Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_r4ofl1ov28ml84peck68prqqg8, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جمهوري ۽ قومي حقن جي وڪيل جي موڪلاڻي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جمهوري ۽ قومي حقن جي وڪيل جي موڪلاڻي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

جمهوري ۽ قومي حقن جي وڪيل جي موڪلاڻي

هن جو تعلق انهي صوبي سان هو جتي هر دور ۾ باهه ڀڙڪندي رهي آهي ،آمريتن جو دور هجي يا جمهوري حڪومتون هن جي صوبي ڪڏهن به سک نه سنڀريو ،حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب وسيلن سان مالا مال انهي صوبي جو اڪثريتي عوام اڄ به ڄڻ پٿر واري دور جي زندگي گذاري رهيو آهي،پنهنجي صوبي سان ناانصافيون ٿيندي ڏسي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ مختلف ماڻهن مختلف رستا ورتا پر هن ڪڏهن به پرامن جمهوري جدوجهد تان هٿ نه کنيو ،سندس ساهه جي آخري سڏڪي تائين اهو ويساهه هو ته هن ملڪ جي مسئلن جو حل آئين، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت ۾ ئي آهي.آئين ،جمهوريت ۽ پارلياماني جدوجهد تي يقين رکندڙ نيشنل پارٽي جو سربراهه مير حاصل بزنجو پنهنجا اهي سڀ خواب کڻي هي دنيا ۽ جهان ڇڏي ويو آهي.
مير حاصل بزنجو کي جمهوريت آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي ويساهه سندس والد مير غوث بخش بزنجو وٽان مليو،جنهن به ايوبي آمريت کانوٺي ضياءُ جي مارشلا کي منهن ڏيڻ لاءِ سدائين جمهوري قوتن کي ڪٺو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.جنهن ڪري مير حاصل بزنجو به سڄي عمر جمهوري قوتن جي اتحاد لاءِ سرگرم رهيو ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو.مير حاصل بزنجو جو پسمنظر نه ڪو جاگيرداراڻو هو نه ئي ڪنهن قبائلي سردار جي حيثيت ۾ هن سياسي سفر جي شروعات ڪئي،هن جي سياست جو محور اهي پڙهيا لکيا نوجوان هيا جن مان بلوچستان جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جي اميد لڳائي هو انهن جي سياسي تربيت ڪندو رهيو.جڏهن مشرف جي دور ۾ بلوچستان بندوقن جي باهه ۾ سڙي رهيو هو ان وقت به مير حاصل بزنجو ۽ ان جي پارٽي سڄو ڪم نوجوان جي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪندا رهيا،جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو مڊل ڪلاس ۽ هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ قيادت جي هوندي نيشنل پارٽي بلوچستان جي سياست ۾ اهم حيثيت والاري ۽ مسلم ليگ جي دور حڪومت ۾ نيشنل پارٽي اڍائي سال بلوچستان جي وڏ وزارت ماڻي بلوچستان ۾ ٻرندڙ باهه کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.مير حاصل بزنجو جو ڪردار رڳو بلوچستان تائين محدود نه هيو هو سڄي ملڪ جي جمهوري ۽ قومي حقن لاءِ ترقي پسند ،جمهوري ۽ قومپرست قوتن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو جنهن ڪري کيس جمهوري توڙي قومپرست سياست ڪندڙ ڌرين ۾ نه صرف معتبر بلڪه سڀني جي اڳواڻ واري حيثيت حاصل هئي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ مخالف ڌر جي گڏيل اميدوار طور سامهون آيو پر ملڪي سياست ۾ هارس ٽريڊنگ جي ڪري هو اهو عهدو ماڻي نه سگهيو جنهن جي ڪاميابي يقيني طور نظر اچي رهي هئي.پر تنهن هوندي به هو ڪڏهن ڪمزور نه ٿيو ۽ پنهنجو جمهوري آواز بنا ڊپ ڊاءُ جي اٿاريندو رهيو.
اسان سمجهون ٿا ته مير حاصل بزنجو جو وڇوڙو رڳو سندس خاندان جو نقصان ناهي ۽ نه ئي رڳو بلوچستان هڪ اڳواڻ کان محروم ٿيو آهي پر اهو نقصان انهن جمهوري ۽ قومي قوتن جو آهي جن جي حقن لاءِ هو وڪيل ٿي وڙهندو رهيو ۽ آمريتي قوتن ۽ جمهوريت جي دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي چڀندو رهيو.مير حاصل بزنجو جي جدوجهد انهن سڀني لاءِ سبق آهي جيڪي جمهوري ۽ قومي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهن ته اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب تڏهن ٿيندا يا مڃتا ماڻيندا جڏهن ڪنهن به لوڀ يا لالچ کي پنهنجي ڪمزوري نه بڻائيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *