Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_mnmrecdp633csfupvltna72rg5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جو بائيڊن جو آمريڪا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جو بائيڊن جو آمريڪا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

جو بائيڊن جو آمريڪا

جوبائيڊن جي ڪئمپ ۾ جشن ملهائڻ لاءِ ڦٽاڪن جو بندوبست ٿي چڪو آهي پر هن ٻڌي ۽ صبر جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آخري ووٽ جي ڳڻپ کان پوءِ ئي هو سوڀ جو اعلان ڪندو. جڏهن ته صدر ٽرمپ پنهنجي وڪيلن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هنن غلط حڪمت عملي ٺاهي پر سندس ٽيم جي هڪ وڪيل چيو آهي ته جيستائين سيٽي نه وڄندي هو راند کيڏندا رهندا. پئنسلوانيا جي ريپبلڪن جي ان پٽيشن تي ته ووٽن جي ڳڻپ روڪي وڃي جو اتان جا ووٽ صدر ٿيڻ لاءِ اهميت جوڳا آهن، ڪورٽ سڳوري حڪم ڏنو آهي ته اليڪشن رات 8 بجي کانپوءِ وصول ٿيندڙ بيلٽ پيپر ڳڻي الڳ رکيا وڃن ۽ فل بينچ کي ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ ٻڌڻي ۽ فيصلي لاءِ درخواست موڪلي آهي.قانون موجب جيڪي ووٽ اڱاري تائين ٽپال ۾ وڌا وياهئا ۽ جمعي تائين اليڪشن آفيس ۾ موصول ٿيا تن کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻو آهي.3 نومبر 2020ع تي ٿيل آمريڪي چونڊن ۾ 78 سالن جو ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن صدارت جي ويجهو پهچي چڪو آهي جيڪو هن وقت تائين آمريڪا جو سڀ کان وڏي عمر وارو 59 هون صدر هوندو ۽ صدر ٽرمپ جي ٽرپ ٿيڻ سان هو ڏهون آمريڪي صدر هوندو جيڪو اليڪشن هارائيندو.هن وقت تائين بائيڊن 264 سيٽون کٽي چڪو آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته پئنسلوانيا جارجيا نيوئيڊا جي سرسي وارن رياستن جي ڳڻپ پوري ٿيڻ بعد اهو انگ 306 تي پهچي سگهي ٿو. سندس نظر وائيٽ هائوس جي اوول هائوس تي ٽڪيل آهي جتي ڪاميابي جي باقاعده اعلان جي صورت ۾ هو تقريبا اڍائي مهينن بعد دنيا جي هيڪلي سپر پاور جي صدارتي ڪرسي سنڀاليندو جيڪو نه فقط معاشي سياسي فوجي سائنسي ٽيڪنالاجي ۾ دنيا ۾ سڀني کان اڳتي آهي پر آبادي ۽ ايراضي ۾ به ٽين وڏي طاقت آهي ۽ انکي هڪ ملڪ بجاءِ کنڊ چئجي ته بهتر ٿيندو جتي هڪ هڪ ڪلاڪ جي وٿي تي ائٽلانٽڪ کان الاسڪا تائين 6 ٽائيم زون آهن پر جي سندس ٽڙيل پکڙيل ٻيٽن کي شامل ڪبو ته اهي ٽائيم زون 9 تي پهچندا.يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا يا USA 1776 ۾ گهرو لڙائي جي خاتمي بعد 13 رياستن جي گڏجڻ سان ٺهيو جنهنڪري سندن جهنڊي ۾ اڄ به 7 ڳاڙها ۽ 6 اڇا پٽا آهن جيڪي انهن 13 بنياد وجهندڙ رياستن جي مڃتا طور جهنڊي ۾ شامل آهن، جيڪو انگ تقريبن اڍائي صدين ۾ وڌي 50 رياستن تي پهتو آهي جنهنکي نمايان ڪرڻ لاءِ جهنڊي ۾ 50 ستارا آهن ۽ واشنگٽن 51 هين رياست بنجڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهو جهنڊو 26 دفعا تبديل ٿي چڪو آهي ۽ آخري دفعو الاسڪا ۽ هوائي کي رياست طور شامل ڪرڻ ڪري 1960ع۾ بدلايو ويو.
هي چونڊون صدر سان گڏوگڏ ٻن ٻين چونڊن يعني سينيٽ جي 100 مان 35 ۽ هائوس آف ريپريزنٽيٽو جي ميمبرن جو چونڊن لاءِ به آهن. انکان سواءِ 13 گورنرن جي چونڊ، ڪجھه رياستن ۾ ٻارڪيرائڻ، چرس جي استعمال کي طبي مقصد لاءِ قانوني شڪل ڏيڻ ۽ ٻين معاملن تي ريفرينڊم به هن موقعي تي ڪرايو پيو وڃي. آمريڪا وفاقي جمهوريه آهي جنهن۾ هر رياست جو پنهنجو جهنڊو ۽ پنهنجو آئين به هوندو آهي. انڪري پارليامينٽ جنهنکي ڪانگريس چون ٿا تنهنجا 2 ايوان آهن. مٿئين ايوان سينيٽ ۾ هر رياست جا آبادي ۽ پکيڙ کان قطع نظر هڪجيترا يعني 2-2 نمائيندا سڌي چونڊ وسيلي عام ووٽر پاڻ چونڊيندا آهن، اهڙي طرح 50 رياستن جا 100 ميمبر هوندا آهن جنجو مدو 6 سال هوندو آهي جڏهن ته هيٺين ايوان House of Representative يا ”نمائيندن جي ايوان“ ۾ 50 رياستن مان آبادي جي حساب سان 435 ميمبر ۽ 3 ميمبر راڄڌاڻي واشنگٽن مان چونڊجي ايندا آهن جنجو مدو 2 سال هوندو آهي. ايئن ٻنهي ايوانن جا اهي سڀ 538 ميمبر ملي صدر جي اڻسڌي چونڊ ڪندا آهن جنکي اليڪٽورل ڪاليج چوندا آهن ۽ جنهنکي به گهٽ ۾ گهٽ 270 اليڪٽورل ووٽ ملندا اهو صدر ٿي ويندو.هن وقت 1,000 کان وڌيڪ صدارتي اميدوار آهن جن مان 2 کانسواءِ باقي ڪنهنجو به نالو دنيا نه ٻڌو آهي. سينيٽ ۾ چونڊ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 9 ۽ هيٺين ايوان لاءِ 7 سالن جي آمريڪي شهريت، 25 سالن جي عمر ۽ ان رياست جو باشندو هئڻ جو شرط رکيل آهي. فقط صدر لاءِ آمريڪي ڄائو هئڻ ضروري آهي. ميمبرن جي گهٽ تعداد، وڏي مدي ۽ پارٽي بازي بجاءِ قانون اصولن ميرٽ تي فيصلن جي روايت ڪري سينيٽ جو رتبو وڌيل آهي. نائب صدر ڪملا سينيٽ جي پريزيڊنٽ ٿي ويندي. هن وقت تائين سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ جا 46ريپبليڪن جا 48 ميمبر چونڊجي چڪا آهن ، 2 سيٽون خالي آهن ۽ 4 نتيجن جو اوسيئڙو آهي. جڏهن ته هيٺين ايوان ۾ ڊيموڪريٽڪ جا 212 ۽ ريپبليڪن پارٽي جا 194 ميمبر چونڊجي چڪا آهن جتي کين اڪثريت لاءِ 218 ميمبر گهربل آهن.2018ع کان ان ايوان ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڪثريت آهي ۽ ڊيموڪريٽ نينسي پئلوسي گذريل سال کان انجي اسپيڪر آهي پر ڪنهن به قانون جي منظوري لاءِ ٻنهي ايوانن جي منظوري ضروري آهي انڪري ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي ڪنهن به قانون پاس ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مخالف ريپبليڪن پارٽي جو تعاون گهربل آهي. پاڪستاني پارليامينٽ به 1973ع جي آئين موجب آمريڪا وانگر ٻن ايوانن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي تي مشتمل آهي پر آمريڪا جي ابتڙ هتي اهي سينيٽر سڌو عام ووٽرن بجاءِ اڻسڌي اليڪشن وسيلي واسطيدار صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيندا آهن. آمريڪا ۾ به پهريائين ايئن ئي ٿيندو هو پر 1913ع ۾ قانون تبديل ڪري سڌي چونڊ جو فيصلو ڪيو ويو. پر آئين جي روح جي ابتڙ پاڪستان ۾ وقت بوقت سينيٽ ۾ واسطيدار صوبي بجاءِ ٻين صوبن جي باشندن کي چونڊرايو ويو آهي جنهن سان سينيٽ جي مقصد ۽ افاديت کي ڌڪ لڳو آهي.
نئون چونڊجندڙ صدر 2008ع ۾ صدر زرداري کان ملڪ جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ هلال پاڪستان وٺي چڪو آهي. هو پاڪستان جي حالتن کان گهڻي واقفيت رکي ٿو.سينيٽ جي پرڏيهي ناتن جي ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ هن آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان لاءِ ڪيري لوگر بل منظور ڪرايو هو جنهن هيٺ پاڪستان لاءِ ڏهن سالن لاءِ ساليانو ڏيڍ ارب ڊالر غير فوجي امداد منظور ٿي هئي.ايوان صدر ۾ سينيٽر جان ڪيري، رچرڊ لوگر سان گڏجي هن صدر زرداري، وزيراعظم گيلاني، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني سفير حسين حقاني سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون هيون.هن نومبر2008ع ۾ ممبئي حملي بعد واقعي جي جانچ لاءِ ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو هو ۽ ڳالهين لاءِ راه هموار ڪري جنگ کي ٽاري فضا کي سازگار بنايو هو. وزيراعظم نوازشريف به ساڻس ناشتي تي سندس گهر ڳالهيون ڪري چڪو آهي انڪري هو مخالف ڌر جي اڳواڻن کان چڱي ريت واقف آهي جنهن سان اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ ۾ سياسي فضا ۾ موجود تاءَ گهٽبو. ايران سان ٿيل عالمي معاهدي مهل هو نائب صدر هو انڪري امڪان آهي ته ٽرمپ کان پوءِ يڪطرفه طور ٽوڙيل معاهدو ٻيهر بحال ڪري ايران مٿان وڌل پابنديون نرم ڪري، حالانڪه خامنائي چئي چڪو آهي ته صدر جي تبديلي ڊرامو آهي جنهنسان ڪنهن تبديلي جي اميد ناهي. ٽرمپ جي وڃڻ سان چيو ٿو وڃي ته سعودي شهزادي محمد بن سلمان ۽ سندس اماراتي دوست محمد بن زيد کي وڏو ڌچڪو لڳندو ڇوته سندن ٽرمپ جي نياڻي ڪشنر سان گھري دوستي هئي. امڪان آهي ته سعودي صحافي جمال خشوغي جي ترڪي ۾ سعودي سفارتخاني اندر ڪهي ڳتراڳترا ڪري لوڙهڻ جي به ٻيهر جانچ کلي. انهن شهزادن ڪري علائقي ۾ قطر ترڪي ۽ ايران جو الڳ بلاڪ ٺهي چڪو آهي. اميد آهي ته بائيڊن جي اچڻ سان قطر جي سعودي ۽ اماراتي ناڪابندي ختم ٿيندي جنهن سان ٽنهي ملڪن کي سياسي ۽ معاشي نقصان پهچي رهيو آهي. ٽرمپ جي وڃڻ ۽ بائيڊن جي اچڻ سان سڀ کان وڌيڪ سائنس کي هٿي ملندي جنهن سائنسدانن جو ڪورونا ۽ ماحولياتي گدلاڻ تي مذاق اڏايو هو. انڪري آمريڪا پئرس معاهدي ۾ ٻيهر شامل ٿي سگهي ٿو جنهنتي هڪ سال جي ڳالهين بعد اقوام متحده جي جهنڊي هيٺ اپريل 2015ع ۾ پئرس ۾ 195 ملڪن صحيحون ڪيون هيون ۽ جنهن هيٺ ڌرتي جو گرمي پد هن صدي جي آخر تائين 2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪنٽرول ۾ رکڻو آهي نه ته گرمي سبب سمنڊن جي سطح بلند ٿيندي، سامونڊي شهر ٻڏندا، ماڻهو بي گهر ٿيندا، بيماريون وڌنديون ۽ معيشت متاثر ٿيندي. صدر ٽرمپ سائنسدانن جي مشوري جي برخلاف جون ۾ ان معاهدي کان عليحدگي جو اعلان ڪيو هو. پر نئين صدر لاءِ سڀ کان وڏا چئلينج گهرو آهن. جن۾ ڪورونا ڪري دنيا ۾ هن وقت تائين گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو آمريڪا ۾ متاثر ۽ مري چڪا آهن جنهنکي ٽرمپ پنهنجن لفظن ۽ عملن سبب هڪ مذاق بنائي WHO جي امداد بند ڪئي هئي. هن ڪورونا کي چيني وائرس چئي چين سان لاڳاپن کي خراب ڪيو هو. جيڪاوبا ئي سندس شڪست جو وڏي ۾ وڏو سبب بڻي آهي. انکانسواءِ اميگريشن قانون جنهن سبب بائيڊن کي ووٽ مليا، ۽ ٽرمپ نسل پرستي کي پڻ هوا ڏني. اميد ڪري سگهجي ٿي بائيڊن ۽ ڪملا جي اچڻ سان مذهبي رواداري، نسلي هم آهنگي، ميڊيڪل سهوليتن، روزگار ۽ سائنسي تحقيق ۾ اڳڀرائي ٿيندي. البت انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس اميرن تي ٽيڪس وڌائي مڊل ڪلاس کي ٽيڪس ۾ رعايتون ڏيڻيون پونديون يا عوام جي قوت خريد وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڊالر ڇاپڻا پوندا جنهن سان ڪرنسي جو ملھه گهٽجڻ ۽ شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. پر سڀ کان وڏو سوال جنهنجو واسطو معيشت ۽ ڪورونا سان آهي جنهن تي هاڻي کان ئي سوچ ويچار شرع ٿي چڪو آهي سو چين سان لاڳاپن جو آهي . ڏسڻو اهو آهي ته بائيڊن جي چين پاليسي ٽرمپ کان ڪيتري مختلف آهي۽ انجو ئي واسطو ڪنهن طرح پاڪستاني لاڳاپن سان به جڙيل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *