تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي

ايترو قرار ڪنهن تونگر جي پٽڪي کي ور ڏيڻ ۾ به ڪونهي جيترو قرار ناٿي فقير لنڊ جا پير ڇهڻ ۾ ملندو هو. ناٿو فقير لنڊ انهن ماڻهن مان هو جن جون پاڙون زمين ۾ کتل هونديون آهن ۽ زماني جو واءُ انهن کي لوڏي ناهي سگهندو. هاڻي ته شيخاڻي گهاڙي ۽ ان جي آس پاس وارو علائقو بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي پر ڪنهن زماني ۾ شيخاڻي گهاڙي ۽ ان جي آس پاس درياءَ اچي ڇيڙو ڪندا هئا اهو هاڪڙو هجي يا پراڻ هجي پٽيهل هجي يا سنڌو درياءُ جون ڇاڙون هجن. دريائن جي اجڙي ويل ديس جو سدا بهار ماڻهو ناٿو لنڊ اهو لاجواب ڪردار هو جنهن لطيف کي هن علائقي ۾ ماڻهن جو عشق بڻائي ڇڏيو هو .
شيخاڻي گهاڙي ۾ يوسف فقير لنڊ جي درگاهه جو گادي نشين ناٿو لنڊ ڪنهن بادشاهه پاران مليل اعزاز يا عطا ٿيل خلعت تي نازان ڪونه هو پر هو ڀٽائي جو اهو بيت پنهنجي معتبري لاءِ شاهدي طور هر ايندي ويندي کي پيو ٻڌائيندو هو ته هي بيت مرشد لطيف “ جتي – ستي ” يوسف فقير لاءِ ساڻس ملڻ بعد چيو هو ته 
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري.
هو لطيف تي ڪانفرنس جي نالي ۾ ڪنهن چيڪ جو طامائو ڪونه هو . هو ته شيخاڻي گهاڙي جي رڻ پٽ ۾ لطيف جي پيرن جا ۽ لاکي ڦلاڻي جي گهوڙيءَ لکي جي سنبن جا نشان ليڪي ويٺل ماڻهو هو. هر مهيني چنڊ جي ٻارهين تاريخ تي گذريل چاليهه سالن کان لطيف جي ڪچهري مچائي رکندڙ ناٿي لنڊ کي ان جي اجوري طور اسان جهڙا ماڻهو سڄي سنڌ مان سندس پير ڇهڻ لاءِ هلي ويندا هئا. اسين به گذريل سياري ۾ ان ڪچهري ۾ شريڪ ٿيا هئاسين، درگاهه جي سامهون ٿلهي تي مچ ٻريو پئي، روايتي طرح فقيرن دعا سان ڪچهري جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ ڀٽائي پڙهيو. ناچاڪي سبب ناٿو فقير ڪچهري ۾ شريڪ ڪو نه هو. فقيرن جنهن مهل سامونڊي پڙهڻ شروع ڪيو 
سي ئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا
روئان رهن نه سپرين آيل ڪريان ڪيئن
مون کي چاڙهي چيئن ويو وڻجارو اوهري
ته مون کانئن چيئن جي معنيٰ پڇي ته دوست علي لنڊ ٻڌايو ته چر ۾ ٽانڊا ٻاري ان مٿان هلائڻ کي چيئن چاڙهڻ چئبو آهي. جنهن کي اتر سنڌ ۾ چر ڀيلي جي رسم به چئبو آهي. اتي ئي موجود غلام شبير لنڊ ٻڌايو ته ٿر ۾ علاج جي سهولت نه هجڻ واري دؤر ۾ ڪنهن ماڻهو کي نانگ کائي ويندو هو ته چر ۾ سڄڙ ٽانڊن مٿان وڻ جا ساوا ٽار رکي ان مٿان ان ماڻهو کي سمهاري سڄي جسم مٿان واري وڌي ويندي هئي سواءِ منهن جي. ان کي به چيئن چاڙهڻ چئبو آهي. فقيرن جو چوڻ هو ته ڀٽائي جي شاعري ۾ مڱيل وڻجاريءَ ۽ پرڻيل وڻجاريءَ جا درد ۽ ڪيفيتون الڳ بيان ٿيل آهن. جنهن جي شاهدي ۾ هنن لطيف جا بيت ٻڌايا. هن ڪچهري ۾ لطيف هڪڙو عشق هو ڌنڌو ڪو نه هو. لڙي رات تائين لطيف ٻڌڻ بعد اسين ناٿي فقير جي اوطاق تي وڃي ستاسين. صبح جو سوير ناچاڪي باوجود فقير اوطاق تي آيو ۽ اسان سان روح واري ڪچهري ڪيائين. اسان کانئس لطيف ٻڌو. سندس عمر سئو ورهين جي ويجهو هجڻ سبب سندس حافظي چيو نٿي ڪيو. ناٿو فقير لطيف جو پارکو هجڻ سان گڏ جاگرافي ۽ تاريخ جو به ڄاڻو هو. سندس چوڻ هو ته لڪير نڪرڻ کان اڳ ۾ اسان جو اٿڻ ويهڻ ۽ وڻج واپار ڪڇ سان هو. هن لڪير ته ماڻهن کي رت روئاڙي ڇڏيو آهي. هن مرشد لطيف جي ڪچهري شروع ڪرڻ جو سبب ضياءَالحق جي زماني ۾ رينجرز سان ٿيل جهيڙو ٻڌايو. هن ڏاهي ماڻهو بيوسي جي زماني ۾ مزاحمت جو مورچو ۽ مرڪز لطيف کي بڻايو. ٿيو هيئن جو ان زماني ۾ مٺن پاڻين جون ڍنڍون رينجرز حوالي هيون ۽ هنن پاڻي جي واري تان ناٿي جي ڀاءَ سان جهيڙو ڪري کيس ٻڌي وڌو، نتيجي ۾ ٿيل جهيڙي ۾ رينجرز جا ماڻهو ڌڪي ٿيا ۽ ناٿو فقير ان جهيڙي سبب ڏيڍ سال جيل ۾ به رهيو ۽ فوجي عدالت کيس ٽيھه ڪوڙن جي سزا به ڏني . ان جهيڙي ۾ هو سڪندر منڌري پاران پير کوڙي مدد ڪرڻ جي ڳالهه وڏي وات ڪندو هو. تمام گهڻي زور باوجود رينجرز کي 324 جو سرٽيفڪيٽ منڌري ڪو نه ڏنو . جڏهن منڌري کي ساٿي ڊاڪٽر چيو جي ماڻهو مري پيو ته ؟ منڌري چيو موت جو ڪارڻ سلھه ڏسي ڇڏينداسين . ان جهيڙي واري ڪيس مان ٻاهر نڪتو ته هن هر مهيني لطيف جو ڪچهري جي شروعات ڪيائين. ان ئي ڪچهري ۾ لطيف ٻڌائيندي جنهن مهل جسوڌڻ جو ذڪر ٿيو ۽ پٽيهل جي سڪڻ جي ڳالھه ٿي ته ناٿي فقير لنڊ کان اوڇنگار نڪري وئي هئي. سندس چوڻ موجب پٽيهل جسوڌڻ کي ڏسي ڇوليون هڻندو هو ۽ سندس وڇوڙي بعد سڪي ويو ته لطيف لکيو .
پٽيهل تو ۾ پور اڳيون ناهي آب جو
سُڪين ڪهڙي سُور جو پيئي واري وچ ۾
مون جڏهن کائنس “ آونگ ” پڇي هئي ته هن مون کي بيت سڄو ڪرڻ لاءِ چيو مون کيس بيت سڄو ڪري ڏنو 
اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهيا
منهن ڏيئي منهن آيا سامهان سيارا
اٿن سيڪارا پسيو ور ٻين جا
ناٿي فقير ذهن تي وڏو زور ڏنو پر سندس حافظي چيو نه ڪيو . سندس پٽ شبير لنڊ کيس ياد ڏياريو ته هڪڙي ڀيري اوهان دوستن انهي اکر تي بحث ڪندي آونگ جون هي معنائون پئي چيون هڪڙي ساناه کان به ننڍڙي مڇي آهي جنهن کي اوٻاري سڪائي رکبو آهي ان کي آونگ چئبو آهي ۽ ٻيو ننڍڙو ڍينڍ جنهن مان گند ڪڍي ان کي لوڻ هڻي سڪائي مٽي جي ڪُنن ۾ رکبو آهي ان کي آونگ چئبو آهي . وڻجاريءَ ٿي چئي ته اهي به اسان اڌارا آڻي چاڙهيا آهن . مون کي شدت سان احساس ٿيو ناٿو فقير جيڪو لطيفيات، جاگرافي ۽ تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو . اهو وقت سر رڪارڊ نه ٿي سگهيو ۽ هاڻ سندس حافظي ڪم نٿي ڪيو . ڪيتري ئي اهڙي ڄاڻ جيڪا اسان جي سُونهين ٿي پئي سگهي اها سندس ذهن جي ڦرهي تان ميٽجي وئي هئي ان حالت ۾ به کيس ٻاروتڻ جو عشق ياد هو . ٻچوءَ سوناريءَ جا جاڙن ڀروئن وارا نيڻ اڄ به سندس دل تي پور جيئن ڇُريا پيا هئا . ٻچوءَ جو ذڪر ڪندي ناٿو ڄڻ ٻهڪي ٿي پيو. سندس چوڻ هو ته ٻچوءَ ايڏي سهڻي هئي جو سندس عشق ۾ ماڻهو سيراڻي جي ڳلين ۾ چريا ٿيا پيا هلندا هئا . هوءَ مٿس فدا هوندي هئي . ٻچوءَ جي پيءَ بولي سوناري وٽ هن جي خرچي پيل هوندي هئي جتان سندس مائٽ گهوڙن جا ڳھه ٺهرائيندا هئا . ان قصي جي نه ڪرڻ جهڙي ڳالھه اها آهي ته 1947ع ۾ ٿيل ورهاڱي وقت ٻچوءَ کي اغوا ڪرڻ جي سٽ سٽي وئي . پر سنڌ کي اهڙي اڻ وڻندڙ حادثي کان وڏيري ابراهيم جي سپوٽائي بچائي ورتو . هو بولي سوناري ۽ سندس خاندان کي حفاظت سان حيدرآباد کان روانو ڪري آيو . انڊيا ۾ به بولو سونارو بولو سيراڻي سڏبو هو. ناٿي فقير لنڊ لطيف سندس چاچي رمضان فقير کان پڙهڻ ۽ پرکڻ سکيو جنهن وٽ سندس چوڻ موجب لطيف جو رسالو، تاريخ حنيفيه ۽ ٻيا ڪتاب پيل هوندا هئا . پنهنجي چاچي کان مليل لطيف جي ورڇ هن زمانن ۾ ورهائي ڇڏي آهي . جيڪا شيخاڻي گهاڙي ۽ آسپاس اوهان کي اڄ به لطيف پڙهندڙ ماڻهن جي صورت ۾ ملندي . مرشد لطيف ۽ گلان جي ذڪر تي فقير کلي خاموش ٿي ويو اسان سان ڪچهري هلندي هن ٿڌو ساهه ڀري چيو جيڪي جنگون لڳيون انهن اسان کان گهڻو ڪجھه کسي ڇڏيو اسين بندوق کڻي سرحد تي بيٺاسين ۽ اولاد پڙهي نه سگهيو.  ناٿي فقير جو رڪارڊ نه ٿي سگهڻ پنهنجي جاءِ تي الميو آهي ئي پر ان سان گڏ الميو اهو به آهي ته سندس تحريرون به ڇپجي نه سگهيون آهن جيڪڏهن ادارا وقت سر سندس ڪتاب ڇپرائيندا ته اهو مواد ضايع ٿيڻ کان بچي ويندو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *