تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

جديد ٽيڪنالاجي سان اغوا وارداتون ۽ بيوس پوليس

سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي جوڳي حدتائين اضافو ٿي ويو آهي،ڪجهه مخصوص علائقن تائين محدود اهي وارداتون ٻين علائقن تائين پکڙجڻ لڳيون آهن،هر روز ڪنهن نه ڪنهن شهري جي اغوا جي خبر رپورٽ ٿي رهي آهي،پر انهن اغوا جي وارداتن لاءِ جيڪو طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي، اهو هڪجهڙو ئي آهي ۽ اهو طريقو ڪيترن سالن کان وٺي استعمال ڪيو پيو وڃي پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ پوليس ۽ امن امان جا ذميوار ادارا اهي وارداتون روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اهي وارداتون گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن توڙي جو پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي مهيا ڪرڻ سميت بهتر بڻائڻ جون دعوائون به ڪيون وڃن ٿيون پر انهن وارداتن کي ڏسي لڳي نه ٿو ته ڪو پوليس فورس انهن جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي .
اڳ ۾ به ايئن ڏٺو ويو ته جڏهن 80 ۽ 90 واري ڏهاڪن ۾ سڄي سنڌ هڪڙن هٿياربند ڌاڙيلن جي گهيري هيٺ هئي تڏهن به پوليس کان وڌيڪ انهن ڏوهارين وٽ جديد هٿيارن جا انبار هوندا هيا جڏهن ته پوليس روايتي هٿيارن سان انهن جو مقابلو ڪندي هئي، تڏهن اهي سوال اٿندا هيا ته ٻيلن ۾ موجود انهن هٿيابند ڌاڙيلن وٽ اهي جديد قسم جا هٿيار ڪيئن ٿا پهچي وڃن جن تائين سرڪاري فورس جي به پهچ ناهي،هاڻي به ڪجهه اهڙو ئي حال پوليس جو آهي جو ڌاڙيل نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ماڻهو اغوا ڪري رهيا آهن پر پوليس فورس ڪيترن سالن کان ساڳئي نموني ٿيندڙ وارداتن جي خبر هوندي به ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ انهن ڌاڙيلن جي انهي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي نه سگهي آهي، جنهن ڪري روز اهي اغوا جون وارداتون رپورٽ ٿي رهيون آهن. رڳو ڪالهوڪي اخبار ۾ ئي 5 نوجوانن جي انهي نموني اغوا ٿيڻ جون خبرون ڇپيل آهن جيڪي موبائيل فون تي عورتاڻي آواز تي هرکجي پنهنجو پاڻ کي انهن هٿياربندن حوالي ڪري چڪا، جن ئي انهي عورتاڻي آواز جو ڄار وڇايو هو، جڏهن ته پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ اهڙي ٻي واردات جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو جنهن ۾ هڪ نوجوان انهن هٿيار بندن جي ڄار ۾ ڦاسي سندن ڏسيل هنڌ تي وڃي رهيو هو پر پوليس جي روڪڻ ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ اها خبر پئي ته هو جنهن سان فون تي رابطي ۾ هو اهي انهن هٿياربندن جي نيٽ ورڪ جو ئي حصو هيا.لڳاتار اهڙيون خبرون اچڻ کانپوءِ جيڪي ڪيترن سالن کان جاري آهن ته هرڪو سمجهي ويو آهي ته ڌاڙيلن پنهنجي روايتي طريقن کي ڇڏي جديد ٽيڪنالاجي کي پنهنجي ڏوهي وارداتن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي،اهي ڪنهن ماڻهو جي اغوا لاءِ روڊن يا شهرن تي ڪاهه ڪري پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ بدران هاڻي جديد ٽيڪنالاجي سان ماڻهن سان رابطي ۾ رهي عورتاڻي آواز ذريعي کين ڦاسائين ٿا ۽ پوءِ انهن کي مخصوص هنڌ تي گهرائي يرغمال بڻائين ٿا.جيڪڏهن اهي وارداتون ڪو اوچتو اڀري آيون هجن ها ته سمجهجي ها ته ڌاڙيلن جي انهن وارداتن کي سمجهڻ لاءِ وقت لڳندو پر هي ته گهڻن سالن جي ڪهاڻي آهي انهي نيٽ ورڪ ۾ عورتون به استعمال ٿين ٿيون جڏهن ته پوليس لڳاتار اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته اهڙي نيٽ ورڪ جو پتو لڳائي ورتو آهي جڏهن نيٽ ورڪ جو پتو به لڳايو ويو آهي ته اهي وارداتون روڪڻ يا انهي نيٽ ورڪ کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ پوليس آڏو ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟
اسان سمجهون ٿا ته اهي وڌندڙ وارداتون پوليس جي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ڪرڻ جي اهليت کي وائکو ڪري رهيون آهن جڏهن جهنگ ۽ ٻيلن ۾ ويٺل جديد دنيا کان ڪٽيل ڏوهاري انهي جديد ٽيڪنالاجي کي ڪاميابي سان پنهنجي وارداتن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن ته پوءِ پوليس جي اهليت تي سوال ته اٿندا ،پوليس کي اغوا جي وڌندڙ اهڙين وارداتن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي نه ته عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ جون خبرون روز پوليس فورس کي چيڙائينديون رهنديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *