Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mt53t171h55delrku95a4gg7m7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جن کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ۾ مزو ٿو اچي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جن کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ۾ مزو ٿو اچي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

جن کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ۾ مزو ٿو اچي

اها گهوٽڪيءَ جي گرمين واري روايتي شامن مان هڪ شام هئي ۽ اسان ڪرسيون رکرائي ايس ايس پي هائوس جي لان تي ويٺا هئاسين.جتي باوردي بورچي شام جي چانهن سان گڏ ڪجهه سنيڪس رکي هليو ويو هو.منهنجي سامهون ويٺل شخص کي ڏسي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي مان حيران به ٿي رهيو هئس ۽ چانهن به پي رهيو هئس ته ڪيئن هڪ غريب گهراڻي جو فرد هينئر منهنجي سامهون ايس ايس پي جي عهدي تي ويٺل آهي.ان وقت کيس سنڌ پوليس جي سروس ۾ آئي ڪجهه ئي سال ٿيا هئا ۽ اهو سندس ٻيو ضلعو هو جتي هو پوليس ڪمانڊ ڪري رهيو هو.ڳالهين ڳالهين ۾ هن پنهنجي تعليمي ۽ امتحاني سفر جا واقعا ٻڌايا .مان ان وقت ساڻس هڪ اخبار لاءِ انٽرويو ڪرڻ آيو هئس.فارمل انٽرويو ختم ٿيڻ بعد هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ادا اهو روايتي جملو ته اسان چوندا آهيون ته والدين جي محنت ۽ دعائن سان هتي پهتا آهيون پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن لاڙڪاڻي واري شاهنواز ڀٽو لائبريري نه هجي ها ته مان شايد اهي امتحاني مرحلا ايتري آساني سان پار نه ڪري سگهان ها.منهنجو درسگاهن کان وڌيڪ وقت ان لائبريري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گذريو ٿئي يار…..اها ڳالهه اهو ايس ايس پي ڪري رهيو هو جنهنکي ڳوٺان لاڙڪاڻي تائين اچڻ لاءِ صرف بس ۽ چنگچي جي ڪرائي جيترا پئسا ملندا هئا ۽ لنچ ۾ هو دوستن سان گڏ لائبريري ٻاهران بيٺل ڇولا چانور کائي پاڻي پي اوڳرائي ڏيندو هو ۽ وري پنهنجي پڙهائي کي لڳي ويندو هيو.اهڙوئي هڪ ٻيو ڪردار حيدرآباد جي علامه دائودپوٽو لائبريري مان نڪري آفيسري عهدي تي پهتل آهي جنهنکي حيدرآباد ۾ مسواڙي جڳهه يا فليٽ افورڊ ڪرڻ جيترا پئسا ان وقت نه هوندا هئا تنهنڪري هو پنهنجي ان دوست وٽ وڃي ترسندو هيو جيڪو بئنڪ ۾ چوڪيدار هيو.ان چوڪيدار جي ڪمري ۾ هو رات گذاريندو هو ۽ صبح سان لائبريري نڪري ويندو هو جتي سڄو ڏينهن رات دير تائين پڙهائي ڪرڻ بعد واپس چوڪيدار جي ڪمري ۾ اچي ڊهي پوندو هو.پر اهي ڪردار مونکي هن وقت ياد ڇو اچي رهيا آهن.شايد انڪري جو هينئر سنڌ جي ننڍي وڏي شهر منجهان هڪ دانهن نوجوانن جي رڙ ٿي اڀري آهي ته اسانکي لائبريري ڏيو.
ان ڏينهن ڪشمور جي هڪ نوجوان حجت ڪئي ته سائين اسان پنهنجي شهر ۾ لائبريري لاءِ ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائڻ وڃي رهيا آهيون توهان مهرباني ڪري پنهنجي وڊيو ٺاهي سينڊ ڪيو.کيس ٻڌايم ته اسان جهونا ماڻهو ڊجيٽل دنيا کان پرڀرو آهيون اها وڊيو ان طرح سان متان ٺاهي نه سگهان جنهن طرح جي توهانکي گهربل هجي پر ان جي باوجود هن جڏهن ضد ڪيو ته هاڻي سنڌ جي نوجوانن سو به باشعور نوجوانن جي حجت ڪيئن ٿي ٽاري سگهجي.مون وعدي مطابق کين وڊيو ڏياري موڪلي.بعد ۾ خبر پئي ته اهو مطالبو صرف ڪشمور وارن جو ناهي پر ان کان اڳ خيرپورناٿن شاهه، شاهپور چاڪر ۽ ٻين ننڍن شهرن جا نوجوان سوشل ميڊيل تي اهڙي مهم هلائي چڪا آهن.مختلف شهرن جي نوجوانن جا پبلڪ لائبريرين بابت مطالبا پڙهي ايئن محسوس ٿيو ته سنڌ ۾ عجيب هي اساٽ آ….جيئن ٿر جا ماڻهو برساتن يا پاڻيءَ لاءِ مطالبا ڪندا آهن تيئن هاڻي سنڌ جا نوجوان پبلڪ لائبريرين لاءِ هر شهر ڳوٺ مان مطالبا ڪري رهيا آهن.اهي رڳو عام ڇوڪرا مطالبا نه پيا ڪن پر خود اسڪولن ڪاليجن ۾ پڙهندڙ نوجوان به هاڻي لائبريرين جي اهميت کي سمجهي گهر ڪري رهيا آهن ته سندن تعليمي ادارن ۾ لائبريريون ڏنيون وڃن.ان ڏينهن ٽائيم نيوز جي هڪ اسائينمينٽ خاطر لاڙڪاڻي جي ٻئي نمبر وڏي ۽ قديمي اسڪول ميونسپل هاءِ اسڪول وڃڻ ٿيو ته اتي به شاگردن ۽ استادن اها ڳالهه ورجائي ته اسڪول ۾ لائبريري ناهي.اسڪول انتظاميا هڪ ڪمرو اسڪول جي اديب استاد عيسيٰ ميمڻ حوالي ڪيو آهي جتي هن ڪرسين تي ڪتابن جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن ته اها لائبريري آهي پر جيئن اڳ ۾ هر اسڪول يا ڪاليج ۾ باقاعده لائبريري هوندي هئي ۽ ان جو لائبريرين مقرر ٿيل هوندو هو اها صورتحال ناهي.انهن لائبريرين مان اسڪول يا ڪاليجي شاگرد ڪتاب اشو ڪرائيندا هئا ۽ پڙهي واپس ڪندا هئا.مون ان ڏينهن پراڻا پنا پنهنجي فائيلن ۾ سيٽ پئي ڪيا ته سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبري جو ڪتابن جاري ڪرائڻ وارو ڪارڊ نڪري پيو منهنجي ٻارن حيرت مان پڇيو ته هي ڇا آهي، جڏهن کين ان لائبريري ڪارڊ جي استعمال بابت ٻڌايم ته هو حيران ٿي ويا ڇو ته هاڻي سندن اسڪول يا ڪاليج ۾ اهڙو ڪو نظام ناهي.
لائبريرين جو نظام ته خير اڳ ۾ به اهڙو بهتر نه هيو پر اسي واري ڏهاڪي ۾ سياسي ڪارڪنن جي همٿ ۽ ڪوششن سان هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪا نه ڪا لائبريري هوندي هئي جتي اسٽڊي سرڪل هلندا هئا.جيڪڏهن ڪا جڳهه نه ملندي هئي ته ان وقت جي متحرڪ سياسي ڪارڪنن يعني ٻيڙي مزدورن جي ڀانڊن تي اهڙيون لائبريريون يا مني لائبريريون قائم ڪيون وينديون هيون جتي پاڙهو ڪارڪن پڙهندا ۽ تازيون ٺهيل ٻيڙيون پيئندا رهندا هئا.انهن مني لائبريرين ۾ نه رڳو ڪتاب پڙهيا ويندا هئا پر هفتيوار اسٽڊي سرڪل ۾ اهي ڪتاب پڙهندڙ پنهنجا ويچار پڻ سنگت سان ونڊيندا هئا.هاڻي نه اها سياسي سرگرمي رهي آهي نه ئي وري اهي ٻيڙي مزدور جن جي ڀانڊن تي اهڙيون مني لائبريريون باقي بچيون آهن تنهنڪري سنڌ حڪومت کي سنڌ جي نوجوانن جي مطالبي طرف ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ يا ته لائبريري قائم ڪئي وڃي جيڪڏهن ايتريون لائبريريون قائم ڪرڻ سنڌ حڪومت لاءِ مشڪل ڪم آهي ته پوءِ موبائيل لائبريريون هلرايو جيڪي هر شهر يا ڳوٺن ۾ وڃي نوجوانن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏئي اچن ۽ ٻئي چڪر ۾ اهي ڪتاب واپس وٺي ٻيا نوان ڪتاب کين پڙهڻ خاطر ڏئي اچن.
سنڌ ۾ نوجوان طبقو سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل طبقو آهي ڇو ته انهن کي رانديون کيڏڻ لاءِ نه گرائونڊ آهن نه راندين جو سامان، انهن جي من پسند سياست ڪرڻ تي پابنديون مڙهيل آهن تنهنڪري هو هر بار مختلف پريس ڪانفرنسن ۾ ورجائيندا رهن ٿا منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي. سياست ڪرڻ ڄڻ ته جرم بڻجي ويو هجي ٻئي طرف انتها پسند ڌرين ڏانهن وڃڻ جا نه رڳو رستا کليل اٿس پر انتهاپسندي جو پرچار ڪندڙ ڌرين وٽان کيس هن دنيا لاءِ به سيڌي سامان وٺڻ جيترا ڏوڪڙ ملن ٿا ته ٻئي جهان جي پڻ خاطر خواهه تسلي ملي وڃي ٿي.اهڙي دونهاٽيل ماحول ۾ جيڪڏهن ڪجهه باشعور نوجوان سنڌ جي مختلف شهرن لاءِ پبلڪ لائبريرين جي گهر ڪري رهيا آهن ته منهنجي خيال ۾ سندن گهر ناجائز ناهي. سنڌ حڪومت ۾ جيڪڏهن ڪو سمجهدار ماڻهو بااختيار ڪرسي تي ويٺل آهي ته کيس ضرور احساس ٿيڻ گهرجي ته هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ نوجوان توهان کان لائبريريون نه پر پنهنجي حصي جي آڪسيجن گهري رهيا آهن.خدارا نوجوانن کي لائبريرين جي صورت ۾ آڪسيجن فراهم ڪريو ته جيئن علمي آلودگي ختم ٿئي ۽ نوجوان بهتر سوچ واري دڳ سان هلڻ جهڙا ٿي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *