تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا

هر سماج ۾ عورت لاءِ مسئلا، درد، پيڙائون ۽ مشڪلاتون هونديون آهن پر خاص ڪري  ايشيا جي ملڪن ۾ عورت تمام گهڻو ڀوڳي رهي آهي، سماجي مسئلا هجن ،معاشي مسئلا هجن ،گهريلو مسئلا هجن ،تعليم جا مسئلا هجن، تعليمي ادارن ۾ عورت سان هراسمينٽ جا مسئلا هجن ، پوکن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جا مسئلا هجن يا گهر کان ٻاهر نڪرندڙ نوڪري پيشه عورتن جا مسئلا هجن، هو  هر ڏينهن مختلف روين، تڪليفن ۽ زيادتين جو شڪار ٿين ٿيون. 
گهريلو مسئلن جو وڌ ۾ وڌ شڪار عورت ئي ٿئي ٿي، سموري گهر جي لٽي ڪپڙي، کاڌ خوراڪ جو خيال به رکي ٿي ته گهر ڀاتين جي  خواهشن کي سمجهندي پاڻ هر تڪليف برداشت ڪري وڃي ٿي مرد صدين کان  عورت کي غلام سمجهي ٿو ۽ اها غلام سمجهي ويندڙ عورت مرد جي زندگي ۾  اچي حسين رنگ ڀري ٿي.  يقين سان چوان ٿي ته مرد ۽ عورت هڪٻئي کان سواءِ نامڪمل آهن. 
 گهريلو مسئلن کان اڳتي اچون ته ٻاهر نڪرندڙ نوڪري ڪندڙ عورت جي سامهون  ڪيترا مسئلا آهن جيڪي ھو ڀوڳي رهي آهي هراسمينٽ ته آهي ئي آهي پر سندس گڏ ڪم ڪندڙ مردن جو جيڪو ان سان رويو هوندو آهي اهو ناقابل برداشت هوندو آهي، ان عورت جي رستي ۾ جيڪي رنڊڪون وڌيون وينديون آهن. نوڪري ڪندڙ عورت گهر به سنڀالي ٿي، مٽ مائٽن سان به هلي ٿي ته ٻاهرين دنيا جي مسئلن سان به  منهن ڏيئي ٿي پر پنهنجي خاندان جي بهترين مستقبل خاطر پوئتي نٿي هٽي. 
تعليمي ادارن ۾ جنهن هراسمينٽ جو شڪار عورت ٿئي ٿي، ان جو اندازو نٿا ڪري سگهون، مرد سوچي به  نٿو سگهي ته عورت مرد جي اک جي ڇنڀ ڇا سندس کڄندڙ هر  وک سمجهي وڃي ٿي، استاد کان ويندي ڊپارٽمينٽ جي پٽيوالي، ليب اسٽنٽ ۽  ڪلارڪ  تائين جي نظرن جي اٿل پٿل کان ھو واقف آهي، ڪٿي پنهنجي مستقبل خاطر، خاندان جي عزت خاطر خاموشي اختيار ڪري ٿي، ڪٿي مزاحمت ڪري ٿي ته ڪٿي نائلا رند وانگر پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏي ٿي عورت هر هنڌ مسئلن ۾ رهي ڪري اڳتي وک وڌائي آهي. 
ايتري قدر جو، جڏهن گهر ۾ ڪو مرد ناهي يا  مرد اهڙو آهي جو نه سج لهڻ جي خبر نه اڀرڻ جي، ته اهي عورتون گهر هلائڻ لاءِ، پنهنجي اولاد، ڀيڻ ۽ ڀائرن کي پالڻ نپائڻ لاءِ، پنهنجو جسم  تائين وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن، پوءِ گهڻي ڀاڱي عورتون  prostitute center جو رخ ڪنديون ته ڪجهه پنهنجو شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهائش اختيار ڪنديون آهن، جيئن ڪو به ڏٺل ماڻهو انهن کي سڃاڻي سندن گهر وارن جو جيئڻ جنجال نه ڪري سگهي. هڪ يا ٻن ڪمرن تي مشتمل گهر وٺنديون آهن پوءِ سموري زندگي سندن نه کٽندڙ عذاب حوالي ٿي ويندي آهي .گهر جي ڀاتين جي سک خاطر اجهي ۽ لٽي خاطر هو پاڻ گمشده ڪردار ٿي وينديون آهن، اهڙن ڪردارن کي سماج ۾ تمام گهڻي حقارت سان ڏٺو ويندو آهي ڪير به سفيد پوش ماڻهو انهن سان ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندو پوءِ ڀلي انهن سفيد پوش انسانن جي پوشاڪ سفيد هجي ۽ سندن اندر ڪيئن به هجي .
ايشيا ۾ هر ملڪ ۾ اهڙن سينٽرن جي گهڻائي ٿي رهي آهي پر خاص ڪري ٿائلينڊ، ڀارت ۽ سريلنڪا اهڙا ملڪ آهن جتي سرڪاري اجازت سان هي سينٽر هلن پيا، پاڪستان يا کڻي چئجي ته سنڌ ۾ به هي ڪم لڪ ڇپ ۾ هلي  رهيو آهي جنهن ۾ گهڻائي مجبور عورتن جي آهي جيڪي غربت ۽ نجي زندگي جي مختلف حادثن کانپوءِ اچي ان مقام تي پهچن ٿيون، جتي سندن لاءِ واپسي جا سڀ دروازا بند ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ڪيس اهڙا به ڏٺا ويا جتي عورتن زندگيءَ جي ڏکين مرحلن کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو پر گهڻائي انهن عورتن جي آهي جيڪي پنهنجي خاندان جي ڪفالت خاطر هي ڌنڌو اختيار  ڪري رهيون آهن ڇو جو غربت ۽ معاشي مسئلا وقت سان ايترا وڌيا آهن جو گهر جي چلهه ٻرڻ مشڪل ٿي وئي آهي. 
ان کان علاوه حالتن  کان مجبور عورتون اهڙيون به آهن جيڪي ڀارت يا ٻين ملڪن ۾ فائن آرٽس جي مختلف ڪاليجز ۾ رکيون وينديون آهن جن جو جسم پينٽنگس لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ کين معاوضو ڏنو ويندو آهي ۽ اهي مخلتف وقتن ۾ ڪورس ورڪ جي حساب سان ڪم ڪنديون آهن.  اهڙن عورتن کي سماج  ۾ عزت جي نگاهه سان ناهي ڏٺو ويندو پر اندر جي سچائي اها ئي آهي ته بکئي پيٽ کي ڳڀو کپي ڪو به  تمغو يا ايوارڊ نه. 
ٻئي طرف اهڙيون به ڪافي عورتون آهن جيڪي جوانيءَ ڇا ٻاروتڻ ۾ ئي گهران نڪرن ٿيون ۽ اڇي مٿي تائين گهرن ۾ ڪم ڪن ٿيون ، خاص ڪري سنڌ جي عورت جي ڳالهه ڪندس جن کي گهرن ۾ هڪ ڪم جو معاوضو  عام طرح سان 1500 ڏنو ويندو آهي، سمورو ڏينهن ڪم ڪري به ته وڌ ۾ وڌ  کين مهيني جا 10000 به ڏکيا ملن ٿا پر هو مجبوري ۾ ان رقم کي به رب پاڪ جو شڪر سمجهي قبول ڪن ٿيون، ڇو جو سندن ڪمائي جو ٻيو ڪو به وسيلو ناهي هوندو،   ڪي گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون  گهر جي مالڪن جو اهڙو ته خراب رويو برداشت ڪنديون آهن جو انهن کي اڇوت سمجهيو ويندو آهي پر پوءِ به هو ڪم ڪنديون رهنديون آهن، اڪثر ڳوٺن ۾ ڏٺو ويو آهي ته وڏيرن، سردارن، رئيسن يا سرندي وارن جي گهرن ۾  جيڪي ڳوٺ جون غريب عورتون ڪم ڪنديون آهن هو رڳو ٽن ويلن جي ماني ۽ استعمال ٿيل ڪپڙن يا کڻي چئجي ته  صدقي ۾ ڏنل ڪپڙي لٽي تي گذر ڪنديون آهن مالڪ کائي پي وڃن پوءِ جيڪو بچي سو  کائينديون به ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ بچيل ماني کڻي وينديون آهن، اڪثر انهن عورتن جا مرد به وڏيري جا هاري يا ڪمدار هوندا آهن انهن جو گذر سفر به  رئيس يا وڏيري جي ڪوٽ يا حويلي جي بچيل مانين  تي هوندو آهي. ايتري قدر جو کين ڪا به پگهار ناهي ڏني ويندي انهن خاندانن جا ٻار نسل در نسل وڏيرن جا ملازم هوندا آهن ، ايتري قدر جو انهن عورت ملازمن کي جبري طور به ڪم ڪرايو ويندو آهي جيئن بااثر ماڻهن جا نجي جيل هوندا آهن، انهن کان بيگر ورتي ويندي آهي ۽ وڏيرن جي حويلين ۽ ڪوٽن ۾ عورتون نسل در نسل انهن جون ٻانھيون هونديون آهن. ايئن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، شڪارپور ۽  لاڙڪاڻي جا اهڙا علائقا آهن جتي مڪمل طور وڏيرڪو نظام آهي انهن علائقن ۾ عورتون بي زبان جانور وانگر حويلين ۾ ڪم ڪنديون آهن گهر اچن ته سک جو ساهه ناهن کڻنديون نه کاڌ خوراڪ جو سک، نه علاج جو ڪو بندوبست، جڏهن انهن کان پڇيو وڃي ٿو ته هو هي غلامي ڇو قبول ڪن ٿيون؟ ته جواب هي ملندو آهي “گهر ۾ ويهي ڇا ڪيون؟ ڪجهه کائڻ لاءِ ڪونه هوندو آهي ابن، ڏاڏن کان اسان جون عورتون وڏيرن جي گهرن ۾ ڪم ڪنديون آهن ٻيو ته ادي مٿان ٻار ننڍڙا”، بيوسي جا لڙڪ سندن اکين ۾ هوندا آهن، چهري تي اداسي ۽ مايوسي صاف نظر ايندي آهي ۽ افسوس هي آهي ته انهن خاندانن لاءِ ڪير به سوچڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، نه ڳوٺ جو سرپرست نه اليڪشن کٽيندڙ اميدوار ۽ نه ئي حڪومت.
ٻهراڙين جي علائقن مان ڪراچي ،حيدرآباد سکر يا ٻين وڏن شهرن ۾ وڃي گهرن ۾ جيڪي عورتون ڪم ڪنديون آهن انهن سان الميو هي هوندو آهي ته سندن گهر جا مرد نشائي، چرسي، جوئاري ۽ نااهل هوندا آهن جن جو مڪان چرسن جا اڏا هوندا آهن اهڙن گهرن جون عورتون ٻٽي عذاب ۾ هونديون آهن جيڪو ڪمائي سانڀي رکڻ، ظلم هي ته مرد عورت کي ڪٽي ماري سڀ رقم کنيو هليو ويندو ۽ عورت رات جو  لڙڪ هاري  هاري سمهي پوندي ۽ صبح جو ساڳي معمول تي نڪري ويندي آهي ڇا ڪري؟ سندس پٺيان ٻار هوندا آهن ۽ ماءُ مري سگهي ٿي اولاد کي بکيو نٿي ڏسي سگهي، انهي غربت ڪري نوجوان نياڻيون پاڻ سان وٺي مختلف گهرن ۾ عورتون ڪم به ڪنديون آهن ته  پنهنجي ڦٽيل تقدير تي روئينديون به آهن. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *