Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fon8p3mvg443sgo2ajpultvdd5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جنسي زيادتي جا وڌندڙ واقعا ۽ ڪجهه غلط فھميون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جنسي زيادتي جا وڌندڙ واقعا ۽ ڪجهه غلط فھميون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

جنسي زيادتي جا وڌندڙ واقعا ۽ ڪجهه غلط فھميون

انسان ۾ گھڻو ڪري ٻه خصلتون عام آھن ، يا ته ھو انسان ھوندو آھي يا وري جانور پر مان سمجھان ٿو ته انسان جي ھڪڙي خصلت اھڙي به آھي جنھن کي جانور واري خصلت کان به بدتر چئي سگھجي ٿو ڇو ته جانور ڪڏھن به ڪنھن جانور سان جنسي عمل کان پوءِ انجو قتل نٿو ڪري پر انسان جانور کان بدتر خصلت ۾ ھڪ ٻئي انسان جو جنسي عمل ڪرڻ کان پوءِ بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏي ٿو.
ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته ميڊيا جي ڪري اڄڪلھه ٻارن سان جنسي تشدد جا واقعا وڌي ويا آھن پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آھي، انساني تاريخ ٻڌائي ٿي جنسي زيادتي يا جنسي تشدد جا غير فطري عمل ته انسان جي شروعاتي دور کان رهيا آھن پر ان جو پڙاڏو اڄڪلھه جي ميڊيا جي ڪري ٿي رھيو آھي، تنھنڪري ميڊيا کي انجو ڪريڊٽ ملڻ گھرجي پر اسان وٽ قصو ئي ابتڙ آھي جو ھر عمل کي ڪنھن سازش جي نظر سان ڏسندا آھيون.
ھڪ ٻي غلط فھمي وري اھا آھي ته ماڻھو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن حڪومت چاھي ته اھڙا واقعا بلڪل ختم ٿي سگھن ٿا، مگر حقيقت اھا آھي ته جن ترقي يافتا ملڪن ۾ مضبوط حڪومتون موجود آھن اتي به جنسي تشدد جا واقعا ختم نه ٿي سگهيا آهن ، ڇو ته ٻارن سان گھڻو ڪري جنسي تشدد ته انھن جي پنھنجن گھرن يا وري سندس ويجھي مائٽن جي گھرن ۾ ٿئي ٿو اتي ادارن جو پھچڻ ذري گھٽ ناممڪن آھي جيستائين ڪا شڪايت نه اچي ان جو ھرگز اھو مطلب ناھي ته حڪومت ڪو ڪردار ادا نٿي ڪري سگھي ان جي ڪردار تي اڳتي بحث ڪيون ٿا.
ملڪ ۾ ٻارن سان جنسي تشدد کان پوءِ ان کي قتل ڪرڻ جا واقعا گھڻا ٿين ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان جو تعداد 5 سيڪڙو کان به گھٽ ھوندو پر جيڪو 95 سيڪڙو ٻارن سان جنسي عمل ٿئي ٿو ان تي اسان جي معاشري ۾ ڳالھائڻ به مناسب نه سمجھيو ويندو آھي، اسين ته رڳو ان ڪيس تي روئيندا آھيون جڏھن ڪنھن ٻار جو جنسي تشدد کان پوءِ قتل ڪيو ويندو آھي. جيڪڏهن سائنسي تجزيو ڪيو وڃي ته جن ٻارن سان زندگي ۾ جنسي تشدد ڪيو ويندو آھي ان جي زندگي تي ڪھڙا اثر پون ٿا ته خبر پوي ٿي ته ٻارن جي ترقي ۾ انجا ھاڃيڪار نقصان ٿين ٿا، ٻار پنھنجي تعليم تي ڌيان نٿو ڏيئي سگھي، ٻار جو معاشري ۾ ڪو صحتمند ڪردار نٿو رھي، ٻار تي نفسياتي اثر ٿين ٿا ان ڪري ٻار جي ترقي جي ھر عمل تي خطرناڪ اثر ٿين ٿا پر پوءِ به اسانجي معاشري ۾ انتي ڳالھائڻ کي برو سمجھو ويندو آھي.
اھا به غلط فھي آھي ته اسان جو مذهبي معاشرو آھي انڪري اسانجي معاشري ۾ ٻارن سان ايڏي پئماني تي جنسي تشدد نٿو ٿئي اھا به هڪ غلط فھمي ئي آھي.
پاڪستان يو اين ڪنوينشن آف چائلڊ رائٽس يعني ٻارن جي حقن واري قانون تي نه صرف صحيح ڪندڙ آھي پر ان کي 1990ع ۾ ريٽيفاءِ به ڪري چڪو آھي جنھن ۾ پاڪستان کي ھر پنج سالن ۾ ٻارن جي حقن جي باري ۾ يو اين ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻي ھوندي آھي پر مصيبت اھا آھي جو پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي تشدد ۽ ٻين حقن جي لتاڙ جي باري ۾ 90 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين باقي رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ پاڪسان جو ٻارن تي تشدد جو انگ آمريڪا ۽ برطانيا جھڙي ترقي يافتا ملڪن کان گھٽ ھوندو آھي. انڪري ملڪ تي ڪو بين الاقوامي دٻاءُ به نٿو پوي . پنجاب ۾ سڄي ميڊيا جو فوڪس ھوندو آھي انڪري اتي واقعا گھڻا نظر ٿا اچن پر حقيقت ۾ ٻارن سان زيادتين جو انگ ان کان به گھڻو وڌيڪ آھي.
ھڪ اين جي او 1917ع ۾ ھڪ رپورٽ شايع ڪئي ته ٻارن سان ھڪ سال ۾ ڪھڙن رشتيدارن زيادتيون ڪيون جيڪي ھيٺ ٽيبل ۾ ڏجن ٿيون.
ٽيبل ۾ اھا ڳالھه تمام اھميت واري آھي ته اسان جو ٻار مٿين ڏنل رشتي وارن سان ڪيترا ڀيرا ملي ٿو ۽ انھن مان ڪير به اهڙي ڪريل ڏوهه ڪري سگهي ٿو انڪري بنيادي ذميواري سندس ماءُ پي تي عائد ٿئي ٿي اھي انجو تحفظ ڪن ۽ ٻيو وري طريقو اھو آھي ته ٻار کي لائف اسڪل سيکارجن جيئن ھو پنھنجو دفاع پاڻ ڪري سگھي.
اين جي او جي ھن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارن سان ڪھڙين هنڌن تي زيادتي ٿي، جتي اڪثر ٻار اڪيلا ھوندا آھن.
خبر نه پئجي سگھي
مٿين انگن ۾ افسوسناڪ پھلو اھو آھي ته ٻار پنھنجي گھر ۾ به محفوظ نه آھي 266 ٻارن سان زيادتي جا واقعا سندس گھر ۾ ٿيا آھن ۽ ان کان سواءِ مسجد، دوڪان، جتي ٻارن جو اچ وڃ هوندي آھي اتي ٻارن سان زيادتي جا واقعا ٿين ٿا انڪري ٻارن جي آگاھي يا جنسي زيادتي بابت ڄاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو عمل نٿو سمجھه ۾ اچي جنھن سان ٻار جو بچاءُ ٿي سگھي.ھن رپورٽ ۾ اھا ڳالھه لکيل آھي ته ملڪ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ٻارن سان زيادتي وارا واقعا وڌيڪ رپورٽ ٿيا آھن، ٻھراڙي ۾ 1309 ۽ شھر وارن علائقن ۾ 455 واقعا ٿيا آھن.
ٻار جي بچاءُ جا ٽي درجا آھن، اچو ته ان بابت ڪجھه سکون.
پھريون درجو آھي پريوينٽ يعني ٻار کي نقصان کان بچائڻ ۽ ٻيو درجو آھي ريسپانس معني ڪو واقعو ٿئي ان جو ھڪدم نوٽيس ورتو وڃي ۽ ٽيون درجو آھي مسئلي کي پوري طرح حل ڪجي. ٻار کي نفسياتي سپورٽ ڏجي، ان جو پراپر طريقي سان علاج ڪرائجي ۽ زيادتي ڪندڙ کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻجي.ھيـٺيان ٻه درجا ته حڪومت جي ڪرڻ جا آھن ۽ انکي حڪومت کي ترجيح بنيادن تي ڪرڻ گھرجي پر جيڪو پھريون درجو آھي يعني ٻارن جو بچاءُ ان لاءِ حڪومت سان گڌ اسان سڀني کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، والدين جو ڪردار سڀ کان وڏو آھي ته ھو پنھنجي ٻار جي حفاظت ڪن.
حڪومت کي گھرجي ته استادن جي ٻارن جي حقن ۽ انھن سان زيادتي جي باري ۾ ٽريننگ ۽ سيشنس جو پروگرام جوڙي جنھن سان سنڌ جي استادن کي ان بابت حساس ڪيو وڃي جيئن ھو ٻارن جو بچاءُ ڪري سگھن.اسڪولن ۾ اسان جا ٻار مڪمل نه پر ٿورا محفوظ ھوندا آھن پر وڏو چئلينج اسڪول کان جيڪي ٻارٻاھر آھن انھن جي حفاظت جو آھي، سنڌ ۾ تقريبن 4 ملين ٻار اسڪولن ۾ آھن جڏھن ته 6.6 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن ان جي حفاظت لاءِ حڪومت کي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2011ع تي عمل ڪرڻ گهرجي، اٿارٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ڪري ان ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي ماھرن کي ان جو حصو بڻائي ۽ ان اٿارٽي جو مينڊيٽ آھي ته سنڌ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جا يونٽ کولي جيئن سنڌ جي ٻارن کي جنسي تشدد کان بچائي سگھجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *