تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

تڪليفن ۾ ورتل آبادگارن جو خيال ڪريو

سنڌ ۾ سدائين زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي اهي سهولتون نه ملنديون آهن جيڪي کين ملڻ گهرجن،جنهن ڪري گهڻي محنت ۽ سيڙپ ڪرڻ باوجود انهن جي معاشي حالت عام ڪاروباري ماڻهو کان به بهتر نه هوندي آهي ، نه ڪڏهن زرعي فصلن جو امدادي اگهه صحيح ملي سگهندو آهي نه ئي ڪڏهن سڪي توڙي ٻوڏ ۾ انهن جي واهر ڪئي ويندي آهي. ڪمند کان وٺي ڪڻڪ تائين سارين کان وٺي سبزي تائين اهي سدائين مارڪيٽ جي محتاجي ۾ پنهنجي محنت وڪڻڻ تي مجبور هوندا آهن ،نه سرڪار سندن سهڪاري ٿيندي آهي نه ئي اوپن مارڪيٽ ۾ کين اهڙا اگهه ملي سگهندا آهن جو هو پنهنجي پورهئي جا پورا پئسا حاصل ڪري سگهن.جنهن ڪري زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو سدائين پوئتي پئجي ويندا آهن.
هاڻي به جڏهن شگر ملون وقت کان اڳ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته اهو فيصلو ڪو آبادگارن جي مفاد کي نظر ۾ رکي نه ڪيو ويو آهي نه ئي انهن جي ڀلي جو ڪو سرڪار کي خيال آيو آهي بلڪه شگر ملز مالڪن جي مفادن کي سامهون رکي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇو ته اهو سمجهيو پيو وڃي ته تازو ڪجهه مهينا اڳ ماڪڙ جي حملي کانپوءِ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ ڪمند جو فصل تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي جنهن ڪري شايد شگرملز کي اڳتي هلي ڪمند نه ملي سگهي، تنهن ڪري جيڪو موجود ڪمند آهي ان تي ڪم هلائي ڪارخانا شروع ڪيا وڃن. ڏٺو اهو ويو آهي ته سدائين آبادگار رڙيون ڪندا رهندا آهن پر نومبر ته ٺهيو ڊسمبر به گذري ويندو آهي تڏهن به ڪيترن هنڌن تي شگرملون شروع نه ڪيون وينديون آهن .عام طور 10 نومبر تائين چمنيون ٻاري پيڙائي جو عمل شروع ڪيو ويندو آهي پر هن ڀير ي اڳواٽ ڪيترن شگرملز جو ن چمنيون ٻاريون ويون آهن ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته 21 آڪٽوبر کان اهي ملون پيڙائي جو عمل شروع ڪري ڏينديون، جيڪا بهرحال بهتر ڳالهه آهي پر شگرملون هلائڻ کان پهرين انهي ڳالهه جو ضرور فيصلو ٿيڻ گهرجي ته ڪمند جو امدادي اگهه ڪيترو هوندو؟ ڇو ته سدائين سنڌ جي آبادگارن کي پنجاب جي آبادگارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهه ڏنو ويندو آهي گهڻا آبادگار ته انهي گهٽ اگهه تي ڪمند وڪڻڻ بدران اهو ساڙي ڇڏيندا هئا جو سندن چوڻ هوندو آهي ته جيڪو اگهه کين ملي رهيو آهي اهو ته ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندر ڪاٺين جي اگهه کان به گهٽ آهي. هن ڀيري ته صورتحال اڃان وڌيڪ خراب انهي ڪري به آهي جو آبادگارن کي اڳ ئي معاشي طور الاهي گهڻو نقصان پهتو آهي، هڪ طرف ماڪڙ انهن جا فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا ته ٻئي طرف ڪورونا جي ڪري لڳل لاڪڊائون سبب انهن جا فصل يا سبزيون مارڪيٽ تائين نه پهچي سگهيون ۽ سڪي سڙي ويون مٿان وري آيل برسات ۽ ٻوڏ رهيل ڪسر به ڪڍي ڇڏي ۽ آبادگار پنهنجي محنت مان ڪمائڻ ته پري جي ڳالهه پر ساهه کڻڻ جهڙو به نه رهيو آهي.کجين کان وٺي ڦٽي تائين سبزين کان وٺي ڪمند تائين ڪهڙو فصل آهي جنهن کي نقصان نه پهتو هجي پر ان جو پوراءُ اهڙي انداز ۾ نه ٿي سگهيو آهي جنهن انداز ۾ ٿيڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي معيشت ۾ زراعت جو وڏو هٿ آهي جڏهن زراعت يا ان سان لاڳاپيل طبقو ڪمزور ٿئي ٿو ته ان جو اثر ملڪي معيشت تي ضرور اثر ٿئي ٿو ۽ اها به ڪمزور ٿئي ٿي.
اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي زرعي شعبي يا ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکي انهن جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي ۽ شگرملون هلائڻ جي اعلان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيڻو آهي ان ۾ اهڙو اگهه مقرر ڪيو وڃي ، جيئن آبادگارن کي اڳ پهتل نقصان جو به پوراءُ ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *