تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

جعلي جي آئي ٽيز ۽ جمن جيالو

ان ڏينهن انڊس هاءِ وي تان سفر ڪندي سخت اڃ جو احساس ٿيو ته مون ڀرپاسي جي ڪنهن جهوپڙا هوٽل جي تلاش شروع ڪئي جتي ڪورونا جي سيزن ۾ ڪجهه گهڙيون ايس او پيز تحت ويهي پاڻيءَ سان گڏ چانهن به پي سگهجي.انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن سان هونئن ته هوٽلون عام جام آهن پر ماڻهن جي رش کان پرڀرو ٿيڻ خاطر هڪ جهوپڙا هوٽل تي وڃي بيٺس جنهنکي خالي پيل بئنچن کان به پري ڪرسي رکڻ جو عرض ڪيم.هوٽل واري کي شابس هجي جنهن پنهنجي دخل ۽ ماڻهن جي اچ وڃ کان ٿورو پرڀرو ٻه ڪرسيون رکي ڏنيون جتي ويهي اڃان منهن تان ميڊيڪل ماسڪ مس لاهيم ته هڪ همراهه اچي حجائتن دوستن وارو سلام ڪيو.مرشد سائين حق موجود ابا ديدار ئي مهانگا ڪري ڇڏيا ٿئي..منهن ورائي پوئتي نهاريم ته عام ٻهراڙيءَ واري سادي ڊريس يعني پوتڙو ۽ قميص پاتل هڪ همراهه مٿي تي اڇو رومال رکي اچي ڀرسان بيٺو.سندس اڇو رومال گرميءَ کان بچاءَ سان گڏوگڏ هاڻي کيس ڪورونا کان به بچائيندو هوندو، مون اهو سوچي کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن پنهنجي لاءِ ڪرسي پاڻ ئي سوريندي چيو سائين سال ٿي ويا آهن ملاقات ناهي ٿي . توهانکي ياد آهي جڏهن شهيد بي بي زندهه هئي ۽ جلاوطني ختم ڪري ڳڙهي خدابخش آئي هئي ته پاڻ مليا هئاسين.وري جڏهن ظالمن کيس شهيد ڪيو ته سندس جنازي مهل به توهان سان شهيدن جي شهر ۾ مليا هئاسين.سندس ملاقاتن جي ڏنل نشانين بعد مون کيس سڃاڻيندي چيو اڙي يار..جمن آهين ڇا…تنهنجا حال ڇو اڃان هيڻا آهن ٻارنهن سالن جي اقتدار ۾ تنهنجي پارٽيءَ جا اڪثر ڀوتار ته مچي سگها ٿي پيا آهن پر تون صفا ڏٻرو لڳو پيو آهين.منهنجي ان طنز تي هو صفا سنجيده ٿي سامهون پيل ڪرسي سوري ويهي رهيو..جمن پيپلزپارٽيءَ جي انهن جيالن منجهان هڪ آهي جيڪي پنهنجي پارٽيءَ مٿان ڪنهن به قسم جي سڌي يا اڻسڌي تنقيد ٻڌي برداشت نه ڪري سگهندا آهن.يا ايئن چئجي ته ڪک به نه سهندا آهن..اگر تنقيد جائز به هوندي آهي تڏهن به خاموش ٿي منهن پري ڪري ايئن ويهي رهندا آهن جيئن هن مهل جمن جيالو منهنجي سامهون ويٺل آهي.هن ڳالهه جو رخ جلدي مٽائيندي منهنجي ميڊيڪل ماسڪ ۽ سينيٽائيزر لڳائڻ طرف اشارو ڪندي چيو سائين ملڪ ۾ اڃان ڪورونا هلي پئي ڇا جو توهان صفا اهتمام سان نڪتا آهيو.مون سينيٽائيزر جي ننڍڙي دٻيءَ مان ڪجهه قطرا ڪڍي ٻنهي هٿن تي لڳائيندي حيرت مان جمن ڏانهن ڏسندي چيو مونکي توهان مان اهڙي اميد نه هئي ته توهان جهڙو پڙهيل لکيل ماڻهو به ڪورونا وائرس بابت عام طور ٿيندڙ مشڪرين مذاقن يا افواهن ۾ يقين رکندو هوندو.منهنجي اهڙي سنجيده ڀاشڻ نما ڳالهه کي هن ٽهڪ ڏئي سياسي انداز سان ٽاريندي چيو سائين اسانکي به نئين پاڪستان مان اهڙي اميد نه هئي ته ڪورونا سان اهڙيون مشڪريون ٿينديون جو سموري دنيا ڪورونا ڪورونا ڪندي پئي وتي ۽ هي ملڪ جا نوان نواب وري جعلي جي آئي ٽيز جي ڪڍ گهمندا پيا وتن.روز بيان روز تبصرا جي آئي ٽي تي…جمن جيالي جي ڳالهه اڃان جاري هئي ته هوٽل جي بيري اچي اڍنگي نموني سان آرڊر پڇيو.بيري جو هڪ هٿ سندس وکريل وارن ۾ هيو ته ٻيو هٿ پيٽ ۽ هيٺ خارش کي کنهڻ ۾ لڳل هيو.سندس اڍنگا افعال ڏسي جمن جيالي هڪل ڪيس ابا تون ته هتان هل…ڪنهن فضيلت واري همراهه کي موڪل ته آرڊر وٺي وڃي تون پهريان وهنجي سهنجي ڪنهن ڊاڪٽر کان خارش جي دوا وڃي وٺ….جمن جيالو اهڙن ماڻهن لاءِ پڙي هوندو آهي جن کي سماجي اخلاقيات يا آداب نه ايندا هجن..بدفضيلتي بيري کي واپس ڪندي هن پاڻ ئي پاڻ چيو مرشد جيستائين اهڙي مخلوق اٻوجهه هوندي ته حڪمران به اهڙا ئي ملندس.جمن جيالي جو پنهنجي تر واري جهوپڙا هوٽل تي اهڙو داٻو پئي هليو جهڙو اڄڪلهه مراد سعيد جو اسميبلي ۾ داٻو پيو هلي سو جلدئي ٻيو بيرو ڇا هوٽل مالڪ پاڻ اچي ويو جنهنکي ٻه ڦڪيون چانهيون ۽ پاڻيءَ جون ٻه بوتلون چئي ويٺو.جيستائين چانهن پاڻي اچي تيستائين مون سندس اڳم چيل جملي تي کيس ٽوڪ هنئي ته جمن اها جي آئي ٽي جعلي ڪيئن ٿي.مونکي توقع اها هئي ته هو به وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ان ٽيڪنيڪل بيان کي ورجائيندو ته جي آئي ٽي ۾ سي ٽي ڊي جي جڳهه تي سي آئي ڊي لکيل آهي وغيره ۽ پروف جون ڪجهه چڪون ڪڍندو پر هن ٺهه پهه اچي ڳالهه جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌو ۽ اسي واري ڏهاڪي جي نظرياتي جيالن جيان جذباتي ٿيندي چيو مرشد ڪجهه به هجي هي ڪيترا به وس ڪن پر پيپلزپارٽيءَ کي دهشتگرد پارٽي ثابت نه ڪري سگهندا.هي ڪالهه ڪلهوڪا ڇورا اچي اسميبلين ۾ چون ٿا ته عذير بلوچ سان تعلقاتن جي بنيادن تي پيپلزپارٽيءَ کي ڪرمنل پارٽي قرار ڏيو ۽ ان تي بندش وجهو.پر افعال اسان جي همراهن م ناهن جيڪي انهن کان پڇي سگهن ته اسامه بن لادن وڏو دهسشتگرد هيو يا عذير بلوچ…يار ظلم آهي جيڪي اسيمبلي فلور تي اسامه بن لادن کي شهيد پيا قرار ڏين اهي هليا آهن شهيد محترمه جي پارٽيءَ کي دهشتگرد قرار ڏيڻ.جمن جيالي پنهنجي رومال سان جذبات ۾ آيل پگهر اگهندي چيو هي وڏي غلطي پيا ڪن..جيئن سنڌ کي بلوچستان بڻائڻ جي چڪر ۾ روز ڦٽاڪا پيا ڦاڙائين تيئن ئي هي پيپلزپارٽي کي ايم ڪيو ايم سمجهي رهيا آهن پر اها غلطي پيا ڪن. هن پنهنجي مخصوص انداز سان هٿ مٿي ڪندي چيو مرشد پيپلزپارٽي ڪرپٽ ٿي سگهي ٿي دهشتگرد نٿي ٿي سگهي.اها سندن ڀل آهي.هن ٻيهر پگهر اگهيا ته ساڳئي هوٽل جو فضيلت ڀريو بيرو پاڻيءَ جون بوتلون ۽ چانهن کڻي آيو.جمن جيالي جي داٻي سبب هو اضافي سروس ۾ ڪجهه ٽشو پيپپر پليٽ ۾ وجهي کڻي آيو هو.
جمن پاڻي پي ساهه پٽيو ته مون کيس چيو پر ان زماني ۾ رئيس پنهنجي دوست مرزا کي گهرو وزير بڻائي غلطي نه ڪئي هئي جنهنجي گهرواري هاڻي مٿس سلطاني گواهه بڻجي رهي آهي.ته هن سينيئر سياسي ڪارڪنن واري انداز ۾ طنزيه مسڪرائيندي ۽ هيڏي هوڏي نهارڻ بعد ڪجهه هلڪي ٿيل آواز ۾ چيو سائين رئيس اها غلطي ڇا غلطان ڪيو هو پر ان مهل ڪير ڪڇي.اسان سڀني ڪارڪنن جي وارث هئي شهيد راڻي..سا ته هلي وئي، اسان ٿي وياسين ننڌڻڪا ۽ پارٽيءَ تي اچي نوان رئيس ويٺا نوان حڪم هليا، بينظير جي پوري لابي پاسي تي ٿي وئي.رحمان ڊڪيت الائي رحمان ملڪ اچي ويٺا سينئر ماڻهن اهو چئي عزتون بچايون ته اسان بينظير سان گڏجي سياسي ڪم ڪيو آهي هي هاڻي آيل ادي ته صفا وڏيري ٿي لڳي پر اڇي مٿي ۾ ٻي ڪهڙي پارٽي ۾ وڃون… اهي سڀ ڪارڪن اهي سڀ اڳواڻ وڃن ڪاڏي تنهنڪري چپ ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. ايئن چئي هن پنهنجي ڦڪي چانهن مان ڍڪ ڀريندي مونکي به چانهن کڻڻ جو اشارو ڪيو.مون پنهنجي چانهن ۾ ٿوري کنڊ ملائيندي کيس چيو معنيٰ رئيسن پارٽيءَ کي رلائي ڇڏيو ته هن منهنجي طنز محسوس ڪندي پنهنجي تنقيدي انداز کي بدلايو، منجهس اصل جيالي وارو روح اچي ويو ۽ چوڻ لڳو اهڙا ڪيئي رئيس آيا ويا سائين پر پارٽي وري به زندهه آهي، اهو نعرو اسان فقيرن ئي پارٽيءَ اندر اٿاريو هو ته نه پير جو نه مير جو ووٽ بينظير جو..سمجهيئي باقي جيڪا هي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پارٽي کي الطاف واري پارٽيءَ جيان دهشتگرد پارٽي ثابت ڪن ايئن نٿو ٿي سگهي.مون پنهنجي مٺي چانهن مان ڍڪ ڀريندي کيس چيڙائڻ واري ارادي سان پارٽي کي کڻي ڪرمنل نه به قرار ڏين پر جيڪڏهن رئيس ۽ رئيس جي يارن کي سوڙهو ٿا ڪن ته پوءِ ڪيئن رهندو.ته هن چانهن جو ڪوپ ٽيبل تي رکندي هيڏي هوڏي ڏسندي رازداري واري انداز سان چيو اهو ته اسان جو ڀلا ڪندا، ان ڪرمنل ٽولي مان ته اسان پاڻ ڦاٿا پيا آهيون.انهن جو دفاع ڪري ڪري اچي ٿڪا آهيون جان ئي نٿي ڇٽي…..
سندس ڳالهه ٻڌي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ مون پنهنجو ڪوپ ٽيبل تي رکندي کيس چيو جمن چئين سچ ٿو پر بات هي رسوائي ڪي…تڏهن ته تون جيل ٿاڻا ڀوڳڻ بعد به اقتداري سرڪل کان ٻاهر جهوپڙا هوٽل تي ويٺل آهين ۽ لچ لوفر پارٽيءَ جي نالي تي اقتداري صوفن تي ويٺل آهن..جمن جيالي کان موڪلائڻ کان اڳ مان سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن رئيس پنهنجي پارٽيءَ جي اهڙن سجاڳ ذهنن کي پري ڌڪيندا رهندا ته ڪي نه ڪي عذير بلوچ ئي انهن جي ويجهو ايندا رهندا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن جي آئي ٽي ۾ کين پيا گهليندا..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *