تازا ترين
  • اڳوڻو وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جهيڙو جمهوريت نه پر اقتدار لاءِ آهي

پاڪستان جمهوري تحريڪ )پي ڊي ايم( ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا نه پر گجرانوالا جي شهر ۾ هزارين ماڻهن جي جلسي اهو گهنڊ ضرور وڄائي ڇڏيو آهي ته عمراني سرڪار جا ڏينهن مشڪلات جي منهن ڏانهن ڌڪجي رهيا آهن. سرڪار جي دعويٰ هئي ته مخالف جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ناڪام ويندي، پر 20 سيپٽمبر تي اها ڪانفرنس نه رڳو ڪامياب ٿي، پر انهي ۾ ميان نوازشريف جي تقرير ملڪ جي سياست کي هڪ مزاحمتي رخ ۾ وٺي وڃڻ جو دڳ اختيار ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي. سندس تقرير جو وزن ايترو ته ڳرو هيو جو مٿس ۽ ٻين ڪيترن پارٽي جي اڳواڻن تي غداري جا ڪيس داخل ٿي ويا، پر اهي ڪيس پنجاب جي ڪنهن سياسي جماعت جي قيادت تي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب درج ڪرڻ لاءِ خطرناڪ نه ثابت ٿين تنهن ڪري اڪثريت قيادت تان غداري جا لاڳو ڪيل قلم واپس ورتا ويا ۽ يقين اٿم ته اهو ڪيس ڪڏهن به ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان پهرين خارج ٿي ويندو.
گجرانوالا جي جلسي ۾ توڙي جلسي گاهه ڏانهن ويندڙ نواز ليگ جي ڪارڪنن جي فلڪ شگاف نعرن ۾ جيڪا تلخي هئي اها ماضي جي سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ياد تازي ڪري رهي هئي. جن ادارن کي ايترو مقدس بڻايو ويو آهي جو انهن جا نالا به هتي نه ٿا لکي سگهجن صرف اشارو ئي ڪري سگهجي ٿو تن جي خلاف پنجاب جي سرزمين تان پهريون ڀيرو ڪا سخت زبان استعمال ٿيڻ شروع ٿي آهي. انهي جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ڪا خبر ناهي، پر اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته جنهن اداري ۽ انهن جي اعليٰ عهديدارن تي آڱر کڻڻ کي آئيني ۽ قانوني ڏوه هقرار ڏنو ويو انهي جي ۽ انهن ادارن جي سربراهن کي پنجاب جي سرزمين تان للڪارڻ شروع ڪيو ويو آهي.
جلسي جي سڀني مقررن عمران خان جي حڪومت جي ڪوتاهين ۽ وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهايو، پر ميان نواز شريف سڌو نالا کڻي ۽ مولانا فضل الرحمٰن بنا نالا کڻڻ جي انهن کي سڌو نشانو بڻايو ته هاڻي هي ملڪ انهن جي مداخلت سان نه هلي سگهندو. ملڪ جي شروع واري دور کان انهن ادارن جي سياست ۾ مداخلت کي ته بيان ڪيو ويو پر ڪنهن به پنهنجي اها غلطي قبول نه ڪئي ته هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سڀ جمائتون پاڻ انهن ادارن جي آشيرواد سان يا مصلحت سان اقتدار ۾ ڪيئن پهچنديون رهيون آهن. اهو يقينن سچ آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ انهن ادارن جي ڀرپور مداخلت آهي، پر حقيقت اها پڻ آهي ته انهي مداخلت مان اقتدار تائين پهچڻ جو فائدو اهي سڀ جماعتون حاصل ڪنديون رهيون آهن. اهو سچ آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ جمهوريت جي نالي تي شروع ڪئي وئي آهي، پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به جماعت جي اقتدار جي لاءِ راهه هموار ٿي ته اقتدار ۾ اچڻ سان انهن جي جمهوريت جي وصف تبديل ٿي ويندي.
ماضي ۾ جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ هلي يا مشرف هٽايو تحريڪ ته انهن سڀني جو مکيا نعرو اهو ئي هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي حاصلات تائين اها جدوجهد جاري رهندي، پر جڏهن به پيپلز پارٽي کي يا نواز ليگ کي اقتدار مليو ته انهن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو ته جمهوريت ڪهڙي شئي هوندي آهي ۽ غير جمهوري قوتن جي حڪمراني ۾ مداخلت کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ لازم هوندا آهن! هن وقت به نظر ايئن ئي اچي رهيو آهي ته ڳالهه ته جمهوريت جي ڪئي پئي وڃي، پر حاصلات رڳو ڪنهن نه ڪنهن جماعت جي اقتدار جي هوندي. اهو سچ آهي ته عوام انهي جمهوريت جي بحالي ۽ جنرلن جي سياست ۾ مداخلت جي رستا روڪ جي لاءِ رستن تي ايندو آهي ته اهو پنهنجي جانين جي قرباني تائين اڳتي وڌي ويندو آهي، پر حقيقت اها آهي ته انهن سڀني قربانين جي بدلي ۾ اهي سياسي جماعتون حاصل ڪنديون آهن پنهنجو اقتدار. جنهن اقتدار ۾ عوام جي انهي جذبن جي ڪا قدرداني ڪونه هوندي آهي بس جي ڪجهه نصيب ٿيندو آهي ته ڪي چند نوڪريون.
پي ڊي ايم جي جلسن جي شروعات پنجاب جي شهر گجرانوالا مان سخت مزاحمتي مزاج سان ٿي، پر اڄ انهي جي ٻي قسط سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پيش ٿي آهي. گجرانوالا جي مزاج جي گرمي کي ڏسي پي پي جي ليڊر بلاول ڀٽو کي عسڪري ادارن لاءِ خوش اخلاقي جو پيغام ڏيڻو پيو ته انهن جا نالا نه کڻڻ گهرجن. سندس انهي پيغام مان مقصد اهو هيو ته سنڌ جو عوام ڪجهه وڌيڪ گرم مزاج آهي ڪٿي اهو انهي ادارن ۽ انهن جي سربراهن جي سياست ۾ مداخلت کي للڪارڻ نه شروع ڪري. تنهن ڪري انهي کان بچڻ لاءِ هڪ قسم جو پي پي جي ڪارڪنن کي پڻ بلاول اهو پيغام ڏنو ته اوهان اهڙا نعرا نه هڻجو جيڪي پنجاب جي عوام هنيا. محسوس اهو پيو ٿئي ته انهي سموري جمهوريت جي نالي تي شروع ڪيل جدوجهد جي زور تي اقتدار لاءِ پنهنجا رستا هموار ڪرڻ جون ڪوششون پيپلز پارٽي الڳ ته نواز ليگ الڳ وٺي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز عمران خان جي بجاءِ سليڪٽرز خلاف سخت زبان استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته بلاول سليڪٽرز جو ذڪر ته ڪري رهيو آهي پر انهن جا نالا ۽ منصب ايئن پڌرا ڪونه ڪري رهيو آهي جهڙي طرح نواز شريف!
مولانا سميت سموري پي ڊي ايم ڊسمبر جي مهيني کي اهم قرار ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف سرڪار ۽ ان جا اتحادي وري پي ڊي ايم جي جدوجهد کي ناڪام قرار ڏئي رهيا آهن. پي ڊي ايم تحريڪ هلائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي وئي آهي پر اها واقعي به ڊسمبر تائين عمران خان جي سرڪار کي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ويندي يا نه انهي جو ڪو يقين سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر اهو ممڪن آهي ته سليڪٽرز وري ڪنهن نئين سليڪشن لاءِ ڪنهن کي ڪو آسرو ڏئي ڇڏين انهي جو امڪان گهڻو آهي. ماضي ۾ جڏهن خود عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو هو ته انهي سان نواز سرڪار هلي ڪونه وئي پر انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو انهي بعد پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ راهه هموار ڪئي وئي. هن وقت به اهو ئي لڳي رهيو آهي ته جيتري تيزي سان جدوجهد وڌندي انهي سان سليڪٽرز پاور شفٽ لاءِ نئين قيادت جي تياري ڪرڻ شروع ڪندا ۽ پوءِ جڏهن اليڪشنس ٿينديون ته انهي ۾ ماحول اهڙو جڙندو جو طئي ٿيل پارٽي جي لاءِ اقتدار جا رستا سازگار ٿي ويندا. ايندڙ وقت جي قيادت مريم نواز جي نصيب ۾ ايندي يا بلاول جي اهو ته سندن سليڪٽرز سان پيدا ڪيل تعلق تي منحصر هوندو پر ايترو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته هاڻي ملڪي اقتدار جي مسند تي ميان نواز شريف يا آصف زرداري جا سڌي ريت قدم ڪونه پهچندا. هن وقت پيپلز پارٽي يا نواز ليگ جيڪا توانائي استعمال ڪري رهيون آهن انهي جو اصل مقصد سندن اولاد کي اقتدار تائين پهچائڻ لاءِ راهون هموار ڪرڻ آهي. باقي هن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ڪڏهن ۽ ڪيئن ايندي انهي لاءِ عوام ڀلي خوب ڏسندو رهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *