Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1914ga456kvgpig57lbm4ke30h, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جوهي جي ڊوهي اٿئو.. - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جوهي جي ڊوهي اٿئو.. - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

جوهي جي ڊوهي اٿئو..

اوهان رئيس ٿي سگهو ٿا، اوهان عوام جي ووٽن ذريعي چونڊيل ايم اين اي ٿي سگهو ٿا، اوهان وزير ٿي سگهو ٿا،اوهان پنهنجي برادي جا سردار ٿي سگهو ٿا پر اوهان جو اهو بيان ٻڌائي ٿو ته اوهان قطعي طور نه سياسي ماڻهو آهيو نه ئي اوهان عوامي اڳوڻ آهيو !
حيرت ٿي ٿئي انهي سياستدان تي جيڪو پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ جوهي جي ماڻهن کي چئي ٿو ته اهي سياست ٿا ڪن.ها اهي ماڻهو واقعي سياست پيا ڪن ،ڇو ته جيڪا شيءَ نه ملندي آهي انهي لاءِ سياست ڪرڻي پوندي آهي ۽ هر ماڻهو جو اهو بنيادي حق آهي ته اهو سياست ڪري ۽ ان کي سياست ڪرڻ گهرجي.جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ سياست ڪئي هئي ۽ آمرن سان مهاڏو اٽڪايو هو جنهن خلاف اهي آمر ۽ انهن جا ڇاڙتا ئي آڏو آيا هيا ته هي عورت سياست ڪري رهي آهي ۽ جڏهن مشرف جي ڊڪٽيٽرشپ هئي تڏهن به محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن هوندي به سياست ڪئي ۽ اهو ئي مشرف چوندو هو ته هي سياست ڪري رهي آهي، انهي کانپوءِ سياست کي لوئڻ ۽ خراب ڪرڻ لاءِ آمرن جا ڇاڙتا ئي ميدان تي ايندا رهيا جن پنهنجي ڪردار ذريعي سياست کي خوار ڪرڻ ۽ سياست لاءِ ماڻهن جي ذهنن ۾ خراب تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سياسي ماڻهن خلاف الزامن جي بوڇاڙ ڪئي .ڪنهن کان اهو جادوگر مولوي وسري ويو آهي جيڪو“سياست نهين رياست بچائو ” جو نعرو هڻي ڪفن پارائي ميدان تي لاٿو ويو هو. هاڻي جڏهن پ پ چيئرمين جي بقول سليڪٽيڊ حڪومت آهي تڏهن به اهو بلاول ڀٽو انهي خلاف سايست ذريعي ئي ميدان ۾ آهي ۽ انهي پارٽي جو چونڊيل ايم اين اي ۽ ڪنهن دور ۾ وزير رهندڙ پنهنجي پارٽي جي سياست بدران آمرن جي ٻولي ڳالهائي جوهي جي ماڻهن کي مهڻا ڏئي رهيو آهي ته اهي سياست ڪري رهيا آهن .رئيس صاحب اوهان سياست جي نالي ۾ پنهنجو اهو دڪان ته ڪجهه سال اڳ کوليو آهي پر جوهي جي جيڪا سنڌ ۾ سڃاڻپ آهي اها ته انهي سياست جي ڪري ئي آهي جڏهن هٿين خالي،هر سياسي پارٽي جا بي لوث ڪارڪن جوهي جي هر مسئلي تي گڏجي سياست ڪندا هيا، اوهان ته سياست کي پنهنجي خصيص مفادن ۾ رڳو برادري ۽ پارٽي جي مخصوص ڪارڪنن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اوهان ته عوامي سياست ڪئي ناهي. تڏهن سمجهو ٿا ته جوهي جا ماڻهو به اوهان وانگر ئي ڪري رهيا آهن.اوهان جڏهن ايم اين اي چونڊجي ويا ته پوءِ رڳو اوهان پنهنجي پارٽي ۽ برادري جا ايم اين اي ناهيو،پر اوهان جي تڪ ۾ ايندڙ هر انهي ماڻهو جا به ايم اين اي آهيو جيڪو جبل جي ڪنهن جاڙ ۾ جهوپڙي اڏي ويٺو آهي انهي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ انهي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ به اوهان جو ئي فرض آهي،هي پاڻي ته سڄي تعلقي جو مسئلو آهي جنهن جي حل لاءِ ڪوشش ڪرڻ اوهان جو فرض آهي ڀلي کڻي ڪو اوهان جو سياسي مخالف پاڻي جو نعرو هڻي ميدان ۾ لهي ان کي ٻڌڻ به اوهان جو فرض آهي. نه رئيس جوهي جي ماڻهن ۾ جيڪا سياست جي ڀڙڪندڙ باهه هئي جنهن کان آمر به ڊڄي جوهي جو رخ نه ڪندا هئا اها ڀلي کڻي اوهان جهڙن جي ڪري جهڪي ٿي هجي پر اها چڻنگ ڪٿي نه ڪٿي ،ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ دکي رهي آهي انهي کي مهڻن جا ڦوڪا نه ڏيو ته ڪٿي ڀڙڪو کائي ڀڀڙ نه بڻجي .
هر ساهه کڻڻ ئي سياست آهي زندگي جي هر مسئلي تي ڳالهائڻ ئي ته سياست آهي ،هر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ئي ته سياست آهي.پاڻي ته پساهه آهي ان تي جوهي جا ماڻهو سياست ٿا ڪن ته اها ڪا خراب ڳالهه ناهي.
جوهي جنهن جي تعارف جا کوڙ حوالا آهن پر مونکي پنهنجي شهر جي سڃاڻپ جو اهو حوالو وڌيڪ وڻندو آهي ته اهو سياسي طور متحرڪ ماڻهن جو شهر رهيو آهي،ڀلي کڻي ٻين شعبن ۾ان شهر جا ماڻهو ڪٿي به پهتا هجن يا انهن پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي هجي ،پر جوهي جي اصل سڃاڻپ ته اهو بشير ٿهيم آهي جيڪو شهرين جي مسئلن لاءِ پنهنجي پارٽي جي حڪمرانن آڏو ماٺ کي ڏوهه سمجهندو هو. پاڻي لاءِ هر جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان ڀلا انهي حيدر سيال کي ڪير وساريندو جنهن وٽ پنهنجي ٻني جو ويسو به ناهي.شهمور ڪاري ڏاڙهي وارو امام علي رستماڻي پاڻي لاءِ پتوڙيندي پنهنجي ڏاڙهي اڇي ڪرائي ويٺو ڇا ان کي وساري سگهجي ٿو؟ ،اهو چاچو عمر جمالي به شهرين کان ناهي وسريو جيڪو سکيو ستابو زميندار ۽ واپاري هوندي به پاڻي لاءِ پنهنجن شهرين سان هر وقت هم آواز هوندو هو ۽ انهي شينهن رند کي ڪير ٿو وساري سگهي جنهن زرعي پاڻي لاءِ ماڻهن کي جدوجهد ڪرڻ سيکاري. جوهي جو تعارف رڳو اهو ناهي ته اها هر وقت احتجاج ۾ هوندي آهي جوهي جو تعارف ته اهو به هو ته اها ڪاڇي جي ڪڇ ۾ هوندي هڪڙو سکيو ستابو باغن ۽ فصلن وارو علائقو هو ،جتي مٺي پاڻي جي کڏن ۾ ڀرسان بيٺل جنجهيل ٻيرن مان ڇڻيل ٻير جڏهن پاڻي تي ترندا هيا ته تڙڳندڙ ٻار انهن تي لامارا ڏئي جهٽ هڻندا هيا. اها جوهي ڪنهن کان ٿي وسري جڏهن ٿوري برسات ٿيندي هئي ته نوجوانن جا ٽولا شهر جي پاسن کان بيٺل باغن جو رخ ڪندا هئا ۽ وڻن ۾ بيٺل تازا زيتون پٽي ڪچهريون ڪندا هئا.جوهي جي سڃاڻپ ته اها به هئي ته زمينن ۾ پوکيل سبزين مان ڪير پنهنجي گذر لاءِ ڪجهه سبزي پٽي کڻي ويو ته مالڪ سميت ڪير ان کي روڪيندو نه هو. جوهي جي سڃاڻپ ته اهي سڳداسي چانور به هيا جن جي سڳند پهرين پيار جي چمي جهڙي هئي جيڪا عمر جي آخري وقت تي به چپن تان لهڻ جو نالو نه وٺندي آهي.پر ڪجهه سالن کان جوهي کان اهڙا تعارف ڪنهن کسيا آهن،جتي غربت لامارا پئي ڏئي،ڪجهه سال اڳ تائين شاهوڪار رهندڙ اها جوهي ڪيترن سالن کان رڳو پنهنجي ڪڻڪ پوکڻ لاءِ پريشان آهي،اها جوهي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پتوڙي پئي۽ اسان جا ئي چونڊيل نمائندا چون ٿا جوهي وارا سياست ٿا ڪن !؟
جوهي جي انهي ڀينگ جو ذميوار ڪير آهي؟ 15 سالن کان پ پ حڪومت ۾ آهي آبپاشي کاتو انهي صوبائي حڪومت جي ماتحت هوندو آهي اسان وارو اهو چونڊيل صاحب ٻڌائيندو ته انهي پاڻي معاملي تي گهڻا دفعا مٿي سطح تي ڳالهايو آهي يا ڪنهن آبپاشي وزير کي وٺي جوهي پهتو آهي ،جڏهن به گهڻي رڙ ٿيندي آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ۽ پوءِ وري ساڳيا ڪاري وارا ڪک.مڃون ٿا ته پاڻي جي هر هنڌ کوٽ آهي پر اهڙي حالت ته ڪٿي به ناهي.تنهن ڪري اوهان کي جوهي جي ڊوهي آهي ته ماڻهن کي سياست ڪرڻ جا طعنا نه ڏيو، بلڪه انهن سان هم آواز ٿي لڳاتار رهندڙ پاڻي جو مسئلو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيو. اڳ ته اوهان جا مخالف حڪومت ۾ هيا ۽ منڍ ۾ به اهي ئي هيا جن تي الزام هوندو هيو ته اهي حڪومتي زور هوندي پاڻي چوري ڪري ويندا هيا هاڻ ته گذريل 15 سالن کان اوهان جي حڪومت آهي جيڪڏهن اوهان جا ئي مخالف منڍ وارا پاڻي چوري ۾ ملوث آهن ته پوءِ ڇو اوهان ايڏا بيوس آهيو جو انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿا ڪرائي سگهو ،جيڪڏهن وس نه ٿو هلي ته اهو ته ڪري سگهو ٿا ته عوام خلاف احتجاج ۾ گڏ بيهي نعرا هڻو ته جوهي کي پاڻي ڏيو.
نه خنجر چلي گا نه تلوار ان سي
يه بازو ميري آزمائي هوئي هين.
جيڪڏهن انهن ترن مان ڪو تيل نڪرڻو هجي ها ته سالن کان جوهي واسي ايئن پاڻي لاءِ سڪندا نه رهن ها،پر مونکي اميد جوهي جي انهن ماڻهن ۾ آهي جيڪي هر دور ۾ هر ڏاڍ خلاف بيٺا آهن هي مسلسل جدوجهد آ،اوهان جي تحريڪ کي هائجيڪ ڪرڻ جون ڪوششون به ٿينديون ،دلاسا به ملندا ته دڙڪا به ملندا، ڪي ٽپتائي اوهان جي تحريڪ ۾ شامل ٿي پنهنجو اگهه به لڳرائيندا ،پر اهو سڀڪجهه هوندي به انهن شهرين کي به جوهي جي ڊوهي آهي ته اهي ثابت قدم بيهي پنهنجي پاڻي لاءِ سياست جاري رکن،ڇو ته سياست ئي هر مسئلي جو حل آهي.ڇو ته سياست کي خراب چوڻ يا خراب ڪرڻ جو ٻيو مطلب اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن تان هٿ کڻي ڇڏين .اها خواهش آمرن جي ٿي سگهي ٿي ڪنهن به سياسي ماڻهو جو اهڙو بيان حيرت سان گڏ ڪرهت جهڙو آهي .
اوهان رئيس ٿي سگهو ٿا، اوهان ووٽن ذريعي چونڊيل ايم اين اي ٿي سگهو ٿا، اوهان وزير ٿي سگهو ٿا،اوهان پنهنجي برادي جا سردار ٿي سگهو ٿا پر اوهان جو اهو بيان ٻڌائي ٿو ته اوهان قطعي طور نه سياسي ماڻهو آهيو نه ئي اوهان عوامي اڳواڻ آهيو.

Bookmark the permalink.

One Response to جوهي جي ڊوهي اٿئو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *