تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جوابدارن جا گهر ڊاهڻ جو اختيار پوليس کي ڪنهن ڏنو آهي ؟

سنڌ کي برادرين ۽ قبيلن جي جهيڙن جيترو نقصان ڏنو آهي شايد ئي ٻئي ڪنهن اوترو نقصان پهچايو هجي،انهن جهيڙن جي ڪري هڪ طرف ڪيئي ڳڀرو حياتيون وڃائي ٿا ويهن ته ٻئي طرف جيڪو معاشي نقصان ٿئي ٿو ان جو ازالو ڪرڻ ئي ممڪن ناهي،جيڪڏهن انهن جهيڙن جي بنيادن کي ڏسجي ته اهي ڪنهن معمولي ڳالهه تان شروع ٿيندا آهن ۽ وڏي خونريزي تي وڃي دنگ ڪندا آهن ۽ آخر ۾ جرڳا ڪرائي انهن معاملن کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ته ڪئي ويندي آهي پر تيستائين مجموعي طور سنڌ ، ان علائقي ۽ جهيڙيندڙ ڌرين جو ايترو نقصان ٿي چڪو هوندو آهي جو اهي ڪيترائي سال معاشي سماجي ۽ تعليمي طور ڪيترا سال پوئتي هليا ويندا آهن.معمولي ڳالهين تان شروع ٿيندڙ انهن تڪرارن کي وڌائڻ جو هڪ اهم سبب قانون جي عملداري جو ڪردار نه هجڻ به آهي جنهن ڪري اهي جهيڙا وڌندا ئي رهن ٿا،ويجهي ماضي ۾ ته سنڌ انهن جهيڙن جي خوفناڪ شڪل ڏسي چڪي آهي پر ڪجهه ڪوششن اها قبائلي جهيڙن جي بلا ذري گهٽ سنڌ جي ڳچي مان نڪري چڪي هئي پر هاڻي وري آهستي آهستي اها دونهين دکڻ شروع ٿي آهي جنهن کي جيڪڏهن وقت سر نه روڪيو ويو ته سنڌ وري ڪنهن وڏي رتوڇاڻ طرف هلي ويندي.
اهڙي ئي هڪ جهيڙي جون ڪجهه خبرون ڪجهه ڏينهن کان رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيون آهن جنهن ۾ هڪ نوجوان قتل ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي،نوابشاهه ضلعي جي دولتپور ويجهو ڏاهري ذات جي ٻن ڌرين ۾ٿيل انهي جهيڙي بابت توڙي جو ٻئي ڌريون هڪٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن،اهو ته پوليس جو ڪم آهي ته اها الزامن جي جاچ ڪري قانون کي سامهون رکي ڪيس کي اڳتي وڌائي ته ڪير اڳرائي ڪري رهيو آهي يا علائقي ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي پر پوليس جيڪو ڪردا ادا ڪري رهي آهي اهو انهي جهيڙي کي ٺارڻ بدران وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، قتل ڪيس ۾ جوابدارڄاڻايل ڌر الزام هنيو آهي ته پوليس سندن 35 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندن فصل به ڀيلائي ڇڏيا آهن،سنڌ ڪو وانا وزيرستان يا قبائلي علائقو آهي ڇا جو پوليس پنهنجو قانوني ڪردار ادا ڪرڻ بدران جوابدارن جا گهر ڊاهي کين سزا ڏئي رهي آهي،اڄ جي جديد دور ۾ پوليس جو اهو رويو ثابت ڪري ٿو ته اها ڏوهه گهٽائڻ بدران ڏوهه وڌائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو الزام به آهي ته اسان جي ملڪ ۽ صوبي ۾ ان جي ڏوهه جي سزا ڏيڻ لاءِ عدالتون موجود آهن قانون ان تي واضح آهي پوليس جي جيڪا ذميواري آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون ۽ عدالت آڏو پيش ڪرڻ گهرجي،پوليس پاڻمرادو عدالت بڻجي ڪهڙي قانون تحت ماڻهن کي سزائون ڏئي رهي آهي ۽ انهن جا گهر ڊاهي انهن کي دربدر ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪو جوابدار آهي ته ان جي ڏوهه جو ذميوار ان جا گهرڀاتي ۽ مٽ مائٽ ته ناهن جو انهن کي به دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ۽ انهن جي گذر جا وسيلا تباهه ڪيا وڃن.سنڌ ۾ اهڙي قسم جي لاقانونيت اها به انهن هٿان جن تي قانون لاڳو ڪرڻ جي ذميواري ٿئي ٿي ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي. سنڌ پوليس ۾ ڪجهه وقت کان وٺي پاڻمرادو عدالت ٿي فيصلا ڪرڻ واري روايت نظر اچي رهي آهي جنهن جا مثال ماڻهن کي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرڻ جا واقعا آهن انهي کان به وڌيڪ ماڻهن جا گهر ڊاهڻ وارا واقعا جيڪي اڳ ۾ ڄامشوري پوليس هٿان سنگهار کوسي ڳوٺ آڏو آيا، جتي به جوابدارن بدران ٻارڙن ۽ عورتن کي گرفتار ڪري واڙيو ويو ۽ انهن جا گهر ڊاٿا ويا،سنڌ جن قبائلي جهيڙن مان جان ڇڏائي چڪي آهي پوليس جي اهڙين ڪارررواين سان انهن کي هٿي ملي سگهي ٿي
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ پوليس جي ڪماني کي اهڙين ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي پابند بڻايو وڃي ته قانون ۾ سندن جيڪي حدون مقرر ڪيون ويون آهن انهي تي عمل ڪن جيڪڏهن اهي پاڻ ئي قانون ٽوڙيندا ته ٻين شهرين کي قانون تي عمل ڪرائڻ جو ڪيئن پابند بڻائي سگهندا ؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *