسلن ۾ اهو موقف سامهون آيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آئي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏنو ويندو. اهڙي صورتحال کي سامهون رکي پي ٽي آئي اهو سوچي رهي آهي ته بلدياتي چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائي پنهنجي عزت بچائي وڃي. جماعتي بنيادن تي حڪومتي پارٽي کي شايد پنهنجن فيصلن سبب شڪست واضع نظر اچي رهي آهي…

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *