تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جڏهن سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ آئون پٽڪو ٻڌي نڪتس!

هيل مهانگائي ايتري وڌي وئي جو شين جا اگهه اڏامي وڃي هماليه جبل جي چوٽي تي پهتا. سون چاندي مهانگا ٿيا ته پاڻ کي پرواهه ئي ڪا نه هئي ان ڪري جو پاڻ مولائي ماڻهو نه سون چاندي وٺون نه وڪڻون پر جڏهن اٽو کنڊ دال ۽ ڀاڄين مهانگيون ٿيون ته ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. طوطن ماءُ گهر ۾ اهڙا جهيڙا ۽ ڪيڪڙاٽ شروع ڪري ڏنا جهڙو ڪانگڙي جي آکيري ۾ ٻارن ڀتر اڇليا هجن. مجبور ٿي مون طريقو نمبر 13 اختيار ڪيو. شهر ۾ ڪنهن رول ٻار کي شئي کارائي پنهنجو ڪري دڪان تي چڙهان سودو سامان وٺي دڪاندار کي چوان ته منهنجي پٽ جو خيال رکجو ۽ ٻيو سامان وٺي اچان ٿو. ايئن سامان کڻي گولي ٿيو وڃان. رات جو وري سبزي ۽ فروٽ وارا پنهنجن گاڏن کي چادر جو تنجڻو ٻڌي گهر هليا وڃن ته آڌين جو آئون اچي انهن جو آپريشن ڪري مال ڪڍي ڪٽا ڀري گهر کنيو وڃان پر چوندا آهن سئو ڌڪ سوناري جا هڪ ڌڪ لوهار جو ،هڪ دفعي آپريشن ڪندي چوڪيدار مون کي پڪڙي ورتو. گوڙ گهمسان تي اوڙي پاڙي جا چوڪيدار به اچي پهتا. انهن مون سان اهڙي حالت ڪئي ڄڻ ٻاهريون ڪتو عشق اڙائڻ ڳوٺ ۾ آيو هجي ته کيس ڳوٺ جا ڪتا ڏاڙهيندا هجن. نيٺ مون کي پادرن جا فرسٽ ڪلاس ڦونهارا ڏيئي پوليس حوالي ڪيائون. انهن ڀٽارن وري مون مان هٿ ڪڍڻ جا پنجاهه هزار گهريا چيو مان. ايترا پئسا مون وٽ هجن ها ته آئون رات جو گاڏن جي آپريشن ڪو نه ڪريان ها. خير رات وئي گذري صبح جو صوبيدار صاحب آيو سندس منهن اهڙو لٿل ۽ روئڻهارڪو هو جهڙو بيسري فنڪار کي ڇني ۾ گهور نه ملي هجي. چيومانس صاحب خير ته آهي اڄ توهان جي منهن تي 12 پيا وڃن. چيائين اهو درد  جو داستان نه پڇ! ڀاڄيون ايتريون مهانگيون آهن جو آئون وٺي نٿو سگهان ان ڪري اڄ به مون واري زال مونسان وڙهي مون کي ٽڪي هڪڙي جو ڪري گهران ڪڍيو آهي. اهو چئي صاحب اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. مون ٽوڪري مان پراڻيون اخبارون ڪڍي سندس منهن مبارڪ تان ڳوڙها اگهيا. چيومانس پرواهه نه ڪر صاحب رات جو آئون توکي کوڙ ساريون ڀاڄيون آڻي ڏيندس. رات جو ٻين وڳي آئون ٿاڻي مان نڪتس گاڏن جا آپريشن ڪري چار ڪٽا ڀاڄين جا ۽ ٻه ڪٽا فروٽن جا کڻي آيس. صاحب کي ڏنم ته صاحب ٺري پيو چيائين. سالن کان گهر ۾ منهنجي خراب ٿيل عزت اڄ تنهن جي ڪري بحال ٿي ويندي! پوءِ هن مون کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. ٿاڻي مان نڪري گهر پئي آيس ته گس ۾ کتيجان کلڻي کي ڏٺم. مون يڪدم ڪاسائي کان ٻڪر جي دل خريد ڪئي اها سندس پيرن ۾ رکندي گانو ڳائڻ لڳس. ڪيا هي جو پيار تو پڙي گا نبهانا، رکهه ديا قدمون مين دل نذرانه. گانون ٻڌي کتيجان کلڻي کل ۾ اونڌي ٿي پئي.
چئي طوطن پيءُ وڏو فنڪار ماڻهو ٿو لڳين هي تنهن جي دل ڪانهي ڪا ٻڪر جي دل تو ورتي پئي مون ڏسي ورتو هو. بحرحال هن مون کي لفٽ ڪا نه ڪرائي ۽ دل کڻي گهر وڃي فرائي ڪري کائي ڇڏيائين. گهر ويس ته طوطن ماءُ سڄي رات مون سان جٺ ڪئي چئي مئا طريقي نمبر 13 مان هٿ ڪڍ! ڪا نوڪري ڪري حق حلال جي روزي ٻچن کي کاراءِ. سندس ڳالهه ته صحيح هئي پر نوڪري اڄڪلهه پندرهن ويهه لک ڏيڻ کانپوءِ ٿي ملي. مون قرض ڏيڻ واري اين جي او جي هڪ همراهه سان وڃي دوستي رکي. کيس مٺڻ موالي جي اوتاري تي مارشلا ڀنگ جا جمبو سائيز وارا پيالا پياري مستو مست ڪري قرض ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو. اهي پئسا کڻي وڃي اسان واري چونڊيل نمائندي لوٽي خان لٻاڙي جي مئنيجر کي ڏنم ان پرائمري ماستري جو آرڊر ڏنو. نوڪري تي چڙهيس ته ابا اتي به پرائمري ماسترن ۾ وڏي ڄنڊا پٽ هجي ٻه گروپ هجن هڪ ڇل ڪري گروپ ٻيو سٽيو گروپ. آئون سٽيو گروپ ۾ وڃان ته ڇل ڪري گروپ وارا مٿي تي ڇل اڇليو هڻن جي ڇل ڪري گروپ ۾ وڃان ته سٽيو گروپ وارا سٽيو رکن. آئون اچي ڦاٿس اها نوڪري ڇڏي مون وڃي واپڊا ۾ نوڪري ڪئي. ابا اتي به ٻه گروپ هجن هڪ ندا فاني جو فائدرو گروپ ٻيو ڪمائت سلامي جو پي دام گروپ. آئون ٻنهي گروپن مان اچي ڦاٿس. اها نوڪري ڇڏي مون وڃي صحت کاتي ۾ نوڪري ڪئي ابا اتي به ٻه گروپ هجن. هڪ پوڙها ميڊيڪل ايسوسيئيشن ٻيو ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن. مون ٻنهي جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ وڃي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيس. ابا اتي به ٻه گروپ! اڌ هڪڙي سنگت اڌ ٻي سنگت هڪڙي مس ٽاڪ فل ۽ جهل پڪار سي آل واري ٻي جهاج ٽويو ۽ آه مد سئو ضلعي واري. مون ٻنهي جي پيرن تي هٿ رکيا وڃي صحافي ٿيس ابا اتي به ٻه گروپ هڪڙا پريس ڪلب وارا ٻيا ايوان صحافت وارا. بيزار ٿي اتان نڪري وڃي هڪ قومپرست پارٽي ۾ شامل ٿيس. ابا ان پارٽي ۾ به ڪيئي ڌڙا هجن. هر ڌڙي جو الڳ ليڊر ۽ سڀئي هڪ ٻئي کي پيا ٺونگا هڻن. انهي کي خبر باد چئي آئون سجاول ۾ وڃي حڪمران پارٽي ۾ شامل ٿيس. ابا اتي به ٻه گروپ هڪ شئي راضي ٻيو اري باپ گروپ. هيرون هڪ طرف هجن ۽ ريهاڻيون ٻئي طرف! مون نوڪرين، صحافت، ادب ۽ سياست تان هٿ کنيو ۽ وڃي هڪ کدڙا فقير پارٽي ۾ شامل ٿيس. ابا اتي به ٻه گروپ هجن هڪ صائمه فقير گروپ ٻيو سلمان فقير گروپ ٻنهي پاسي تاڙين جا ڦهڪا هجن. تاڙيون وڄائي وڄائي منهنجن هٿن ۾ رت اچي ويو مٿان وري وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ کدڙن جي مالڪي تان جهيڙو شروع ٿي ويو. مون کدڙا پارٽي به ڇڏي ڏني. سوچيم اسين سنڌي ماڻهو به عجيب مخلوق آهيون. الائي ڇو اسان جي سياسي، سماجي، سرڪاري ۽ ادبي تنظيمن ۾ ڌڙابنديون آهن،. پنهنجي تنظيم کي فعال ۽ ڪار آمد بنائڻ بدران ذاتي انا ۽ ليڊري جي شوق ۾ ڌڙابندي ڪري هڪ ٻئي جي خلاف ڄنڊا پٽ، پروپئگينڊا ۽ ٽنگون ڇڪڻ ۾ پورا آهيون. مون سنڌي قوم جي تاريخ جاگرافي ۽ سماجيات تي تحقيق شروع ڪري ڏني. انهي ڪم ۾ مشهور محقق ڦلڪور مشڪاري به منهنجو ساٿ ڏنو. خبر پئي ته وڏيرا شاهي، سردار شاهي، پيري مريدي، مذهبي فرقي بندي، ڌارين جي يلغارن ۽ تعليم ۽ شعور جي فقدان جي ڪري اسان ۾ ڪيئي اختلاف پيدا ڪيا ويا آهن. مثال طور لاڙي، اترادي، ٻروچ، سماٽ، ٿري، بئراجي، هندو مسلم، شيعا سني ۽ امير غريب جا اختلاف پوري طاقت سان موجود آهن. مون فيصلو ڪيو ته سنڌي قوم مان اختلاف، ڌڙابنديون، نفرتون ۽ ذات پرست گروپ ختم ڪري هڪ قوم، هڪ ڌرتي،
هڪ ٻولي جي نعري هيٺ گڏ ڪري، متحد ڪري عظيم قوم بنايان. ان لاءِ آئون پٽڪو ٻڌي ڪپڙن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ لٽڪائي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ واهڻ جهاد ڪرڻ لاءِ نڪري پيس. هڪ ڳوٺ ۾ منهنجي تقرير ٻڌڻ لاءِ ڪيئي اديب، شاعر، سگهڙ، ڪامريڊ، شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو گڏ ٿيا. مون سنڌي قوم مان اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ زبردست تقرير ڪري پوري ڪئي ته اتي موجود اديب شاعر ۽ ڪامريڊ مون تي کلڻ لڳا. چيائون تون صفا چريو آهين! هي جاهل ۽ ڇڙواڳ قوم ڪڏهن به هڪ ڪانه ٿيندي. وڏو بيوقوف آهين جو هن قوم کي سڌارڻ جو ٺيڪو کنيو بيٺو آهين. اخبارون پڙهيون اٿئي هي اها قوم آهي جنهن تلهار ۾ سموسي ۽ چٽڻي تان 35 ماڻهن جا مٿا ڦاڙيا هئا جنهن سردارو مگسي ۾ ڪبوتر جهلڻ تان 13 ڄڻن جا مٿا ڦاڙيا هئا جنهن ٺري ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين لاش پورڻ تان هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙيا هئا. هن قوم جو نوجوان نسل سڄي رات موبائيل ۽ ڪمپيوٽر تي ويهي پب جي کيڏي ٿو ۽ ڏينهن جو سمهي ٿو. ٻهراڙين جا همراهه ٺري، مئن پڙي، گٽڪي ۽ ماوي تي گذارو ڪن ٿا. اسان وٽ ننڍي عمر جا ڇوڪرا ۽ معصوم نياڻيون، گهرن، فصلن، مدرسن، اسڪولن ۽ مسجدن ۾ لڄالٽ ڪري ماريون وڃن ٿيون ۽ تون هليو آهين هن قوم کي سڌارڻ! چيومان توهان بي همتي، لاتعلقي ۽ مايوسي جو شڪار آهيو. چند اڻ وڻندڙ انفرادي واقعن ۽ نهڪاري ڪردارن جي ڪري توهان سڄي عظيم سنڌي قوم کي ڏوهاري بنايو ويٺا آهيو. هي اها قوم آهي جنهن جنرل ضياءُ کي ڊوڙائي ڪڍيو هو، جنهن ڪالاباغ ڊيم کي عظيم جدوجهد ڪري روڪيو هو. توهان منڪر ڀاڙيا ۽ بي همت ماڻهو آهيو. مون جهڙا خيال رکندڙ سنڌ ۾ لکين ماڻهو موجود آهن. ياد رکو جڏهن اسان جي قوم متحد ٿي اٿي پوندي ته ڪو به مائي جو لال اسان جي ٻيٽن، اسان جي ڪراچي، اسان جي سامونڊي ڪنارن، معدنيات، تيل گئس، نوڪرين ۽ مالي وسيلن تي قابض نه ٿي سگهندو. منهنجي انهي ڳالهه کين ايترو ته متاثر ڪيو جو سڀ زور سان تاڙيون وڄائي داد ڏيڻ لڳا ۽ منهنجي موقف سان سهمت ٿي بيٺا آخر ۾ مون کين شاهه جو هي شعر ٻڌايو.
ولر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو پکيئڙن ماڙهنئا ميٺ گهڻو (شاهه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *