تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

جهرڪيءَ ۽ ڪَٻر جي آکاڻي!

پيارا ٻارو، بزرگو، ڀائرو، ڀينرو، اميرو، فقيرو ۽ کدڙا فقيرو! سڀني کي اسلام عليڪم، يا علي مدد، نمستي ۽ گڊ مارننگ، جيئي سنڌ، جيئي پاڪستان ۽ جيئي اسان جو نڌڻڪو، غريب، بدنصيب ۽ بيسرو عوام! توهين سمجهندا هوندئو ته آئون اسٽيج تي بيهي مارڌاڙ سان لبريز دونهيندار تقرير ڪرڻ وارو آهيان! نه منهنجا پيارئو نه! آئون اڄ توهان کي هڪ زبردست آکاڻي ٻڌايان ٿو. هي آکاڻي مرحيات ناني مون کي ننڍي هوندي ٻڌائي هئي، تڏهن منهنجي کوپري واري اوطاق ۾ اڃا عقل خان ڪونه آيو هو. وڏي ٿيڻ کانپوءِ به اسان غريبن جي کوپري واري اوطاق ۾ عقل خان بيسري مهمان وانگر ٻه ٽي ڏينهن اچي ٿو، پوءِ وري مهينن جا مهينا گم ٿيو وڃي. عقل خان جي غير موجودگي ۾ اسين غريب ماڻهو ٽڪي جي ڳالهه تي وڏا جهيڙا، خونريزيون ۽ ڪئين گند ڪري ويهندا آهيون. سو ڳالهه پئي ڪيم نانيءَ جي آکاڻي جي، نانيءَ جي آکاڻين ۾ اهڙا ته خطرناڪ جن، ديوَ راڪاس ۽ برڙ باڪاس هوندا هئا جو ڊپ ۾ اسين سڀ ٻار ڏڪي ڏڪي سمهي رهندا هئاسين ۽ ناني اسان کي ننڊ جي رڻ ۾ رولي پاڻ ناني وٽ هلي ويندي هئي. انهن خطرناڪ، دهشتاڪ ۽ خوفناڪ آکاڻين منهنجي وجود ۾ اهڙو ته خوف ڀري ڇڏيو جو اڄ به ڪنهن ڪم لاءِ مختيارڪار صاحب يا صوبيدار صاحب جي آفيس ۾ ويندو آهيان ته ايئن ڏڪڻي ۽ رڦڻي طاري ٿي ويندي آهي جهڙو مرگهي جو دورو شروع ٿي ويو هجي.
ڇتي ڪوري واري گهڻي ڊيگهه جي معافي. آکاڻي ملاحظه فرمايو. هڪ جهرڪي ۽ هڪ ڪٻر جي پاڻ ۾ بنهه گهاٽي دوستي هئي. انهن ٻنهي جا تعلقات نصرت سحر عباسي ۽ ڪلثوم چانڊيو جهڙا ڪونه هئا، نه ئي هير سوهو ۽ شفقت شاهه شيرازي وانگر تلخ هئا. بلڪه ٻئي ڄڻيون شيري رحمان ۽ مڪيش چاولا وانگر هم خيال، هم آواز ۽ هم نظريات هيون. هڪ ڏينهن اڏامندي اڏامندي ڪٻر اچي لوڙهي تي ويٺي ته ان جي ڍنگهر ۾ ڦاسي پئي. اچي رڙيون ڪيائين ته جهرڪي وڃي کيس لوڙهي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. وري گس تي ويٺي هئي ته مٿان اٺ جي لت اچي ويس. رڙيون ڪيائين ته وري جهرڪي اچي اٺ جي پير کي چنهبنون هنيون. اٺ لت مٿي ڪئي ته ڪٻر کي ڪڍي ٻار وانگر ڪٻر جو پير ترڪي ويو ۽ پاڻي ۾ ٻڏڻ لڳي رڙين تي جهرڪي اچي سندس کنڀڙاٽي ۾ چنهنب هڻي کيس ٻاهر ڪڍيو. اهڙي طرح جهرڪي ٽي دفعا ڪٻر جي حياتي بچائي. پوءِ ٻنهي ڄڻين ويجهن ٻن وڻن تي آکيرا ٺاهي آنا لاٿا. تور تي ويهي ٻچڙا ڄڻيائون. اوچتو اهڙو تيز مينهن وٺو جهڙو هيل پاڻ وٽ ڪراچي ۽ ڪاڇي ۾ وسيو آهي. ڳوٺ ٻڏڻ لڳو ته ماڻهو لڏي مٿانهين جاين ڏانهن هليا ويا. ان ۽ ٻي کاڌ خوراڪ سڀ لڙهي ويئي. باقي جهرڪي واري وڻ وٽ لوڻ سان ڀريل گندلو ۽ ڪٻر جي وڻ وٽ کنڊ سان ڀريل گندلو بچيو. ڪٻر کند چنهنب ۾ کڻي ٻچن کي کارائڻ لڳي ته سندس ٻچا وڌڻ ويجهڻ لڳا. جهرڪي لوڻ کڻي ٻچن کي ٿي کرايو ته ٻچن کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ بک ۾ ڪمزور ٿيڻ لڳا.
اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ مدد لاءِ جهرڪي اڏامي مدد لاءِ ڪٻر وٽ وئي ۽ کيس بک مرندڙ ٻچن لاءِ ونڊ وٺڻ جو عرض ڪيائين. ڪٻر ته هئي ڪٻر تنهن پنهنجي اصليت ظاهر ڪندي کنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. چيائين پاڻي خبر ناهي ڪڏهن لهي ٻي ڪا به کاڌ خوراڪ ڪانهي کنڊ توکي ڏيندس ته منهنجا ٻچا بک مرندا. تون ڄاڻ تنهنجو ڪم ڄاڻي آئون کنڊ ڪانه ڏيندس. اهو ٻڌي جهرڪي کي ڏاڍو ڏک ٿيو کيس پنهنجا ڪيل احسان ياد ڏياريندي چيائين ادي تون لوڙهي ۾ ڦاسي پئي هئين مون توکي اتان ڪڍيو هو! ڪٻر جواب ڏنو آئون ٿوري ڦاٿي هئس مون ته لوڙهن جي ڪنڊن سان ڪن ۽ نڪ پئي سبرايا! وري جهرڪي چيس ادي تون اٺ جي پير هيٺان اچي وئي هئين مون توکي اتان ڪڍيو هو! ڪٻر چيو آئون اٺ جي پير هيٺان ڪانه آئي هيس مون ته اٺ کان زور پئي ڏياريا. وري چيائين ادي تون واٽر ۾ ٻڏي رهي هئين مون توکي اتان ڪڍيو هو! ڪٻر چيو آئون ٻڏس ٿوري پئي آئون ته واٽر ۾ صابڻ ۽ شيمپو هڻي وهنتس پئي! احسان فراموشي وارا اهڙا بتا جواب ٻڌي جهرڪي حيران ٿي وئي. کيس ايتري مايوسي ۽ ڏک ٿيو جيترو ڪاڇي ۾ نئين گاج جي ڪري ٻڏندڙ، بي گهر ٿيل، بکن ۾ تڙپندڙ عوام کي انهن نمائندن کي ووٽ ڏيڻ جو ٿيو آهي جيڪي هن ڏکي صورتحال ۾ کين پڇن ئي ڪو نه ٿا. قصو ڪوتاهه جهرڪي ويچاري وڻن تان پيرون، ڪامون ۽ ليار پٽي ٻچڙن کي کارائي بک مرڻ کان بچائي ورتو ۽ احسان فراموش ڪٻر سان دوستي ختم ڪري ڇڏيائين.
هيلوڪي مينهن ۾ به جڏهن ڪراچي ٻڏڻ لڳو. نيڪال جا نالا بند هئا. روڊن تي گوڏي جيڏو پاڻي هو گهرن ۾ ارهه جيترو ماڻهو ٻڏڻ ۽ مرڻ لڳا. جهرڪي وانگر مظلوم ٿي ڪٻرن کان مدد گهريائون چيائون سائين نالن جي صفائي لاءِ اربين روپيا اوهان کي مليا. صفائي ڇو ڪانه ٿي؟ اسين ڇو پيا ٻڏون؟ جواب مليو توهان ٽيوين ۽ اخبارن ۾ ڏنو ڪو نه ته اسان گجر نالي تي ڪيترا نه فوٽو ڪڍرايا آهن. اسان نالن جي صفائي ڪرائي هئي پر وفاق سازش ڪري نالن ۾ پٿر اڇلرايا ۽ نالن تي رڪاوٽون ۽ اڏاوتون ڪيون، بي فڪر ٿيو، اسين انهن ڏوهارين جون لسٽون پيا ٺاهيون کين عبرتناڪ سزائون ڏينداسين. تيسين اين ڊي ايم اي وارا نالا صاف ڪري ويندا. اوهان تي احسان ڪندي کين اسان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. وري چيائون ته هن آفت زده صورتحال ۾ بجلي بند آهي. بجلي ٿوري دير لاءِ اچي ٿي ته ڪرنٽ سان اسان جا نوجوان ۽ ٻار ماري ٿي ان لاءِ ڪجهه ڪريو! جواب مليو اها به وفاق جي سازش آهي. ان ڪري جو بجلي وفاقي ادارو آهي. حيسڪو، ڪيسڪو، ليسڪو، ٽيسڪو ۽ فيسڪو کي اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. اهي اهڙا بيڪار آهن جو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي بجلي به بند ڪريو ٿا ڇڏين. اسين پيٽرول تي جنريٽر ٿا هلايون ۽ وفاق سازش ڪري پيٽرول به مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.
اهو ٻڌي جهرڪي جهڙا معصوم ماڻهو ماٺ ڪري ويا. وري ڪاڇي ۾ بي گهر ٿيل، ٻڏندڙ ۽ بکن ۾ تڙپندڙ ماڻهن رڙيون ڪري ڪٻرن کي ٻاڏايو ته اسين مرون پيا اسان جي سار سنڀال لهو اسين نڌڻڪا آهيون. کين جواب مليو ته ايترو مينهن پيو آهي جو نئين گاج به اٿلي پئي آهي اها به وفاق جي سازش آهي. عمران خان نيب جي هٿان مرڪز کان سڀ ڪڪر ڪاڇي ڏانهن موڪلي جبلن تي وسايا جيئن توهان ٻڏو ۽ مرو. ايف پي بند کي گهارا به وفاق هڻايا. رات جو هيليڪاپٽر ۾ عمران خان، شبلي فراز، شيخ رشيد، فردوس شميم نقوي ۽ حليم عادل شيخ بيلچا ۽ ڪوڏرون کڻي آيا. گهارا هڻي وري واپس هيليڪاپٽر تي چڙهي روانا ٿي ويا. اسان جو صاحب پاڻ جوهي پهتو. آبپاشي عملدارن ۽ ڪامورن تي ايتري ڪاوڙ ڪيائين ايتري ڪاوڙ ڪيائين جو ويچاري جو ماسڪ به هيٺ ڪري پيو. اهو ٻڌي جهرڪي جهڙا معصوم ماڻهو ماٺ ڪري ويا.
مون جڏهن ٽائيم ٽي وي جي خبرن ۾ ڪاڇي ۾ ترندڙ، ٻڏندڙ، بکن ۾ مرندڙ، بي گهر ٿيل ماڻهن جي حالت ڏٺي ته منهنجو هانءُ ڦاٽي پيو. آئون مري جهري ۽ ڏري پيس ڏک ۾ ٿڌا ساهه کڻڻ لڳس ۽ منهنجي ننڊ ڦٽي ويئي. سوچيم اسان جو اٻوجهه، بي شعور، نڌڻڪو ۽ بيسرو عوام جيڪڏهن اليڪشن ۾ محترم اياز لطيف پليجو صاحب، محترم علي قاضي صاحب ۽ اهڙن ٻين وطن دوست، سنڌ دوست، غريب دوست، حق پرست ۽ سچ پرست اميدوارن کي وٽ ڏئي ها ته اڄ سندن واهر ڪرڻ وارا ميدان تي لهي پون ها، پر اڄ سندن رڙيون، ڪوڪون، اوڇنگارون ۽ سڏڪا ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونهي. سياڻن سچ چيو آهي ته پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب! مون کي هاڻي لاڏاڻو ڪري ويل انڊيا جي عظيم ترقي پسند شاعر راحت اندوري جو هي بيت ياد اچي ويو:
هم جو بولينگي اس مين صداقت هوگي
هماري من مين تيري زبان ٿوڙي هي
يه جو صاحب مسند هين ڪل نهين هونگي
يه ڪرائي ڪا گهر هي ذاتي مڪان ٿوڙي هي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *