Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_nok71q93lot87r4k1pqd5npqji, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جو بائيڊن جو پروفائيل ۽ زرداري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جو بائيڊن جو پروفائيل ۽ زرداري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

جو بائيڊن جو پروفائيل ۽ زرداري

                 ڪنھن ٿي ڄاتو ته آمريڪا جي رياست پينسلوانيه ڄائو جوزف روبينيٽ بائيڊن جيڪو زندگي ۾ وڏن ذاتي المين مان گذريو آ سو هڪ ڏينھن جڏهن اسي جي ورھين جي ويجھي رسندو ته ھو آمريڪا جي نه فقط صدارتي چونڊ مٿي مٿي سان کٽيندو پر ھو ڪنھن چواڻي ھڪ انتھائي خطرناڪ دنيا ۾ انجي طاقتور پر پراڻي جمھوريت واري ملڪ  اڄ کان ٽي مھينا پوءِ ان جي ستيتاليھن صدر طور قسم کڻي رھيو ھوندو. پر پياري  پاڪستان جي اڳوڻي پياري صدر جيڪو ورلي ڪا گھاٽي واري سيڙپ ڪندو آ ايستائين جو ڪي ساڙيلا چون ته سندس شادي به ھڪ سيڙپ هئي تنھن لڳي ٿو ته تڏھن پڪ ڪونھي، ڄاتو ٿي يا نه ته  ھڪ ڏينھن تڏھن  آمريڪي نائب صدر جي ايندڙ سالن ۾ دنيا جي ھي سگھاري ڪرسي لکيل آهي پر اڳوڻي زرداري پنهنجي دور ۾ جو بائيڊن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو سويلين اعزاز “ھلال پاڪستان” پارايو ھو. توھان ھتي اھو نه ٿا چئي سگھو ته ايئن ته ھن اسانجي دوست مرتضيٰ سولنگي کي پڻ “تمغه امتياز” بخشيو ھو (ظاھر آ ته ميرٽ تي).پر زرداري جي ايندڙ وقتن ۾ وڏين طاقتن سان رھائي پوکي کانسواءِ نائب صدر جو بائيڊن کي اھو اعزاز اڳوڻي صدر زرداري ھن جي مشھور آمريڪي  ڪيري لوگر بل سبب ڏنو ھو جنھن جو سڌو سنئون فائدو سنڌ سميت پاڪستان جي عوام ۽ جمھوريت توڻي جمھوري ادارن ۽ قوتن کي رسڻو ھو. اھا ٻي  ڳالھه آھي ته ٻه آنا ڇھه آنا ان ۾ خانچو سائين سرڪار جو ته ھوندو ئي ھوندو آھی. آڳا ٻي ڳالھ آ ته ٻوڏ متاثرن کان وڌِڪ متاثر علي حسن زرداري ھوندو آ.بھر حال دل جي مفت اسپتالن، لائبريرين، پبلڪ اسڪولن جي ڄار وڇائجڻ کان شايدبينظير انڪم سپورٽ تائين سڀ ڪجھه ڪيري لوگر بل جي  مد ۾ ھو. پر نام نھاد قومي ميڊيا جي مھرباننين سان سنڌ سميت سموري پاڪستان انھي پاڪستان عوام دوست آمريڪي  امداد جي بل کي متنازعه بڻايو ويو. ڇاڪاڻ ته ان بل ۾ ڪي شقون پاڪستان ۾ جمھوري ادارن ، جمھوريت ۽ سويلين بالادستي جون به ھيون جيڪي ظاھر آ ته جمھورن جي فائدن ۾ ته ھيون پر استاد غفورن جي فائدي ۾ نه ھيون.غيرجمهوري  قوتن کي انھن شرطن وارو نه ٿي کاڌو. اھڙي ريت انھي ڪيري لوگر بل تي به مامان زرداري حڪومت کان ايترو ڏمريل ھئا ۽آھن جيترو ھو چون ٿا ته ارڙھين ترميم تي آھن. متان ايئن سمجھو ته ڪو ملڪ رياض پڻ ارڙھين ترميم جي پئڪيج ۾ کين مليل آهي ڪارونجھر توڻي ٻيٽ رئيسن جي  پراڻي بک آهي.

اھو ڏينھن به پري ناھي جڏھن ڳڙھي خدا بخش مٿان به ھڪ شاندار بحريه ٽائون ھڪ ملٽي پليڪس ڪامپليڪسز يا گلاس ٽاور جڙندا ۽ مئل ڀٽازيرزمين وڌيڪ محفوظ ٿي ويندا. وڏي ڀٽي ته جناح صاحب جي مزار جي پارت ڄام صادق علي کي ڪئي هئي پر ھاڻ ته “شهيد قائدعوام” شايد سندس قبر مان تاڪيد ڪندو ھجي ته ٻيلي ڳڙھي خدا بخش جي پارت ھجنو. خير.سو پاڻ ڳالھه پئي ڪيئي سين اسانجي صدر اليڪٽ جو بائيڊن  جي جيڪو آمريڪا جي رياست پينيسلوانيه ۾ ئي نومبر مھيني جي ويھين  تاريخ تي شھر اسڪريٽن ۾ ڄائو ھو سندس جنم جو سال ھو اڻويهه سو ٻائيتاليهه

رياست پينسلوانيه جي ئي وڏي شھر فلاڊيلفيا جي لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري ورتائين ،انھي رياست ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين پر هي جيڪو ھن مھل آمريڪا جي تاريخ جو سڀ کان جھوني ڄمار واروصدر چونڊيو ويو آھي سو اوڻويهه سو ٻاھتر ۾ جڏھن سندي انھي رياست مان سينيٽر چونڊجي آيو ته سينيٽ جي گھٽ ڄمار وارن سينيٽرن مان ھو.  ٻاهتر جو آمريڪاجڏھن جوان آمريڪا ھو (اڄ به آھي) پر جڏھن ويٽنام جنگ ۽آمريڪا۾ انجي خلاف آمريڪي مزاحمت زورن تي هئي.اڳوڻن صدرن ۾ بل ڪلنٽن، سينيٽر ھيلري ڪلنٽن توڻي باراڪ حسين اوبامه سندي جوانين ۾ انهي جنگ جي مخالفن ۾ رهيا آهن.آمريڪي ڪيترن صدرن توڻي ٻين شخصين سميت پنهنجي جوانين ۾ ٻه ڪم ضرور ڪيل ھوندا اٿن. هڪڙو هنن جي چرس پيتل ھوندي آ ۽ ٻيو ويٽنام جنگ مخالف  مظاھرن ۾ سندن حصوورتل ھوندو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *