تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

جهنڊن جو جهيڙو

اسان اميد پرست آهيون ان ڪري اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته اميدن کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏيون، شايد اها اسان سنڌين جي مجموعي قومي نفسيات آهي ته اسان ڏک ۾ هوندي به خوش رهڻ جا ناٽڪ ڪندا آهيون گهر ۾ ڪو ماڻهو مري وڃي، لاش ڪفن دفن لاءِ تيار ٿيندو هجي، گهٽيءَ ۾ ڪو ماڻهو اچي پڇي ته سائين خوش آهيو ته اندر ڀلي اڌ هجي پر کلي چوندا آهيون، جي سائين رب جا ڪرم آهن سڀ خير آهي! ايئن سڀ خير آهي جو رينگٽ اسان مان تنقيدي شعور جي سگهه ختم ڪندو پيو وڃي ۽ جتي تنقيد نه هوندي اتي تعمير ڪيئن ممڪن آهي.
نئين دنيا جون نيون ڳالهيون اسان کي به پاڻ ڏانهن سڏ ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته ٻيلي ڏاها ٿيو خودنمائي جي خفت مان نڪري گڏيل سوچ ۽ فڪر توڙي هڪ ڪري عمل سان اڳتي وڌو جيئن اوهان جي جهول ۾ فتح پئجي سگهي پر سچ اهو آهي ته سنڌي ٻولي جي چوڻي مطابق“ چري ڪيئن چئي ويران وير وڌ” وارو اسان سان قصو آهي.
پراڻ پسند سوچ ۽ اسان جو مدي خارج ڪلچر اسان کي نئين مهذب دنيا جي ويجهو وڃڻ کان مستقل روڪيندو رهي ٿو هاڻي اسان ان کي سامراجي سازش چئون رياست جي ايجنڊا چئون يا ايجنسين جي ايجنٽن جي ڪارروائي چئون اسان جي مرضي آهي پر سچ اهو آهي ته اسان جا لڇڻ ان ماڻهو جهڙا آهن جنهن کان ڪنهن پڇيو ڀائو منهن ڇو نٿو ڌوئين، جواب ۾ چيائين سائين غريب آهيان سو ذهني غربت اسانجو قومي الميو آهي ۽ اسان ان قومي الميئي ۾ ايئن چنبڙيل آهيون جيئن بوٽ جي کڙيءَ ۾ چيگم چنبڙيل هوندو آهي.
اسان ماضيءَ جي مزارن کي پوڄڻ وارا ماڻهو آهيون، قصا کڻي وڏي پٽاڙ ڪري پاڻ کي سورهيه پيش ڪري پيا دنيا جهان کي ٻڌائيندا آهيون ته اسان جهڙو نه ڄائو نه ڄمندو جڏهن ته سچ اهو آهي ته اسان هر معاملي ۾ غير سنجيده، نتيجن کان بي نياز، خود ثنائي ۽ دنيا کان اڪيلو بيهي الڳ اڏامڻ (سولو فلائيٽ ) جي خفت ۾ رهڻ وارا ماڻهو آهيون هاڻي اسان کي ڪير سمجهائي ته هي “دڪو نه داخل ٿيڻ وارو دور ناهي” جيڪو ماڻهو ٿورو به عمل ڪندو ان جو اهو عمل کاري هيٺان ڪو لڪائي نه سگهندو. پاڻ اڳيان ملالا يوسف زئي جو مثال موجود آهي جيڪا گلمڪئي جي نالي سان طالبان جي تعليم دشمن ڪاررواين جي خلاف اخبارن ۾ خطن جهڙا ڪالم لکندي هئي جنهن جو ديس اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کان ڪوهين ڏور هو پر ان جو علمي ۽ قلمي پورهيو ضايع نه ٿيو اڄ ملالا جو شمار دنيا جي انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جيڪي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ نه صرف اتساھه جو سبب آهن پر گڏوگڏ جنهن ملڪ جي ايئرپورٽ تي هن جا پير پهچن ٿا ته ان ملڪ جا حڪمران ان پيرن جي اڳيان احترام مان ريڊ ڪارپيٽ جيان وڇائجي وڃن ٿا.
اسان جا سياستدان سدائين چوندا آهن ته سنڌ جون حالتون انتهائي خراب آهن سچ به اهو آھي ته اسان خراب حالتن جي ادراڪ کان بخوبي واقف آهيون پر انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ جنهن وڏ ماڻهپي جي اسان کي ضرورت آهي ان اهميت کان اسان جي اڪثريت يا اڻواقف آهي يا وري ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار جو شڪار آهي حالتون سچ ته خراب آهن. سنڌ جا ماڻهو هاڻي ايڏا ته لاچار ۽ بي وس آهن جو انهن ماڻهن جي اڪثريت ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. سنڌ جا سمورا سرڪاري ادارا رشوت، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي سبب تباھه حال آهن. سنڌ جا مالي ۽ معدني وسيلا هڙپ ٿيندا پيا وڃن، سامونڊي ٻيٽن تي وفاق قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ڪارونجهر کي ڪورڻ لاءِ سنڌ جا حڪمران پنهنجن من پسند ڪمپنين کي ٺيڪا ڏيڻ جي تيارين ۾ آهن. پر ان سڄي صورتحال ۾ مثبت ڳالهه اها آهي ته جڏهن به سنڌ تي ڪا ڏکي گهڙي اچي ٿي ته ترت سنڌ ۾ اتحاد به جڙن ٿا ۽ گڏيل پيش رفت جي به شروعات ٿئي ٿي پر اڳتي هلي اهي اتحاد بنا نتيجن ڏيڻ جي ختم ٿي وڃن ٿا. سٺي ڳالهه اها به آهي ته اسان جي سنڌ جي سياسي پارٽين جون قيادتون سنڌ تي ايندڙ ڏکئي وقت وارين گھڙين ۾ سمورا اختلاف وساري هڪ هنڌ مڙي مٺ ٿين ٿيون ۽ سچ ته گڏجي ويهڻ ۾ تڪڙيون به ڏاڍيون هونديون آهن پر انهن کان جڏهن گڏيل اتحاد جي نتيجن بابت گفتگو ڪبي ته جواب ايندو ته ڀانت ڀانت جا ماڻهو آهن، مختلف نظريا آهن مختلف سوچون آهن مختلف جهنڊا آهن مختلف سياسي پارٽيون آهن جنهن ڪري نتيجا حاصل ڪرڻ گهڻو ڪري مشڪل ئي آهن.
سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي اعلان کانپوءِ سنڌ جي جمود جي ور چڙهيل سياست ۾ وڏو تحرڪ پيدا ٿيو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي نه صرف سياسي پارٽين کي 11 آڪٽوبر 2020ع تي ڪراچي ۾ ايس ٽي پي جي ميزباني هيٺ گورنر هائوس آڏو احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پر سنڌ جي اديبن، شاعرن، صحافين، دانشورن، واپارين، استادن، شاگردن ۽ سماج جي ٻين ماڻهن کي متحرڪ ڪيو.ريلي ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، سٺو نظم ضبط ۽ شخصي نعرا نه لڳڻ، سمورن سياسي پارٽين جي اڳواڻن ، فورمن، اديبن ،شاعرن کي عزت احترام سان اسٽيج تان عوام سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ سچ ته سنڌ جي سياست جو نه صرف اتساهيندڙ عمل ثابت ٿيو پر قوم پرست سياست ڄڻ نئين جوڻ مٽائي، هن ريلي پيغام ڏنو ته سنڌ کان وڌيڪ ڪير مقدس ناهي سنڌي گڏجي قومي ٻڌي سان جدوجهد ڪنداسين.
ايس ٽي پي جي ڪامياب ريلي کان پوءِ ملڪ جي وڏي اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم جي جلسن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف آواز ٻڌڻ ۾ آيو ان دوران 10 آڪٽوبر 2020ع ايس يو پي پاران ڄامشورو ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس تي سنڌ جي قومپرست ۽ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو جنهن ۾ ٻيٽن جي خلاف سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو. ان دوران فشر فوڪ فورم ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ابراهيم حيدري کان ٻيٽن تائين ٻيڙن تي احتجاجي ريلي به ڪڍي. توڙي جو سيڪيورٽي فورسز ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي ڏنگي ٻيٽ تائين وڃڻ نه ڏنو ان هوندي به هن ريلي سان جڳ جهان کي اها ضرور خبر پئي ته سنڌ جا ٻيٽ هوندي سنڌ جي عوام کي اتي وڃڻ جي اجازت ناهي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ٻئي سربراهي اجلاس ۾ پهرين نومبر تي حيدر آباد ۾ حيدر چوڪ کان گول بلڊنگ تائين ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو ان دوران ئي ڪارونجهر مان پٿر وڪرو ڪرڻ جون به ڳالهيون ظاهر ٿيون . ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته سنڌ جا ٻيٽ وفاق کي لکي ڏيندڙ ۽ ڪارونجهر کي ڪورڻ جي تياري ڪندڙ سنڌ حڪومت خلاف ڀرپور عوامي تحريڪ پيدا ڪجي ها پر پهرين نومبر واري حيدر چوڪ واري جلسي جي بدانتظامي ڏسي ايئن لڳو ڄڻ سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي سڀ ڦٻي ويندو.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي گڏيل جلسي کي جنهن طرح بدنظمي جي ور چاڙهيو ويو ان عمل مان ڀلي ڀت خبر پئي ٿي ته اڃان اسان حالتن جي جبر کان سکيا ناھيون اسان جون اڳيون ٽهيون اسان کي جيڪي سياسي بدعتون حوالي ڪري ويون آهن تن مان اسان اڃان پاند آجا ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهيون. “ڪامريڊ گهس جائو” واري مدي خارج سوچ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. خود نمائي جهڙي نفسياتي بيماري مان اسان اڃان نڪري نه سگهيا آهيون.پارٽي شائونزم اڃان اسان جي ذهنن تي قبضو ڪري ويٺل آهي، گڏيل جدوجهد جي بنيادي اصول، سهپ، رواداري سان هلڻ واري عظيم ڪم کان اسان ڪوهين ڏور بيٺل آهيون، اخبار جي فوٽو فليش ۽ ٽي وي ڪيمرا جي اک جي اسڪرين جي خفت مان اسان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهيون، عظيم مقصدن جي لاءِ وڏي قرباني ڏيڻ واري سوچ ڄڻ اسان مان مري ختم ٿي ويئي آهي.
کل جوڳي ته ڳالهه اها هئي ته اسٽيج تان بار بار اعلان ٿي رهيا هئا ته جهنڊا هيٺ ڪريو پر جهنڊا مجال جو ھيٺ ٿين، “ڪامريڊو پرچم بلند رهندو” واري ڪار ۾ ڪمي نه آئي . ڪارڪنن جي قد کان وڏن لڪڙن ۾ ٻڌل جهنڊا اسٽيج سامهون اڀا ٿيندا ويا ۽ پويان بيٺل هزارين ماڻهو جيڪي سنڌ جي بقا جي اميد ساڻ ڪري هڙان وڙان خرچ ڪري حيدر آباد جي حيدر چونڪ تي پهتا هئا سي مٿي کي هٿ ڏيئي زمين تي ويهي رهيا جهنڊا نه هئا ڄڻ مقررين ۽ عوام جي وچ ۾ ڪا ڪاري چادر اچي ويئي هئي.مقرر ٿيل ايجنڊا نه هجڻ سبب هرڪو پنهنجي مرضي سان نعرا هڻي رهيو هو .منهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ مايوس جهوني سياسي ڪارڪن سس پس ڪندي چيو ته اتحاد ٺهندا ئي ڊهڻ جي لاءِ آهن ۽ اڄ کان اتحاد ڊهڻ جي شروعات ٿي ويئي آهي.
مونکان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو جيڪڏهن اتحاد ڊهڻ لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا ته بهتر ناهي ته انهن اتحادن جو حصو ئي نه ٿجي جنهن جي ڊهڻ سان سواءِ قوم کي مايوسي جي ٻيو ڪجهه به پلئه نه پوي.
اسان کي سمجهڻو آهي ته اتحاد اتساھه لاءِ هجڻ گهرجن، ماڻهن کي ميڙي سنڀالي گڏ ڪري منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هجڻ گهرجن، جيڪڏهن اتحاد، بدنظمي، خودنمائي، پارٽي شائونزم کي وڌائي چڙهائي ڪلهو ڏيڻ لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا ته اهي اتحاد قوم لاءِ اڳتي هلي مايوسي جو سبب بڻجندا. ڳالهه ته سچي آهي ته اتحاد عارضي هوندا آهن اتحاد ٺهندا ئي ڊهڻ جي لاءِ آهن پر ڇا ڪجي سنڌين اڃان اهڙي سگهاري پارٽي جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي جيڪا پ پ پ جو متبادل هجي. اهڙي پارٽي جيڪا پارليامينٽ کان اسٽريٽ پاور تائين سنڌ جي سگهه بڻجي اڳيان اچي.في الحال عارضي اتحاد ۽ جهنڊن جا جهيڙا سنڌين جو مقدر بڻيل آهن، وڏا مقصد وڏيون قربانيون گهرندا آهن، جيسين ڪا عوام دوست، سنڌ دوست پارٽي سنڌ جي وڏي پارٽي ٿي اڀري اڳيان اچي تيسين ته اڳين نسلن جون سياسي بدعتون اسان جي قومپرست سياست جو حصو هونديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *