تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

تڙپي ٿي تهذيب اڃا، ڪيڏو وحشي آ انسان

ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته پٿر جي دل رکندڙ جيڪڏهن ڪو شعبو آھي تو اھو آھي پيڊياٽرڪ سرجري، مطلب ٻارن جي سرجري ۽ اھا سرجري ڪرڻ لاءِ جگر گردا کپن. ھڪ سرجن جي معمول ۾ اھڙا ڪيئي آپريشن ايندا آھن جيڪي ھو بنا ڌڙڪ ۽ خوف جي ڪري ويندو آھي. ڊاڪٽر جي دل ايڏي ته مضبوط ھوندي آھي جو ڪنھن جي مرڻ جو اطلاع انھي جي وارثن ۾ بغير ڪنھن پريشاني جي ٻڌائي ڇڏيندو آھي ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙھو به نه ھوندو آھي. اھو ھڪ معمول آھي. جڏھن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جو ھڪ مشھور  سرجن سراج الدين سومرو ڪنھن ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي لڙڪ لاڙي ويھي ته انسان سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ڇوته عام حالتن ۾ ايئن ناھي ٿيندو. بھرحال ھڪ ڳالھه آھي سرجن به انسان ئي ٿيندا آھن. مان ڊاڪٽر سراج جي انٽرويو واري وڊيو بار بار ڏٺي آھي جيڪا ھن ڪشمور ۾ بگھڙ نما حيوان ڪردار ماڻھن طرفان پنھنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ ڏاڙهيل پتڪڙي عليشا جي سرجري بعد ميڊيا کي ڏنل انٽرويو جي آھي جنھن ۾ ھو ظالمن طرفان ٻارڙي سان ڪيل ظلمن جا تفصيل ٻڌائي ٿو. جڏھن ھڪ سرجن جنھن جي کاتي ۾ ھزارين سرجريون ھجن ۽ ڪڏھن به ان جي اکين ۾ لڙڪ به نه لڙيو ھجي ۽ عليشا جي ھڪ سرجري کيس روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھجي ته سمجهي ئي نه ٿو سگهجي ته اهاٻارڙي ڪهڙي اذيت مان گذري هوندي.ڪشمور واقعي جي ھڪ ٻئي ڪردار اتان جي اي ايس آئي محمد بخش ٻرڙو ۽ انجي وني ۽ ڌيءَ جي ساراهه نه ڪرڻ به زيادتي ٿيندي. جنھن عليشا جي امڙ جي درد کي سمجھندي پنھنجي نياڻي کي ان وحشي سان ملڻ لاءِ موڪليو جنھن پنھنجي جنسي وحشت پوري ڪرڻ جي لاءِ خبر ناھي ڪيترن ئي نياڻين جي زندگي زھر ڪئي ھوندي ۽ انھي بگھڙ نما انسان کي چالاڪي سان قانون جي گرفت ۾ آندو جنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.هي ڪو پھريون واقعو ناھي ملڪي تاريخ ۾ اھڙا ڪيئي واقعا آھن جن انسان جو جيءَ جھوري ڇڏيو آھي ۽ ھڪ تسلسل سان ٿي رھيا آھن. انھي کانسواءِ ڪارو ڪاري ۽ سرداري سسٽم جي جرڳن مان جان ناھي ڇٽي سگھي، جنھن جو تازو مثال ڪجھه ڏينھن اڳ ميرپور خاص ۾ شر قبيلي ۾ اتان جي ھڪ سرداري ذھن رکندڙ چڱي مڙس جي ڪيل فيصلي سبب سندس ئي قبيلي جي عورت جو قتل ڪيو ويو آھي. انسانيت جي تذليل ڪجھه ايئن ڪئي ويئي جو انھي قتل ٿيل نياڻي کي ڪو ڪلھو ڏيڻ وارو ئي نه ھو نه ئي ڪوئي دفنائڻ وارو، سماجي ناانصافين جي شڪار انھي جھوني پنھنجي ڌيءَ جو لاش ھڪ دوست جي مدد سان ھڪ پڪ اپ تي کڻي دفنايو.
اسين جڏھن ڪشمور جھڙي واقعن جو پيرو کڻندي حقيقتن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ڪافي شيون سمجھه ۾ اچن ٿيون ۽ انھن شين کي سمجھڻ ڪو مسئلو به ناھي ڇوته اھا ڪا راڪيٽ سائنس ڪانھي. انھن حقيقتن کي سمجھڻ لاءِ اسان گھڻي پراڻي ماضي ۾ ڪونه ٿا وڃون پر ھن ئي سال جي ڇھن مھينن جا انگ اکر ڏسون ٿا جيڪي ڏسي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. ٻارڙن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪندڙ اسلام آباد جي ھڪ اين جي او گذريل  آگسٽ ۾ 2020ع جي ڇھه ماھي رپورٽ پڌري ڪئي جيڪا ملڪي توڙي غير ملڪي اخبارن ڇاپي. انھي رپورٽ جي انگن اکرن موجب جنوري کان جون 2020ع تائين سڄي ملڪ ۾  ٻارن سان بدسلوڪي جا 1489ڪيس رپورٽ ٿيا جنھن جو مطلب ھڪ ڏينھن ۾ ارڙھن ڪيس. انھن رپورٽ ٿيندڙ 1489 ڪيسن ۾ 785  ڇوڪريون ۽ 704 ڇوڪرا شامل آھن.رپورٽ وڌيڪ چوي ٿي 331 ٻارن کي اغوا ڪيو ويو، 160 ٻارڙين سان زيادتي جڏھن ته 233 نينگرن کي ڏاڍ جو نشانو بنايو ويو. 169 ٻارڙين  سان گڏ  104 ڇوڪرن کي گڏيل ڏاڍ جو نشانو بنايو ويو . انھن ڇھن مھينن ۾ 12 ڇوڪرن ۽ 13 ڇوڪرن سان زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو جڏھن ته ھڪ نينگري ۽ چئن ڇوڪرن سان اجتمائي لڄالٽ ڪري کين موت جي ننڊ سمهاريو ويو. 168ٻار گھرن کان غائب آھن ۽ ايڪونجاھه ٻارڙين کي بدي جي شادين طور ڏنو ويو.
رپورٽ ٿيل ٻارن سان زيادتين ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته  98 ٻارن جي عمر ھڪ کان پنجن سالن تائين آھي جڏھن ته 330 ٻارن جون عمرون ڇھن کان 10سالن تائين ھيون. باقي 405 رپورٽ ٿيل ٻارن جي عمر ئي نه ٻڌائي ويئي. جيڪڏهن صوبن جو حال ڏسجي ته 2020ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ 853 پنجاب، 477 سنڌ، خيبر پختونخوا 91، اسلام آباد 35, بلوچستان 22، آزاد ڪشمير 10جڏھن ته گلگت بلتستان ۾ صرف ھڪ ڪيس رپورٽ ٿيو جنھن مان اھو نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو ته اھا برائي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ ۽ خطرناڪ سطح تي آھي.
ھڪ ڳالھه وڌيڪ سمجھه ۾ اچي پئي ته اھڙن ڪيسن خلاف اسانجو قانون ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا ڪو موثر نظام لاڳو نه ڪري سگھيا آھن، سڀ کان پھريان اھڙا ڪيس پوليس، قانون ۽ معاشرتي بي عزتي سبب  رپورٽ ڪونه ٿا ٿين، جي ٿي به وڃن ٿا ته جوابدار گرفتار ڪونه ٿا ٿين جنھن جا به سياسي، ڀوتارڪي، سرداري ۽ ٻين سببن سميت کوڙ سبب آھن. ڪٿي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ھمت ڪري جوابدار گرفتار ڪيا به ته اسانجي پيچيده قانوني ڍانچي سبب ڪيس سالن جا سال ڪورٽن ۾ ھلندي ھلندي ڪمزور ٿي ٿا وڃن ۽ جوابدارن کي ڪمزور شاهدين جو فائدو ڏيڻ تي  جوابدار آزاد ٿي وڃن ٿا.
اسانجي حڪومتن به کي ملڪ ۾ موجود قانون کي صحيح طريقي سان لاڳو ڪري قانوني ادارن کي گھٽ ۾ گھٽ وقت اندر اھڙا زيادتي وارا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ ڪو ھڪ مضبوط ۽ مخصوص ميڪينزم واضح ڪرڻو پوندو ته جيئن وحشي صفت انسان قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ کان پوءِ سزائون ڀوڳين ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ٿئي ۽ اھڙين وڌندڙ وارداتن کي ٻنجو ڏيئي سگھجي. ٻئي طرف اسان سڀني کي پنھنجي پنھنجي ذمي جو ڪم ڪرڻو پوندو پنھنجي ٻارڙن تي نظر رکڻي پوندي، انھن کي اھڙين حرڪتن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ پنھنجي آس پاس جي ماحول بابت ٻڌائڻو پوندو. سماجي سجاڳي لاءِ سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، ايف ايم توڙي پرنٽ ميڊيا سميت منظم مھم ھلائڻي پوندي.  ٻارن جي زيادتين کي روڪڻ لاءِ پرائمري کان مڊل اسڪول جي نصاب ۾ انھن سماجي براين تي سبق شامل ڪرڻا پوندا.جيئن اسان پنھنجي آئيندي جي ابن ۽ امڙين کي انھن بي حس ظالم ۽ وحشي صفت انسان گھٽ حيوانن مان بچائي سگھون.  سنڌ جي آفاقي شاعر شيخ اياز خبر ناھي ھي سٽون الائي ڪھڙي پس منظر ۾ لکيون پر خوب لکيون ۽ اڄ جي اٿندڙ سماجي براين جي طوفانن کي چڱي نموني واضح ڪن ٿيون.
تڙپي ٿي تهذيب اڃان،ڪيڏو وحشي آ انسان!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *