تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جڏهن دردناڪ خبرون ٻڌي مون ٽي وي ڀڃي ڇڏي!

الله سائين شل ڪورونا جون پاڙون پٽي، اسان غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿس. بيروزگاري ايتري جو ڇا ٻڌايان!  پئسا ويا موڪلائي، سئو ٻه سئو تاريخ تي ڪمائڻ لاءِ تيار آهيون پر ڪو نڀاڳو تاريخ تي بيهارڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي، ان ڪري گهر ۾ سڃ جا سلسلا ۽ ڀينگ جا بلبلا پيا هلن. ڪن پٽي، پيا پڇ کي کارايون ۽ پڇ پٽي پيا ڪن کي کارايون. لاڪ ڊائون به سمارٽ لاڪ ڊائون ٿي ويو. ماسڪ به سمارٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويا. ڪورونا جي ڊپ کان گهڙي گهڙي هٿ ڌوئي آئون به سمارٽ ٿي ويس. جيڏانهن وڃان اتي مون کي دوستي جي دعوت ملي پر آئون ڪنهن کي لفٽ ئي ڪو نه ڏيان. ان ڪري جو اڄڪلهه جي دوستي بجلي جي لوڊشيڊنگ وانگر آهي. “چار دن ڪي چاندني ڦر انڌيرا هي انڌيرا” وانگر بجلي ٻه ڪلاڪ اچي 10 ڪلاڪ گم ۽ بل وري 43588 روپيا. ڪورونا ظاهر ٿي ته ڊي سي صاحب پوليس جا اٽالا وٺي قناتون هڻائي محبوبن جا پاڙا ۽ گهٽيون سڀ سيل ڪري ڇڏيون. ماڻهن جي اچ وڃ ته بند ٿي پر ڪتي ٻلي تي به لٺ پئي لڳي. محبوب هليا ويا قرنطينه ۾. آئون اداس ٿي ڪلام ڳائڻ لڳس، “اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان، او سڄڻ!” محبوبن وري فون تي هي ڪلام ٻڌايو، “پاڙي ۾ ڪوورنا اچي ويو. حضور آئون ڀي آهيان مجبور منهنجو پيار به آهي مجبور!” اهو گانو ٻڌي آئون ايئن اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس جهڙو منهنجو سڳو سهرو گذاري ويو هجي. مون روئي روئي ايڏا ڪن ڪيا جو اڱڻ تي گپ ٿي وئي. جيڪو اچي سو ترڪيو وڃيو ڦهڪو ڪري. پوءِ احتياط طور مون گپ جي چوڌاري لوڙهو ڏيئي ڇڏيو. طوطن ماءُ وري انهي گپ ۾ ڦودنو پوکي ڇڏيو جيڪو هفتي ٻن ۾ هٿ جيترو ٿي ويو. پوءِ ته اسان رات ڏينهن ايترو ڦودنو کاڌو جو اسين سڀ ڦودنا ٿي پياسين. ٽيون آزار اهو هو جو ڪورونا جي ڪري ٻوٿاڙو يعني ماسڪ ئي پائڻو هيو. هڪ دفعي ٻوٿاڙو ٻڌڻ وسري ويم ته پوليس مون کي جهلي وڃي لاڪ اپ ۾ هنيو، جهڙو ٻڪري جو چور هجان. اهو شڪر ٿيو جو صوبيدار صاحب جي ننڍي سالِي اسان جي پاڙي ۾ رهندي هئي، انهي کي ڪڏهن ڪڏهن آئون قلفي کارائيندو هئس. انهي فون ڪري منهنجي لاڪ اپ مان جند ڇڏائي. انهي خوشي ۾ مون مائي کي وڃي آئيس ڪريم کارائي ۽ ان واقعي کانپوءِ مون باقاعدي ٻوٿاڙو ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيو. انهي مان نقصان اهو ٿيو جو منهنجا ڪن سڳورا ٽي انچ اڳيان اچي ويا ۽ نڪ ڦسي بينو ٿي ويو. ناسون پکڙي وڃي واڇن تائين پهتيون. آرسي ۾ ڏٺم ته ناسن مان ميڄالو پيو ڏسڻ ۾ اچي. وري جو ٽي وي ۾ ڏٺم ته پاڻ وارا امير وزير ليڊر ۽ وڏا ماڻهو هڪ ڪن ۾ ماسڪ لڙڪائي پيا پريس ڪانفرنسون ڪن. ٻڌو هئم ته جيئن وڏڙا ڪن تيئن ڪجي. مون به هڪ ڪن ۾ ماسڪ لڙڪائي، پان کائيندي آرسي ۾ ڏٺو ته جهڙي هالي مينهن پئي اوڳر وٺي. وري ٻنهي ڪنن ۾ ماسڪ لڙڪايم ته جهڙي ڏٻي مينهن پئي ڀيلاڙا ڪري. انهي شوبازي ۾ منهنجا ڪئين ماسڪ ڪري وڃائجي ويا. نيٺ مون ايلفي هڻي ماسڪ کي ڪن تي لٽڪائي ڇڏيو. پوءِ ته ماسڪ لهي ئي نه! مون ڇري سان ماسڪ ڪوري ٿي لاٿو ته ابا ڇري بنهه ڪا تکي هئي منهنجي ڪن جو مٿيون پاسو به وڍجي اچي هٿ تي پهتو. مون کي پڪ ٿي ته هاڻي دوست منهنجو نالو ڪن ڪٽا رکندا سو ان کان بچڻ لاءِ ڪٽيل ڪن جو ٽڪرو ايلفي سان وري ڪن تي چنبڙائي ڇڏيم ته وري به ماڻهو جو پٽ ٿي پيس.
اوچتو مون کي شوق ٿيو ته ڇو نه آئون به وڏن ماڻهن ۽ ليڊرن وانگر ڪن ۾ ماسڪ لڙڪائي پريس ڪانفرنس ڪريان پر مسئلو اهو هو ته آئون ڪهڙي معاملي يعني اشو تي وڃي پريس ڪانفرنس ڪريان. اشو کانسواءِ آئون شيخ رشيد، سعيد غني ۽ فواد چوڌري وانگر رڳو پيو ڄاڙي هڻندس. سو اشو هٿ ڪرڻ لاءِ ٽي وي کولي آئون خبرون ٻڌڻ لڳس. ٽي وي ۾ ايڏيون ته دردناڪ خبرون هيون جو آئون وري به اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس. گهر ۾ وري به گپ جا ڪئين دٻا ٺهي ويا. ڪاوڙ ۾ اچي سروٽو کڻي اهڙو زور سان ٽي وي کي هنيم جو ٽي وي ايئن چڪنا چور ٿي وئي جهڙو شيشي جو گلاس هٿ مان ڪري پيو هجي. ابا ٽي وي طوطن ماءُ، سور کائي، ويسيون رکي ورتي هئي سا ڇتي ٿي پئي تنهن اچي ٽر ٽر ڪئي پر آئون مڃان ئي نه ته ڪا ٽي وي مون ڀڳي آهي. چيم مٿان داسي تان ڪبوتر سروٽو ڪيرايو آهي پر طوطن ماءُ به آخر ماسي ناٿي نانگڻ جي ڌيءُ هجي سا مڃي ئي نه! چئي تنهنجي مٿي ۾ فواد چوڌري وارو ڪيڙو آهي، ٽي وي تو ڀڳي آهي پوءِ ته اسان ۾ اسيمبلي ميمبرن وارو جهونجهاڻي جهيڙو شروع ٿي ويو. هميشه وانگر گوڙ تي نانا پيرو اچي پهتو. تنهن حتمي فيصلي لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ سئوٽ صدوري، ماسات ماڪوڙي، کجو کنڀڙاٽي ۽ پپو پاسراٽي تي مشتمل هڪ جي آءِ ٽي ڪميشن ٺاهي جنهن ٻن هفتن کانپوءِ رپورٽ ڏني. مون اصلي رپورٽ ۾ پاڻ واري سرڪار وانگر گڙ ٻڙ ڪري راڄن جا نالا وجهي پنهنجو نالو ڪڍي پاڻ کي صفا ڳوڀ، مسڪين، امين ۽ صادق قرار ڏنو. پوءِ نانا پيرو اصلي رپورٽ ظاهر ڪري منهنجي ڪوڙ ۽ چالبازي تي دانگي ڦيري ڇڏي. مجبور ٿي مون طوطن ماءُ کي نئين ٽي وي وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ته مس وڃي جي آءِ ٽي وارن منهنجي گلي مان هٿ ڪڍيا.
مسئلو اهو هو ته ٽي وي ڪٿان وٺي ڏيان؟ پئسا ڪورونا جي ڪري ٺهن ئي نه! کيسي ۾ جوئن جا احتجاج، ڌرڻا ۽ لانگ مارچون لڳيون پيون هجن. مجبور ٿي قرباني لاءِ بيهاريل ڇيلو مون ڏني ڏٽائي کي 20 هزارن ۾ وڪڻي ڏنو. ڏنو ڏٽائي هزار سوٿي ڏيئي ڇيلو ڪاهي ويو باقي پئسا هفتي اندر ڏيڻ جو چيائين. هفتو گذري ويو همراهه پئسا ڏي ئي نه. گهر وڃانس ته سندس پـٽ، طوطن وانگر پڙهايل پٽي پيو ٻڌائي ته بابا گهر آهي ڪونهي! نيٺ سندس آفيس ويس ابا اتي سخت چيڪنگ هجي. پهرين ماسڪ پارايائون پوءِ ننڍڙي بيٽ جهڙي اوزار سان اڳيان پٺيان چيڪ ڪيائون. پوءِ گيٽ جي ڀرواري ڪمري ۾ ويٺل مائي مون کان اندر وڃڻ جو سبب پڇڻ لاءِ چاليهه سوالن وارو فارم ڏنو. مون هر سوال جي جواب ۾ اهو ئي لکيو ته ڏني ڏٽائي کان ڇيلي جا پئسا وٺڻا آهن! ان کان واندو ٿيس ته هڪ همراهه ڦونهاري واري بوتل سان هٿن تي ڦونهارو ڪيو. مون ان کان بوتل ڦري منهن، ٻانهن ٽنگن ۽ پيرن تي به ڦونهارا هنيا ته همراهه ڪاوڙجي پيو چئي مٿي ڀلي ڦونهارو هڻ، هيٺ ڇو ٿو هڻين؟ چيومانس چري جا پٽ! ڪورونا وڏو استاد وائرس آهي. مٿان کان به حملو ڪري سگهي ٿو ته هيٺان کان به حملو ڪري سگهي ٿو. اعتبار نٿو اچيئي ته پاڻ واري سائنس جي وزير فواد چوڌري  کان وڃي پڇ! هن فون ڪري پڇيو ته سائنس واري وزير چيس، “الو دي پتر اي بندا صحيح ڪهنداسي.” همراهه کڻي ماٺ ڪئي. مون اندر وڃي ڏني ڏٽائي کي گلا ڏني. همراهه مون کي چانهه پياري مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي شنوائي ڏني. هلي هلي آئون ٿڪي پيس، شنوايون ختم ئي نه ٿين جهڙو فيصلي واري انصاف جي اداري ۾ منهنجو سول ڪيس هلندڙ هجي. نيٺ هڪ ڏينهن آفيس جي گيٽ مان ٻاهر نڪتو ته مون ڪهاڙي وڃي ڳچي تي رکي مانس. همراهه ڊڄي واپس آفيس ۾ ڀڄي ويو پوءِ ڪٿان اوڌر سوڌر ڪري مون کي بقايا 19 هزار آڻي ڏنائين. انهن پئسن مان مون طوطن ماءُ کي نئين ٽي وي آڻي ڏني ته مس وڃي گهر ۾ امن امان قائم ٿيو. رات جو وري ٽي وي کولي خبرون ٻڌم ته ڇا ٻڌان! صوبائي توڙي قومي اسيمبلي وارا ميمبر فل ايڪشن ۾ اچي هڪ ٻئي خلاف گٿن لفظن ۽ گارگند واري اهڙي ٻولي پيا ڳالهائين جهڙو سانوڻ فقير جي ميلي ۾ کدڙا فقير عاشقن جي معاملي تان هڪ ٻئي جي پيا ڄنڊا پٽ ڪن. سنڌ جي سينيئر آفيسرن سان اسسٽنٽ آفيسرن جا جهيڙا، سازشون، ٿر ۾ راڻي کيت جي بيماري ۾ سهڻا مور پيا مرن! بک جي بيمارين ۾ ٿر جا مورن جهڙا معصوم ۽ سهڻا ٻار پيا مرن! وڏا ڇڇر ۾ وزيران ڇڇر جو منهن ۽ مٿو چچريل لاش ۽ سندس پيءُ گل محمد جون فلڪ شگاف رڙيون! خيرپور ۾ نافرمان پٽ پنهنجي جيجل ماءُ ملوڪان جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي! ڇاڇري ۾ 12 سالن جي يتيم نياڻي وسهي ميگهواڙ زنجيرن ۾ ٻڌل! پنگرئي جي مائي آسيتا ڀيل کي مڙس سگريٽن جا ڏنڀ پيو ڏئي ! بٺوري جي طاهره زيادتي ڪوشش دوران قتل! پنو عاقل گمبٽ، لاڙڪاڻي، تنگواڻي ۽ دريا خان ۾ رولو ڪتن 30 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو! آنڊن جا واهي گدڙ وانگي گهوٽڪي پل جي سيڪيورٽي تيغو خان تيغاڻي جي حوالي! پنگرئي، جهڏي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ مڪڙن جا حملا! فصل! ميوا ۽ ڀاڄيون چٽ، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو هڪٻئي سان سس ننهن وارو جهيڙو! مسڪين هارين جا مٿي تي هٿ، دل ۾آيو ته وري به سروٽو هڻي ٽي وي ڀڃي ڇڏيان پر طوطن ماءُ ۽ جي آءِ ٽي ڪميٽين جي ڊپ کان ڪو به قدم ڪو نه کنيم. سمهي رهيس. صبح جو اٿي ٻني تي ويس ته مون وارا وونئڻ به مڪڙن کائي چٽ ڪري ڇڏيا هئا رڳو جهوپڙين ۾ رهندڙ مسڪين ٻارڙن وانگر وونئڻاٺيون الف اگهاڙيون بيٺيون هيون. منهنجي ذهن تي شاهه سائين جو هي بيت تري آيو.
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي (شاهه) 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *