Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_r708spp19qodl1g5unin0oh8j6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
حقيقي هيروز ٽائيگر فورس يا طبي عملو !؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar حقيقي هيروز ٽائيگر فورس يا طبي عملو !؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

حقيقي هيروز ٽائيگر فورس يا طبي عملو !؟

ڊسمبر 2019ع ۾ جڏهن چائنا جي شهر ووهان ۾ ڦهلجندڙ هڪ وبا جي خبر منظرعام تي آئي،ته ان وقت دنيا ۾ ڪنهن کي به اها ڪل نه هئي ته ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۽ مهينن ۾ هي وائرس جنهن کي ڪووڊ19 جو نالو ڏنو ويو،پوري دنيا کي وڪوڙي ويندو ۽ سموري عالم انسانيت تي هڪ سڪتو طاري ٿي ويندو.جديد ٽيڪنالاجي تي هلندڙ زندگي هن وبا آڏو پنهنجا گوڏا کوڙي ويهي رهندي.مريخ ۽ چنڊ تائين پهچندڙ انسان هڪ  ننڍڙي وائرس آڏو پنهنجا هٿيار  ڦٽا ڪندي نظر ايندا.دنيا جي سائنسي علم جا ماهر هن مرض کي روڪڻ لئه جتن ڪندا،پر ترت ڪاميابي کين ڏسڻ ۾ نه ايندي.
ڪنهن کي به اهو علم نه هو ته هي وائرس راڪاس بڻج پوري دنيا ۾ لکين جانيون ڳڙڪائي ويندو.ڏسندي ئي ڏسندي هن وائرس ووهان سميت چائنا جي مڙني شهرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.جديد ٽيڪنالاجي ۽ اڻ کٽ وسيلن سان مالامال چائنا پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي هن وائرس کان بچائڻ لاءِ ترت ئي جوڳا اپاءُ ورتا.ڪاروبار بند ٿي ويا،شهرن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ٽوڙيو ويو.پوري ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي هنگامي بنيادن تي جديد ڪووڊ فيلڊ اسپتالون بڻايون ويون،ماس اسڪريننگ شروع ڪندي هن مرض ۾ مبتلا ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي،جيڪي به ڪووڊ پازيٽو نڪتا،تن کي عام ماڻهن کان جدا ڪندي سندن علاج شروع ڪيو ويو.
چائنا جي اهڙي ڳڻتي واري صورت حال ڏسندي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن 30 جنوري تي هن وبا کي “عالمي وبا” قرار ڏيندي سموري دنيا ۾ ڇهين پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن وائرس کي پوري دنيا لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو.اهڙي طرح سان دنيا جون اکيون کلڻ شروع ٿي ويون،جديد هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي پٺيان رکندڙ ملڪن کي هڪ وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به هٿيار ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
چائنا مان ٿيندي هن وائرس ٻين ملڪن ۾ پڻ  تباهي مچائڻ شروع ڪري ڇڏي،جن ۾ اٽلي،آمريڪا،فرانس ۽ انگلينڊ سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾  هي وائرس موت جي راڪاس جيان هزارين جانيون ڳڙڪائڻ لڳو.هي اهي ملڪ آهن جن وٽ دنيا جو جديد ترين هيلٿ سسٽم موجود آهي.هنن ملڪن وٽ پنهنجي ماڻهن جي صحت جي حفاظت  لاءِ جديد وسيلن ۽ سهولتن جي ڪا به کوٽ نه هئي،پر تنهن هوندي به دنيا جا ترقي يافتا ملڪ هن ڪورونا وائرس اڳيان بي وس ۽ مجبور ڏسڻ ۾ آيا ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون ڪورونا جو کاڄ بڻجي ويون.
پاڪستان جنهن جو صحت وارو شعبو اڳ ۾ جڏي حال ۾ هيو،ان ۾ پهريون مريض فيبروري واري مهيني ۾ ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيو.هتان جي ڊاڪٽرن ان  وبائي مرض سان امڪاني تباهي جي باري ۾ ملڪ جي واڳ ڌڻين کي ٻڌائي ڇڏيو ،ته جيڪڏهن هي وائرس هتي  ڦهليو  ۽ جيڪو ضرور ڦهلبو ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن جوڳا ۽ بروقت اپاءُ نه ورتا ويا ته هتان جو هيلٿ سسٽم ان وائرس آڏو ڪجھه به نه ڪري سگهندو.سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کان وٺي سهولتن جي اڻهوند سبب عام بيماريون پڻ نه ٿيون سنڀالي سگهجن ته اتي هي عالمي وبا ڪٿان پڪڙ ۾ ايندي.جڏهن هي وائرس ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو رپورٽ ٿيو هو ته سنڌ حڪومت ترت ئي حرڪت ۾ اچي وئي هئي.سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت شعبي جي گڏيل حڪمت عملي سان هن وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ورتيون ويون ۽ سنڌ حڪومت هڪ بهترين طريقي سان سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي پئي.سنڌ  حڪومت جي بهتر ۽ بروقت اپائن کي ڏسندي هتان جا ڊاڪٽر پڻ هن ايمرجنسي آڏو هالار ٿي بيهي رهيا.سنڌ صوبي ۾ تقريبن اهي سموريون پاليسيون اختيار ڪرڻ  ۽ حفاظتي اپاءُ  وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي،جنهن وسيلي هن وبا جي پکڙجڻ کي ڪنهن حد تائين روڪي سگهجي پيو.
جڏهن تفتان بارڊر مان ايندڙ ڪورونا جي مرض ۾ مبتلا ۽ شڪي زيارتين کي سنڌ جي شهر سکر ۾ ڪورونا فيلڊ اسپتال ۾ رکيو پئي ويو ته ان ويل اها ڳالھه هتان جي ڊاڪٽرن کي واضح طور نظر پئي آئي ته هي وائرس سموري ملڪ ۾ پکڙجي ويندو،جيڪڏهن ترت حفاظتي انتظام نه ورتا ويا.سنڌ حڪومت شهر بند ڪيا،ٽرانسپورٽ سروس معطل  ڪئي وئي،ڪاروباري سرگرميون اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪيون ويون،اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ڪري شاگردن کي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو.
سنڌ  جي ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرن محدود وسيلن هوندي به هن وبا سان مهاڏو اٽڪائي  ماڻهن جون زندگيون بچائڻ شروع ڪيون.
ملڪ جي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪندي هن عالمي خطرناڪ وبا کي معمولي زڪام سڏيندي معمول مطابق قوم کي  اهو چيو ته کين گهٻرائڻ نه گهرجي،ڇوته هي بيماري تمام ٿوري رفتار سان پاڪستان ۾ پکڙبي.ان وبا کي منهن ڏيڻ خاطر وزيراعظم صاحب هڪ فورس جوڙڻ جو اعلان پڻ ڪيو ،جنهن کي ۾“ٽائيگر فورس” جو نالو ڏنو ويو.ٽائيگر فورس جو ڪم ڇا هوندو،ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سندس ڪردار ڪهڙو هوندو اهو واضع ناهي ٿي سگهيو.
ڪورونا کان بچاءَ جو اثرائتو ذريعو سماجي دوري يا ميل ميلاپ کان پاسو اختيار ڪرڻ ئي ٻڌايو پئي ويو،جيڪو صرف سڀئي ننڍا توڙي وڏا شهر مڪمل طور بند ڪري ئي ممڪن هو.خان صاحب ان کان به انڪاري هو ته لاڪڊائون ان مسئلي جو حل ڪونهي.
هڪ طرف جڏهن وفاقي سرڪار سنڌ صوبي کي ان عالمي ايمرجنسي واري صورتحال ۾ اڪيلو ڇڏيو هو تڏهن به سنڌ حڪومت پنهنجي صحت واري عملي سان گڏ هن وبا سان ڀرپور ويڙهه وڙهي رهي هئي.هن وبا سان وڙهڻ دوران مريضن سان گڏ رهندي ۽ سندن علاج ڪندي ڪيترا ئي ڊاڪٽر پڻ هن وبا ۾ وڪوڙجي ويا،پر سندن همت ۽ حوصلو هماليه جيڏو نظر پئي آيو.ڪيترا ئي ڊاڪٽر پنهنجون زندگيون هن مرض سان وڙهندي وڃائي ويٺا.پر موت جو ڊپ به سندن حوصلن کي هيڻو نه ڪري سگهيو.هن وبائي مرض جو ڦهلاءُ آهستي آهستي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ شروع ٿيڻ لڳو.وري به ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم قوم کي نه گهٻرائڻ واري وائي سڻائي ۽ ٽائيگر فورس  کي تيار رهڻ جو چيو.سڄو ملڪ ڪورونا ۾ وڪوڙجي رهيو هو،اسپتالون ڀرجي رهي هيون پر ٽائيگر فورس جو ڪو ڏس پتو به نه پئي مليو.
لاڪڊائون سبب جڏهن سنڌ صوبي ۾ وائرس تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي چڪو هو ته وفاقي سرڪارجيڪا پڻ سنڌ صوبي جي وائرس خلاف جنگ تي ناراض هئي،ان لاڪڊائون جي سخت مخالفت ڪئي ۽ عدليا پڻ ڪاروبار کولڻ جو اعلان فرمايو.عيدالفطر جي موقعي تي جڏهن اهو اعلان سنڌ صوبي جي هزارين اعتراضن باوجود ڪيو ويوته عيد جي خريداري لاءِ ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جي هر طرح سان اجازت هوندي ۽ ڪاروبار پڻ کوليا ويندا،ته ايئن محسوس ٿيو ته هر ماڻهو پاڻ سان گڏ عيد خريداري دوران وائرس به خريد ڪري گهر پهچندو.هن وائرس جي مريضن جي تعداد ۾ عيدالفطر کان پوءِ جلد ئي انتهائي تيزي ڏسڻ ۾ آئي.،اسپتالون ڀرجڻ لڳيون،وينٽيليٽر کٽي ويا،دوائون ختم ٿيڻ لڳيون ۽ آڪسيجن پڻ اڻ لڀ ٿي وئي.ڊاڪٽر ۽ هيلٿ ڪيئر ورڪرس وري به هن وبا آڏو هڪ پهاڙ جيان بيٺل نظر آيا.پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي مريضن جون حياتيون بچائيندا رهيا،پنهنجو آرام ڦٽائي  مريضن  ۽ ماڻهن جي سک ۽ سلامتي لاءِ ڏينهن ۽ راتيون اسپتالن ۾ مريضن سان گڏ گذارڻ لڳا.ان ويل به ٽائيگر فورس جو ٽائيگر نظر نه پئي آيو.جڏهن ڪورونا جي مريضن کي پنهنجا رت جا رشتا به هٿ لڳائڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا ته ان وقت به ڊاڪٽر ئي هن وائرس جي مريضن لاءِ هڪ آٿت ۽ اميد هئا،پر ڪا به ٽائيگر فورس نظر نه آئي.
هن وقت جڏهن پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد اڍائي لکن کان به ٽپي چڪو آهي ته اڄ به  سندن مدد ۽ آٿت لاءِ ڪو ٽائيگر فورس جو چيتو ناهي پهتو.اڄ به ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف پنهنجي ڪيئي ساٿين جي هن راھه ۾ قرباني ڏيئي به همت ۽ حوصلي سان هي جنگ وڙهي رهيا آهن.
9آگسٽ 2020ع تي وزيراعظم صاحب ٽائيگر فورس جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي،جنهن ڏينهن تي ڪورونا دوران نظر نه ايندڙ ٽائيگر فورس جي ٽائيگرن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ سندن ڪم کي ساراهيو ويندو.ان ڏينهن ٽائيگر فورس جي ايجنڊا شجرڪاري مهم هوندي.مطلب ته وڻ پوکي هي ٽائيگر فورس ڪورونا جي وبا کي شڪست ڏيندي.ان ويل جڏهن پاڪستاني ٽائيگر فورس جي نامعلوم ڪارڪردگي کي واکاڻيندي کين داد ڏنو ويندو،ٺيڪ ان وقت به هن ملڪ جا مسيحا،هن ملڪ جا ڊاڪٽر ،هن ملڪ جا پيراميڊڪس ڪنهن ڪورونا جي مريض جي زندگي بچائيندي حقيقي ٽائيگر فورس جو رول ادا ڪري رهيا هوندا،ته پوءِ ڇو نه  9آگسٽ کي انهن مسيحائي ڪردارن جو نالو ڏيئي ياد ڪيو وڃي،جيڪي هن وبا سان وڙهندي وڙهندي پنهنجن ٻچن کي يتيم ڪري ويا،پر ڪيترن ئي انسانن جي سر تان پنهنجن جو سايو ختم ٿيڻ نه ڏنو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *