تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

جمهوري جدوجهد جو سرواڻ مير حاصل بزنجو

پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهد جو سرواڻ ۽ انساني حقن توڙي پاڪستان ۾ عوام دوست حڪمرانيءَ لاءِ هر وقت متحرڪ رهندڙ مير حاصل بزنجوهاڻي اسان ۾ نه رهيوآهي .
مير حاصل بزنجو صاحب سان پهرين ملاقات 1993ع ۾ جناح اسپتال جي ورانڊي ۾ ٿي هئي. جڏهن هو ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي طبيعت پڇڻ آيو هئو. پاڻ ان وقت قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ نيشنل پارٽيءَ جو صدر هو. مير صاحب مرحوم ڪافي دير تائين ٺيٺ ٻهراڙيءَ واري انداز ۾ ورانڊي جي ننڍڙي ڀت تي هڪ لانگو ٿي باقي ڪامريڊن سان گڏ ڪافي دير تائين ويٺو دوستن سان ڪچهري ڪندو رهيو. مير صاحب پاڻ ڳالهائڻ بدران سڀني کي ڌيان سان ٻڌندو رهيو. مير صاحب جو والد محترم عليڳڙهه جو گريجوئيٽ مير غوث بخش بزنجو پاڪستاني سياست جو نه وسرندڙ ڪردار عوام دوست ڪردار رهيو آهي. سندس سياست ۽ دوستيون گھڻي ڀاڱي کيس ورثي ۾ ئي ميلون. جنهن کي مير صاحب مڙس ٿي نڀايو.
بلوچستان جنرل مشرف جي آمراڻي دور ۾ ٻرندڙ جبل بڻجي چڪو هيو. بلوچ عوام جي غير منظم ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي اهي سڀ سياستدان صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪندا هئا جيڪي پاڪستان ۾ آئيني ۽ جمهوري جدوجهد سان بلوچستان جي عوام کي سندن قومي سڃاڻپ ۽ عوامي حق ڏيارڻ لاءِ پر اميد ۽ متحرڪ رهيا.
مير صاحب توڙي سندس والد بزرگوار ۽ سندس جماعت هر طرف کان تنقيد جا تير کائيندا رهيا. اسلام آباد، لاهور توڙي ڪراچيءَ جي اردو صحافتي ۽ دانشوراڻن حلقن ۾ “بلوچ رهنما” ته وري بلوچستان جي قوم پرست حلقن ۾ “پاڪستاني سياستدان” طور طنز جا تير برداشت ڪندا رهيا .
مير صاحب پنهنجي سموري سياسي ڪيريئر ۾ پاڻ کي ذاتي طور اڇو اجرو ۽ سياسي طور واضح رکيو. مير صاحب جي پارلياماني سياست جو بلڪل محور واضح رهيو. سندس سياست جو مرڪزي نقطو ملڪ اندر پارليامينٽ جي بالادستي رهيو، جيڪو دراصل کيس پنهنجي والد مير غوث بخش بزنجو کان ورثي ۾ مليو هو. مير حاصل بزنجو پڻ پنهنجي والد بزرگ وانگر ان خيال جو هئو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت پسند سياسي جماعتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، اهو چاهي مخالف ڌر هجي يا وري حڪمت سازي جو عمل هجي.
مير حاصل بزنجو سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان سدائين ٻانهن ٻيلي ۽ سندن مددگار رهيو. نه رڳو بلوچستان اندراهڙين تنظيمن کي همٿائيندو رهيو جيڪي معاشري ۾ پرامن جمهوري ۽ آئيني طريقن سان عوامي حقن جي ڳالهه کي اڳتي وڌائين ۽ معاشري ۾ اهڙي سوچ کي هٿي وٺرائين پر بلوچستان کان ٻاهر جمهوري سوچ رکندڙ سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ صحافين سان تمام گھڻو رابطي ۾ رهيو.
2010ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي وفاقي حڪومت اين ايف سي اوارڊ لاءِ سرڪاري سطح تي صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون شروع ڪيون ته مير صاحب سنڌ جي سول سوسائٽي گروپن سان گڏجي ان بحث کي سول سوسائٽي، صحافتي حلقن ۾ عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مير صاحب پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه جي حيثيت ۾ پارٽي ڪارڪنن ۾ هردل عزيز رهيو. نه رڳو بلوچستان ۾ پر پوري پاڪستان ۾ سندس هر ڳالهه کي پوري احترام ۽ دل سان ٻڌو ويندو هيو.
مير صاحب پنهنجي ذاتي زندگي توڙي هڪ سياستدان طور عوامي زندگيءَ ۾ شفاف، سچو ۽ کرو رهيو. سندس پارٽي ڪارڪن توڙي سول سوسائٽي ڪارڪن، صحافي يا دانشور مير صاحب جي سچائي واري زندگي توڙي صاف سچ چئي ڏيڻ واري ڳالهائڻ جي انداز جي تعريف ڪندڙ رهيا . ٿي سگھي ٿو سندس ان انداز کانئس ڪجھه دوست ناراض به ٿيا هجن. مير حاصل بزنجو اقتداري ايوان جو ويجھڙائي کان مشاهدو ڪيو. اقتداري ايوانن متعلق سندس سچ ڳالهائڻ جي پاڪستاني ميڊيا ۾ جڳهه نه آهي. پر مير صاحب پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اهڙيون ڳالهيو بنا رک رکاءَ جي دوستن سان ونڊيندو رهندو هو.
مير حاصل بزنجو بنا شڪ شبهي جي نه رڳو بلوچستان پر پوري ملڪ اندر هڪ خال ڇڏي ويوآهي، جيڪو گھڻي وقت تائين هر وقت محسوس ٿيندو رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *