Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8mlu0p7po846jlmi5rdhccjuup, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جنسي حراسان وارا واقعا ۽ غير محفوظ نياڻيون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جنسي حراسان وارا واقعا ۽ غير محفوظ نياڻيون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

جنسي حراسان وارا واقعا ۽ غير محفوظ نياڻيون

ھونئن ته سڄي ملڪ اندر نياڻيون پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيون آھن پر صوفي بزرگن جي ڌرتي سنڌ ۾ به ان قسم جي واقعن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، جيڪو انتھائي ڳڻتي جوڳو عمل آھي. وفاقي توڙي صوبائي اسيمبلن ۾ بل پاس ٿيڻ باوجود جنسي حراسان ڪرڻ وارن واقعن ۾ گھٽتائي اچڻ بجاءِ ان قسم جي واقعن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. تازو ئي سماجي ڀلائي واري کاتي سوشل ويلفيئر جي 25 کان وڌيڪ 17 ھين گريڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز پاران ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪراچي ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سکر وٽ جنسي طور حراسان ڪرڻ جون شڪايتون داخل ڪرايون ويون آھن. پنھنجي محنت، قابليت سان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪندڙ انھن نياڻين پاڻ کي غير محفوظ قرار ڏيندي داخل ڪرايل درخواستن ۾ ڄاڻايو آھي ته ملڪي توڙي غير ملڪي موبائيل نمبرن، واٽس ايپ تان غير اخلاقي غلط وڊيوز، تصويرون، ايس ايم ايس توڙي ڪالز ذريعي جنسي حراسان ڪيو پيو وڃي. سوشل ويلفيئر جي ٺھيل واٽس ايپ آفيشل گروپ مان اسان جا نالا، نمبر، گھرن جي ايڊريس سميت ڪڍي ڪنهن غلط ويب سائيٽس توڙي گروپن ۾ غلط سڃاڻپ سان رکيون آھن جنھن کان پوءِ ملڪي توڙي غير ملڪي نمبرن تان جنسي حراسان وارو سلسلو شروع ٿيو آھي. درخواست ۾ ھنن اھو به ڄاڻايو آھي ته ھنن پنھنجي قانوني ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ ڪراچيءَ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي ته عدالت جي حڪم باوجود ڊپارٽمينٽ ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيا ويا آھن، ھيٺين گريڊ جي ملازمن باورچي، ڪلارڪ، انسٽريڪٽر سميت ٻين کي 17 ھين گريڊ ۾ قانون جي ابتڙ ترقيون ڏنيون ويون آھن، جنھن تان آفيشل گروپ ۾ شامل ٿيلن مان ئي ڪنھن اسان جا نمبر ان طريقي سان ليڪ ڪيا آھن، ڇو جو جنسي حراسان ڪرڻ سان گڏ ايس ايم ايس ذريعي اسان کي پٽيشن تان ھٿ کڻڻ لاءِ به ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن. جنسي حراسان جو شڪار عورت آفيسرن ابتدائي طور ئي سيڪريٽري سوشل ويلفيئر محمد نواز شيخ کي اطلاع ڏنو جنھن پنھنجي کاتي جي آفيسرياڻين کي تسلي ساٿ ڏيڻ يا پنھنجي نياڻين جيان سمجھي ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ڏيڻ بجاءِ انھن کي ذاتي مسئلو ڄاڻائي پاڻ حل ڪرڻ جو چيو، جنھن بعد ئي عورت آفيسرن ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ۾ درخواستون داخل ڪرايون. ٽائيم نيوز توڙي پنھنجي اخبار طرفان اھا خبر بريڪ ڪرڻ کان پوءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ وومين ايڪشن فورم توڙي ٻين تنظيمن جي عورت اڳواڻن رابطو ڪري تفصيل معلوم ڪيا. ان سان گڏ متاثر آفيسرياڻين پاڻ سان پيش آيل واقعي متعلق چيف سيڪريٽري توڙي سيڪريٽري کي لکت ۾ به آگاھه ڪيو. پريشر کان پوءِ ساڳي سيڪريٽري محمد نواز شيخ واقعي جي تصديق ڪندي چيف سيڪريٽري توڙي واقعي جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي اختيارين کي لکڻ ۽ انھن متاثر عورتن کي آفيس پھچي معامري متعلق آگاھه ڪرڻ جو چيو. جڏھن ته چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھه بھ معامري جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. چيف سيڪريٽري جي ترجمان موجب چيف سيڪريٽري پاران غير اخلاقي عمل ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪميشن پاس 17 ھين گريڊ جي عورت آفيسرياڻين کاتي جي سيڪريٽريءَ طرفان مايوس ڪندڙ جواب ملڻ کان پوءِ خاموش ويھڻ بجاءِ ذميوارن کي بينقاب ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ درخواستون داخل ڪرايون. نه ته اڪثر عورت آفيسر توڙي نياڻيون ان قسم جي واقعن کي لڪائڻ لاءِ پنھنجا نمبر ئي تبديل ڪري ڇڏين ٿيون، عورت آفيسرياڻين طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي اڄ 14 آڪٽوبر تي رٿيل آھي ۽ درخواست گذار عورت آفيسرياڻين پاران جنسي حراسان ڪرڻ واري واقعي متعلق پڻ عدالت ۾ درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.
جيڪڏھن ملڪ اندر صرف ٻارڙن سان جنسي تشدد وارن واقعن جي ڳالھه ڪجي ته ان ۾ انتھائي ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آھي. ٻارڙن سان جنسي تشدد جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ڇرڪائيندڙ انگ اکر ٻڌائيندي ڄاڻايو آھي ته ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي . صرف گذريل 6 مھينن دوران پاڪستان ۾ 1489 ٻارن سان جنسي زيادتي جا واقعا پيش آيا، يعني پاڪستان ۾ روزانو 8 ٻارڙا جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، 1489 ٻار جن ۾704 ڇوڪرا ۽ 785 ڇوڪرين کي جنسي حوس ۽ زيادتي جو شڪار بڻايو ويو. 331 ٻارن کي اغوا بعد جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو، 69 ڇوڪرين ۽ 104 ڇوڪرن کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بنايو ويو. 134 ڇوڪرين ۽ 93 ڇوڪرن کي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٿيا. پنجاب ۾ 853 ۽ سنڌ ۾ 477 ڪيس رپورٽ ٿيا. خيرپور ۾ پھرين نمبر تي سمورن ضلعن کان وڌيڪ جنسي زيادتيءَ جا ڪيس سامھون آيا آھن، وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾35، خيبر پختونخوا 91 ، بلوچستان 22 ، آزاد جمون ڪشمير10 زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڳوٺن ۾ 62سيڪڙو ۽ شھرن ۾ 38سيڪڙو رپورٽ ٿيا. جڏھن ته 1489 وا قعن ما ن 1340 ڪيس پوليس وٽ رجسٽرٿيا، 143 ڪيس رجسٽر نه ٿي سگھيا. ھي مھيا ڪيل انگ اکر اھي آھن جيڪي ملڪي اخبارن ۾ رپورٽ ٿيا آھن وڏي تعداد ۾ اھڙا ڪيس به ھوندا جيڪي رپورٽ ئي نه ٿيا ھئا. ڇو جو اڪثر ڪيسن کي دٻايو ويندو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *