تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڏٺو وڃي ته اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ ترقي ڪندا ڪٿي وڃي پهتا آهن پر سنڌ ۾ ماڻهو انهن سهولتن کان وانجهيل آهن، اتي ئي وري خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقو ننڌڻڪو بڻيل آهي. هن تعلقي ۾ گيس جي بنيادي سهولت ميسر ٿيل نه آهي، اڄوڪي دور ۾ به عورتون ويچاريون ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪن ٿيون. فيض گنج تعلقي مان 16 انچ قطر واري مين گيس پائيپ لائين گذري ٿي جنهن مان نواب شاهه، حيدرآباد، سکر سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي گيس سپلائي ڪئي وڃي ٿي پر فيض گنج تعلقي ۾ گيس نه آهي . فيض گنج تعلقو وڏي آبادي وارو تعلقو آهي جنهن جي آبادي اٽڪل 4 لک کان وڌيڪ آهي پر هتي ڪو به نادرا سينٽر نه آهي ڪجهه سال اڳ تعلقي هيڊ ڪوارٽر شهر پڪاچانگ ۾ نادرا جو سينٽر قائم ڪيو ويو هو پر اهو سرڪاري جاءِ نه ملڻ ڪري بند ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هتان جو عوام سڃاڻپ ڪارڊ سميت نادرا سان لاڳاپيل سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ضروري دستاويز ٺهرائڻ لاءِ پريشان هوندو آهي. هتان نادرا سينٽر پري هئڻ ڪري هزارين ڳوٺاڻا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ کان محروم بڻيل آهن ۽ اهي ڳرا ڪرايا ڀاڙا ڀري نوشهرو فيروز ، ڀرياسٽي ٺري ميرواهه، خيرپور ميرس ۽ دوڙ وڃڻ تي مجبور آهن.سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ ڪري هزارين ڳوٺاڻا ووٽ جو حق به استعمال نه ٿا ڪري سگهن.
فيض گنج تعلقي جي شهرن پڪاچانگ ، ڀنگو بهڻ ، ڪرونڊي ، اڪري ۽ ڪوٽ لالو ۾ ڪو به پبلڪ پارڪ يا لائبريري نه آهي. ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو به هنڌ ميسر نه آهي ھتي لائبريري ۽ پبلڪ پارڪ نه هجڻ ڪري اڪثر نوجوان هوٽلن تي ويهي وقت وڃائين ٿا يا مئخانن تي وڃي نشي جا عادي بڻجن ٿا. جڏھن ته فيض گنج تعلقي ۾ گذريل 20 سالن کان وٺي پاڻي جي شديد کوٽ رهي آهي پاڻي جي کوٽ سبب فيض گنج تعلقي جا 4 ئي واهه ويهو واهه ،پنڌريو واهه، علي نواز واهه، فيض گنج واهه ۽ انهن مان نڪرندڙ شاخون چانگ مائينر رتڙ مائنر، ڪٻر مائنر۽ ڀنگو مائنر سميت ٻيون شاخون سڪل رهنديون آهن. پاڻي جي کوٽ سبب پڇڙي جي هزارين ايڪڙ زرخيز زمين بنجر بڻجي چڪي آهي. فيض گنج تعلقي جي پڇڙي جي ديهن دنڌ ،امن ، جاکيري ۽ ٻين ديهن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري مال اڃ مري رهيو آهي، جڏھن ته فيض گنج تعلقي جا ڳوٺ حيدر چانگ ، خان محمد شر ، حاڪم رتڙ ، رحمت الله چانگ سميت سوين ڳوٺ مٺي پاڻي جي سهولت کان محروم بڻيل آهن. جڏھن ته هتان جو جر پڻ 70 سيڪڙو کارو آهي کارو پاڻي پيئڻ ڪري ڳوٺاڻا سائي. گيسٽرو . چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن جڏھن ته مختلف ڳوٺن حاڪم علي رتڙ ، رحمت الله چانگ ، مزار خان چانگ، علي آباد ۽ حسين پاتو ۾ قائم واٽر سپلاءِ اسڪيمون ناڪارا بڻيل آهن. پبلڪ هيلٿ کاتي پاران اسڪيمن جي بحالي لاءِ ڪي به اپاءِ به نه ورتا ويا آهن.
فيض گنج تعلقي جا اڪثر روڊ رستا اکڙيل آهن ويجهي ماضي ۾ ڪو به روڊ تعمير نه ٿيو آهي نه ئي ڪنهن روڊ جي مرمت ڪئي وئي آهي پڪاچانگ – ڀرياروڊ روڊ، پڪاچانگ – لاکا روڊ روڊ ، ڀنگو بهڻ – جلالجي روڊ َ، ڪرونڊي- بصيرو روڊ، ڪرونڊي- غلام الله شاه روڊ . ڀنگو بهڻ-ڦولهڙي روڊ، ڪوٽ لالو- جاجا روڊ سميت اڪثر روڊ اکڙيل آهن جنهن ڪري منٽن وارو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي مريض کي ايمرجنسي ۾ اسپتال پهچائڻ به مشڪل بڻيل آهي جڏھن ته فيض گنج مان گذرندڙ مهراڻ نيشنل هاءِ وي جي دائود پل زبون آهي ۽ پل سوڙھي هئڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن جڏھن ته ٻن تعلقن فيض گنج ۽ نارو تعلقي کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ منظور ٿيل روڊ جو ڪم 15 سال گذرڻ باوجود به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري ٻنهي تعلقن جي عوام سخت پريشان آهي. هتان جا رهواسي ڳرا ڀاڙا ڀري ٺري ميرواهه روٽ تان اچ وڃ ڪن ٿا. سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي هجڻ باوجود فيض گنج تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري اسڪول بند پيل آهن جنهن ڪري سوين ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم بڻيل آهن.
جڏھن ته فيض گنج تعلقي جي اڪثر پرائمري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه آهن هلندڙ اسڪولن ۾ چوديواري، واش روم ، پيئڻ جو پاڻي ، بجلي نه آهي جنهن ڪري استاد ۽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا ۽ سخت گرمي ۾ پريشان ٿين ٿا. جڏھن ته تعلقي جي وڏي ۾ وڏي اسپتال رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ ۾ ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن ٻارڙن جو وارڊ. دل ، دماغ . گڙدن . هڏن سميت ٻين خاص بيمارين جا ڊاڪٽر موجود نه آهن ايڪسري مشين ناڪارا بڻيل آهي . واڳ ڌڻين کي گهرجي ته ضلعي خيرپور جي ننڌڻڪي بڻيل فيض گنج تعلقي کي نادرا سينٽر ، گيس ، لائبريري ، پبلڪ پارڪ پيئڻ جي مٺي پاڻي، روڊ رستا ، اسپتالن ۾ صحت جي سڀني سهولتن سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جيئن هتان جا رهواسي ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *