تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

جي آءِ ٽيز،نيب ڪيس اڪلائجن ڇو نه ٿا؟

سنڌ حڪومت ۾ هن وقت ٻه جي آءِ ٽيز هلي رهيون آهن، ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ پنهنجي زماني جي بيتاج بادساهه عذير بلوچ کان عملدارن جي ٿيل جاچ آهي، جڏهن ته ٻئي ڪراچي ۾ بلديه فيڪٽري ۾لڳايل باهه جي رپورٽ آهي. سنڌ حڪومت طرفان عذير بلوچ جي جاري ڪيل جي آءِ ٽي جي باري ۾ ڪراچيءَ مان چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر وفاقي وزير علي زيديءَ خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ترميم کان پوءِ جاري ڪئي وئي آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا ڪڍيا ويا آهن، هن جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي باري ۾ جاچ ڪندڙ ٽيم کي جيڪو ڪجھه ٻڌايو آهي، ان کي ختم ڪيو ويو آهي. هن جي دعويٰ آهي ته هن وٽ جي آءِ ٽيءَ جي موجود ڪاپي تي جاچ ڪندڙ آفيسرن جون صحيحون موجود آهن. حڪومت جي جاري ڪيل جي آءِ ٽي ۽ علي زيدي وٽ موجود ڪاپيءَ جو جائزو ته ڪو ذميوار ادارو ئي وٺي سگھي ٿو، هن سپريم ڪورٽ کي ان سلسلي ۾ پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. هونئن ته جي آءِ ٽي جي ان لحاظ کان ڪا قانوني حيثيت نه آهي ڇو ته ان کي ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران پيش نٿو ڪري سگھجي. ڪيس ۾ ته پوليس چالان موجب ئي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي آهي، پر جي آءِ ٽي سبب عملدارن ۽ پوليس کي واقعي جي پسمنظر ۽ جوابدارن جي ڏوهاري سرگرمين بابت خبر پئجي ويندي آهي. عذير بلوچ درجنين ماڻهن جي قتل ۾ ملوث آهي، هو ۽ ان جو مخالف ارشد پپو نالي ڏوهاري شخص لياريءَ ۾ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. ارشد مبينا طور عذير هٿان مارجي ويو هو. چيو پيو وڃي ته عذير انتقام جي باهه ۾ ايترو ته ٻري رهيو هو جو هن ارشد جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري پوءِ ان علائقي ۾ ان جي سان فٽبال کيڏي هئي. عذير ڀيانڪ ڏوهن ۾ ملوث رهيو آهي پر ان خلاف ڪيس رڙهي رهيو آهي. جيڪڏهن عذير بلوچ جھڙن ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي اها سهولت حاصل ٿي وڃي ته هو حڪومت جا مهمان بڻجي رهن ته پوءِ جيڪو اهو کيڏ کيڏندڙ آهن جيڪو وڻين سو ڪن.
اها ئي حيثيت بلديه فيڪٽري ۾ لڳايل باهه واري جي آءِ ٽي جي به آهي. فيڪٽري ۾ ڳري ڀتي جي وصوليءَ جي لاءِ فيڪٽري کي ٻاهران بندي ڪري باهه لڳائي وئي هئي. جنهن وقت باهه لڳائي وئي هئي ان وقت فيڪٽريءَ ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. باهه جي ڪري لڱ ڪانڊاريندڙ موت جو شڪار ماڻهن جو انگ اڍائي سئو کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي. هي واقعو حيدرآباد ۾ 30 سيپٽمبر 1988ع تي کلي عام ڪيل قتلام جيان ئي هڪ دل ڌوڏيندڙ واقعو آهي. روڊن تي پنڌ هلندڙ ماڻهن کي ڪار سوار ماڻهن بي سبب گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. پوليس رپورت موجب قتل ٿيندڙ جو انگ 265 هئو. ڪراچي فيڪٽري جي باهه وارو ڪيس به رڙهي رهيو آهي. فيڪٽري مالڪن کان تمام ڳري رقم ڀتي طور طلب ڪئي وئي. هو پنج ڪروڙ رپين تائين ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار هو پر مطالبو 25 ڪروڙ رپين جو هو. جڏهن مطالبو پورو نه ٿيو ته فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ عورتن سميت محنت ڪشن کي بي وسيءَ ۾ جيئرو ساڙي ماريو ويو. عملدارن، پوليس سياسي پارٽين وغيره واقعو ٿيڻ کان پوءِ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ڳالهه ختم ڪئي وئي. هي واقعو اهڙو هو جنهن ۾ پوري قوم سوڳوار ٿيڻ گھرجي ها ۽ ان ڪيس جي تيز رفتار ٻڌڻي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري فيڪٽريءَ جي بيوس محنت ڪشن جيان ئي چوڪن تي جيئرو ساڙيو وڃي ها.
خبر ناهي ڪهڙي سبب ۽ مصلحت جي ڪري تمام گھڻا اهڙا ڪيس آهن جيڪي ريڙهيون پائي رهيا آهن. ڪٿي ڪٿي رنڊڪون آهن يا ڪٿي ڪٿي ڪمزوريون آهن جو ڪيسن کي رڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي. انصاف جي رستي جو سفر جيئن جيئن قدم کڻندو ٿو وڃي اهو ڊگھي ٿيندو ٿو وڃي. منزل ويجھو نٿي اچي پر اڃان به ڏور ٿيندي وڃي. پاڪستان ۾ جن ڪيسن ۾ عملدارن جا خاص مقصد هوندا آهن اهي تيز ڊوڙندا آهن، انهن جا فيصلا به اچي ويندا آهن ۽ فيصلن تي عملدرآمد به ٿي ويندو آهي، هل ڙي! انصاف جو پلڙو ئي غير توازن جو شڪار ٿي ويو آهي. چيف جسٽس هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جيڪي تبصرا ڪيا اهي ڌيان طلب آهن. هن جو چوڻ هو ته نيب جا 1226 ريفرنس التوا هيٺ آهن. 20، 20 سال نيب ريفرنس التوا هيٺ آهن ڇا نيب پنهنجي قانوني عملداريءَ ۾ سنجيده آهي؟ نيب ريفرنسن جو فيصلو جلدي نه ٿيڻ سان نيب قانون ٺاهڻ جو مقصد ختم ٿي ويندو. ڇو نه نيب عدالتون بند ڪريون ۽ نيب قانون کي غير آئيني قرار ڏيون. هن ملڪ ۾ 120 نيون عدالتون قائم ڪرڻ جو حڪم به ڏنو.
عذير بلوچ ۽ بلديا فيڪٽري باهه جي، جي آءِ ٽي جي عام ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو اهو پيا چون ته حڪومت اها تڪليف ئي ڇو ڪئي جڏهن ڪيسن جي رفتار ئي سست آهي. پوءِ وري ٻيا واقعا ياد آيا. بلوچستان جي صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻيءَ جي گھر تي ڇاپو هڻي نيب وڏي جلوي سان اربين رپين ماليت جي روڪ رقم کانسواءِ سونا زيور ۽ جواهر هٿ ڪيا هئا. ان سان گڏ ان جي هڪ ساٿيءَ کي به گرفتار ڪيو ويو. ان وٽان به وڏو مال هٿ آيو هو. زور شور سان ڪيس داخل ڪيو ويو. مشتاق نيب جو ڪافي وقت مهمان به رهيو هو. ڪيس جي رفتار جي باري ۾ ڪنهن کي خبر نه آهي. جيڪڏهن مشتاق خلاف ڪيس غلط داخل ٿيو ته ان کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ان وٽان هٿ آيل رقم ۽ زيور ان حوالي ڪيا وڃن. هڪ ڪيس پنجاب حڪومت جي بااثر سرڪاري آفيسر احد چيمه جنهن کي پنجاب جي ان وقت جي وڏي وزير شهباز شريف جو ساڄو هٿ به چيو ويندو هو وٽان به ڪروڙين رپيا روڪ، زيور ۽ ملڪيتون مليون هيون. احد خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو. ان خلاف داخل ڪيس جي اڳڀرائيءَ جي باري ۾ نيب ئي ٻڌائي ته خبر پئجي سگھندي ته ڇا ٿيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسين فواد ته ضمانت تي آزاد آهي، ڪيس ۾ ڇا پيش ڪيو ويو اها خبر ناهي.
هن تماشي گاهه ۾ ڪيس عدالتن ۾ ريڙهيون پائيندا رهيا آهن. ان لاءِ قومي احتساب بيورو کي فڪر ڇو لڳل آهي ته ڪيس التوا جو شڪار ٿي رهيا آهن. نيب جي سربراهه جسٽس جاويد اقبال سپريم ڪورٽ جو هڪ اڳوڻو جج آهي. ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ هجڻ گھرجي ته انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار قرار ڏنو ويندو آهي. نيب جي سمورن آفيسرن کي اهو سمجھڻ گھرجي ته انصاف ۾ دير انصاف جو مقصد ئي زيان ڪري ٿو ڇڏي. نيب عملدارن کي به هڪ ئي وقت ڪيترن ئي معاملا کولڻ بجاءِ هڪ هڪ ڪري ڪيس ٺاهڻ گھرجن ۽ هڪ ڪيس کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ کانپوءِ ٻئي ڪيس کي ڇهڻ گھرجي. جوابدارن کي ڊگھي وقت تائين مهمان بڻائڻ جو مقصد ئي انهن خلاف ڪيس جي افاديت ۽ اهميت کي ختم ڪري ڇڏڻ آهي. رستو آهي جو ڪٽجي ئي نٿو، فاصلو آهي جو کٽي ئي نٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *