تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جمهوريت، جذبا ۽ گورننس

سنڌ جي وزيراعليٰ جي ان اعلان سان ته ڪياماڙي نالي ڪراچي ۾ ستون ضلعو ٺاهيو ويندو، هڪ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي. نسلي تنظيم جا نوان پراڻا سڀ سربراهه جيڪي 12 مئي جي ڪوس، بلديه فيڪٽري باهه ۽ وڪيلن کي ساڙڻ سميت هزارين بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڪنهن نه ڪنهن مقدمي ۾ عدالتن کي گهربل آهن، سي آزاد گهمي رهيا آهن ۽ سندن ئي مطالبي “ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي”خلاف گڏجي سڀ گروهه ٻرن مان ٻاهرنڪري ٻولي رهيا آهن. چون ٿا ته ڪراچي ٻن ڪروڙن جو هڪ ضلعو آهي ۽ انکي نه ٽوڙيو وڃي. هو ميڊيا تي نفرت انگيز بيان ڏئي ڪورٽ سڳوري بابت اهڙو تاثر پيدا ڪري رهيا آهن ڄڻ ته کين اول ئي پڪ ڏياري وئي هجي ته درخواست وجهو ته ڪم ٿي ويندو ، جنهن سان ڪورٽ سڳوري جي حرمت کي ڇيهو رسي رهيو آهي. سندن اعتراض سبب “اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ” جي مطالبي جي اصليت پڌري ٿي پئي آهي. دراصل اهي قوتون سنڌ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن مضبوط مرڪز ته ڪڏهن هيٺين سطح تي اختيارن جي منتقلي جا مطالبا ڪنديون رهيون آهن پر ان پويان سولي سنڌي ۾ سندن مقصد اهو ئي هوندو آهي ته اختيار جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سندن هٿ ۾ رهندا آيا آهن، اهي ٻين قومن جي حوالي نه ٿين ۽ خاص طور ڏکڻ جي تاريخي اڪائين سنڌ، بلوچستان جنهنجي ڌرتي ۽ انجي سيني اندر لڪل تيل، گئس، ڪوئلي، هيرن، جواهرن، سون، ٽامي جي بيپناهه ذخيرن ۽ انجي چپن تي آباد سامونڊي بندر ۽ ٻيٽ آهن تن تي قبضو ڪري سندن باشندن کي انجي فائدن کان محروم رکيو وڃي. اتر ۽ ڏکڻ جي اها جنگ نه فقط پاڪستان پر دنيا ۾ به توهان کي هر هنڌ نظر ايندي جنهن دنيا کي اميرن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.
دراصل ڪياماڙي جنهن جو کين صحيح نالو به اچارڻ نٿو اچي تنهنکي نئون ضلعو بنائڻ تي کين انڪري به حيراني ٿي آهي جو ان ضلعي ۾ ڪراچي پورٽ، هاربر ۽ منهوڙو آهن جتي هو اقليت ۾ آهن ۽ جتان ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي وصول ٿئي ٿي. ٻيو سامونڊي پورٽ بن قاسم ته اڳي ئي ملير ۾ آهي جتي اصلوڪا ماڻهو اڪثريت ۾ آهن. پر کين دراصل سڀ کان وڌيڪ شاڪ وزيراعليٰ جي ان تجويز تي لڳو آهي جنهن تحت ڪراچي ڏکڻ جو نالو ڪراچي ۽ ٻيا ضلعا ناظم آباد، گلشن اقبال، ملير، ڪورنگي، منگهوپير، ڪياماڙي سڏيا ويندا. يعني ڪراچي ضلعو اصلوڪي ڪراچي جي حدن تي مشتمل هوندو جنهن۾ ڪلفٽن، ڊفينس، صدر، سول لائينز، ڪراچي ڪينٽونمينٽ، آرام باغ، گارڊن، لياري وغيره شامل آهن جن مان گهڻن علائقن کي پاڪستان ٺهڻ کان پهريائين ڪنهن زماني ۾ گورا علائقا سڏيو ويندو هو ۽ گهڻو ڪري جتي انگريز ۽ ٻيا غير ملڪي آباد هوندا هئا پر هاڻي گهڻي ڀاڱي ڌرتي ڌڻي آباد آهن. ان ئي ضلعي جي حدن ۾سنڌ اسيمبلي، گورنر هائوس، وزيراعليٰ هائوس، سنڌ سيڪريٽريٽ، وفاق جون آفيسون، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري، اسٽيٽ بئنڪ، ٻين ملڪن جا سفارتخانا، ثقافتي مرڪز، ريلوي اسٽيشنون، سول ۽ جناح اسپتالون، ميڊيڪل ڪاليج، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، واپاري مرڪز، اخباري دفتر، پريس ڪلب، آرٽس ڪائونسل، سنڌ ڪلب، ڪراچي ڪلب، بوٽ ڪلب، بيچ ويو ڪلب، سن سيٽ ڪلب، ڪراچي جئمخانه، هندو جئمخانه، چار توڙي پنچ ستاره هوٽلون ۽ وڏين بئنڪن، انشورنس ۽ ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جون هيڊ آفيسون آهن جتي هو نه فقط اقليت ۾ آهن پر ملڪ جو گهڻي ۾ گهڻو ٽيڪس به ان ضلعي مان ئي وصول ٿئي ٿو.جنهن سان سندن نفرت انگيز نسل پرستي جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري سگهي ٿي. 2017ع جي آدمشماري موجب سنڌ جي آبادي پوڻا پنج ڪروڙ هئي جن مان 60 سيڪڙوسنڌي ۽ 21 سيڪڙواردو ڳالهائيندڙ آهن. ڪراچي جي آبادي سنڌ جو ٽيون حصو آهي. ڪراچي ويسٽ آبادي جي لحاظ کان سڄي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي جنهنجي آبادي 1998ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾وڌي ٻيڻي ٿي 37 لکن تي پهچي چڪي آهي جن مان 16 لک رجسٽرڊ ووٽر آهن. هن ضلعي مان 5 قومي ۽ 11 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون آهن . قومي اسيمبلي ۾ هتان PTI جا 3 ميمبر چونڊيل آهن جن مان ٻه باٿ آئيلينڊ ۽ ڊفينس ۾ رهندا آهن. هڪ هڪ جو واسطو PPP ۽ MQM سان آهي جن جي به ان ضلعي ۾ رهائش نه آهي. صوبائي اسيمبلي ۾ 6 جو واسطو PTI سان، 3 جو MQM سان ۽ هڪ هڪ جو PPP ۽ تحريڪ لبيڪ سان آهي. سانگهڙ، حيدرآباد، ملير، ڪورنگي سنڌ جا اهي وڏا ضلعا آهن جن جي آبادي 20 لک جي لڳ ڀڳ آهي. خيرپور 24 لک برابر آهي جنهن کي به ڪابينه ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جي رٿ غور هيٺ آندي آهي. جڏهن ته ڪراچي ايسٽ ۽ سينٽرل ضلعن جي آبادي 30 30 لک برابر آهي جن کي به ان فارمولا تحت ٻن بجاءِ ٽن ضلعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو ۽ ايئن ڪراچي کي 8 ضلعن ۾ ورهايو وڃي. ڪراچي ۾ آهستي آهستي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو تناسب گهٽجي رهيو آهي ۽ اربنائيزيشن ڪري ٻين علائقن مان ماڻهن جي آمد وڌي رهي آهي جنهنڪري سندن اڳواڻ ذاتي مقصدن خاطر سندن دلين ۾ خوف ۽ غيريقيني جي فضا پئدا ڪري سنڌين خلاف نفرت پيدا ڪري رهيا آهن جيڪا سندن دائمي مفادن ۾ ناهي. هڪ ڪٿ موجب هر مهيني تقريبا 45 هزار ماڻهو ٻين صوبن مان اچن ٿا جڏهن ته افغانين کان سواءِ 16 لک بنگالي، 4 لک روهنگيا به ڪراچي ۾ رهن ٿا. جيتوڻيڪ UNHCR موجب ڪراچي ۾ فقط 50 هزار افغاني رجسٽرڊ آهن پر ڪير به انهن انگن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن تي ڪراچي جي سڄاڻ سنڌي، اردو، بلوچ، گجراتي، اسماعيلي، ڪاٺياواڙي، پنجابي سوداگرن، ميمڻن سان گڏجي مشترڪه حڪمت عملي ٺاهي سگهجي ٿي. ماضي ۾ نسلي بنيادن تي ڪراچي جي ضلعن۽ تڪن جي حدبندي ٿيندي رهي آهي جنهنڪري گادي جي شهر ۾ رهندڙ سڀني ٻولين سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي نمائندگي سندن تناسب موجب اسيمبلين ۾ نٿي ٿئي. انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي نئين سر غيرلساني بنياد تي هڪ ڪري ڳنڍيل تڪبندي ڪئي وڃي.
پاڪستان جو ٻيون وڏو شهر لاهور جنهن جي آبادي گذريل آدمشماري موجب هڪ ڪروڙ 12 لک ۽ ايراضي 1,772 چورس ڪلو ميٽر آهي تنهنکي 9 حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن۾ راوي، داتا گنج بخش، عزيز ڀٽي شهيد، شاليمار، سمن آباد، گلبرگ، واگها، نشتر ۽ علامه اقبال زون شامل آهن. لاهور ڊويزن جي آبادي 2 ڪروڙ ۽ ايراضي تقريبا 12 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي تنهن۾ لاهور کانسواءِ قصور، شيخوپوره ۽ ننڪانه صاحب ضلعا آهن. تنهنڪري لاهور جيان ڪراچي جي 8 ضلعن ۽ انجي هيٺيان 8 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائونن وسيلي اختيار ۽ ذميداريون ٽنهي سطحن تي آئين موجب شفاف نموني ورهايون وڃن. انهن جي انتظامي ۽ مالي دائري بابت عوام کي آگاهي ڏني وڃي. اهو ساڳيو نظام سنڌ جي ٻين ضلعن تي به بنا ڪنهن فرق جي لاڳو ڪيو وڃي. سنڌ نسلي ڇڪتاڻ ۽ فيوڊل آپيشاهي سبب اڳي ئي گهڻو ڪجهه ڀوڳي چڪي آهي جنهن ڪري سندس باشندن جي زندگي جي معيار ۽ غربت جي خاتمي ۾ جيڪا پيشقدمي ٿيڻ کپي سا نه ٿي سگهي آهي. هن دفعي ڪياماڙي ضلعي جي فيصلي خلاف مختلف ڌڙن گڏجي جمعي ڏينهن پريس ڪلب آڏو گڏيل مظاهري جو اعلان ڪيو هو پر برسات يا عوام جي حمايت نه هئڻ سبب فقط PSP اهو مظاهرو ڪيو. ڇا ان مان ايئن سمجهجي ته اردو ڳالهائيندڙ هاڻي انهن کوکلن جذباتي نسلي نعرن کي سمجهي ويا آهن. سابق ميئر مصطفي ڪمال شاهزيب خانزادي جي پروگرام ۾ اعتراف ڪندي چيو آهي ته گذريل 32 سالن ۾ ڪراچي جي ڪرتا ڌرتائن KMC جي هزارين ملازمن کان ڪم وٺڻ بجاءِ سندن اڌ پگهار پنهنجي کيسي ۾ وجهي کين موڪلن تي موڪليو آهي، جهنڪري بلدياتي نظام ناڪام ٿيو آهي. گذريل سال KMC جي بجيٽ 26 اربن کان مٿي هئي جنهن۾ اڌ کان وڌيڪ انتظامي خرچ هو. ان کانسواءِ ڇهن DMCs جي هن سال جي بجيٽ 30 اربن جي لڳ ڀڳ آهي.
ڪراچي جي سرجاڻي ۾ جمعي تي ساڍا ست انچ برسات پوڻ سبب روڊ نهرون بڻجي ويون ۽ بجلي جي ڪرنٽ ۽ ٻڏڻ سبب 6 ماڻهو مري ويا. اندازو ٿيو ته نئين ۽ نالن جي صفائي جي NDMA مهم جو ڪو گهڻو اثر نه پيو آهي ڇوته نالن تان حددخليون اڃان هٽڻيون آهن. ضلعي سينٽرل ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ آء ايس پي آر موجب فوج کي گهرايو ويو آهي. ساڳيو ئي حال لاهور جو به آهي. ڪراچي شهر لاءِ ڪا غير آئيني ڪميٽي ٺاهڻ جي ڳالهه هجي يا ڪنهن آئيني شق جو بدنيتي تي ٻڌل ڪو غير قانوني حوالو، سنڌ ۽ پاڪستان جي مسئلن جو حل ڪنهن غير آئيني يا غير قانوني ميڊيا مهم جوئي يا ڪنهن جذباتي نعري ۾ نه پر جمهوريت جي تسلسل ۽ گڊ گورننس ۾ ئي آهي. بدقسمتي سان هتي فيصلن جون ڏوريون ڇڪيندڙ احتساب کان به آجا آهن. آئين ۽ قانون شوپيس بڻايو ويو آهي. جمهوريت ۽ گورننس جو بنياد ئي قانون جي حڪمراني، انصاف، شفافيت، ايمانداري، قابليت، ذميداري نڀائڻ، غلطيون قبول ڪرڻ ۽ عوام ڏانهن جوابدهه هجڻ ۾ آهي.جي ان ڌارا کي هلڻ ڏنو ويندو ته ان عمل سان سڀ ماڻهو ان ۾ شامل ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. ڇو ته جمهوريت اصل ۾ سڀني جي شموليت ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصول جو ئي نالو آهي.

Bookmark the permalink.

One Response to جمهوريت، جذبا ۽ گورننس

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *