Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_a34438n6h80amfh1n3a0sbrmff, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
حيدرآباد ريڊيو 65 سالن جو ٿي ويو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar حيدرآباد ريڊيو 65 سالن جو ٿي ويو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

حيدرآباد ريڊيو 65 سالن جو ٿي ويو

هي اُنهن ڏينهن جي ڳالھه آھي جڏھن حيدرآباد ۾ قائم هوم اسٽيڊ هال مان ريڊيو جو آواز اُٿيو هو ۽ هندستان جا راجا، راجا ريل ڪاهي اچي حيدرآباد پهتا هئا. جوڌپور جو راجا جڏهن مشهور گوئي استاد بيبي خان جو آواز ريڊيو تان ٻڌي هتي پهتو، ته هو نه رڳو استاد جي راڳ تان گهور ويو، پر ھو کيس انعامن سان به نوازي ويو. اوم ڪرناٿ، پٿورڌن، نارائڻ داس ۽ بيگم اختر سنڌ ڌرتي جا اُهي آواز هئا، جن تان ماڻهو سدائين گهور پيا ويندا هئا. اختر بيگم، جنهن کي اختر ٻائي جي نالي سان به سڃاتو ويندو هو، ريڊيو حيدرآباد وسيلي اهڙي ته مڃتا ماڻي جو هن جي ڏيهان ڏيهه هاڪ ٿي وئي. حيدرآباد جي هوم اسٽيڊ هال ۾ قائم ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ان وقت جي وفاقي وزيرِ اطلاعات ۽ نشريات پير علي محمد شاهه راشدي سترهين آگسٽ شام 5 وڳين ڪيو ته هڪ آواز گونجيو “ميڊيم ويوَ ٻه سئو ستانوي ميٽرن، ڏھ سئو ڪلو سائڪلس تي هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آواز آهي” هي پهريون آواز هو ان وقت جي ناليواري انائونسر مرحوم عبداللطيف عباسي جو جنهن جي انائونسمينٽ کان پوءِ باقاعده نشريات جي شروعات ٿي، جيڪا اڄ 65 سال گذري وڃڻ باوجود جيئن جو تيئن جاري آهي.
منگهن واري شهر حيدرآباد جي وچ ڇاتيءَ مٿي 28 ڊسمبر 1962ع تي ان وقت جي فيلڊ مارشل رٽائرڊ جنرل ايوب خان هٿان افتتاح کان پوءِ موجوده عمارت ۾ منتقل ٿيل ميڊيم ويوَ جي هڪ هزار ڪلو هرٽز جي فريڪوئنسي سان سلهاڙيل ڏھ سئو ڪلو واٽ تي مشتمل آواز جي لهرن واري هن آماجگاهه ۾ اڄ به گراموفون، ٽيپ، ڪيسيٽ، ڊسڪ، فلاپي ۽ يو ايس بي سميت پي سي ۾ محفوظ ٿيل آڊيو مواد ڪنهن به وقت با آساني ٻڌي سگھجي ٿو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هن ساڳي عمارت مان قرآن پاڪ ۽ ان جو ترجمو ماڻهن کي ٻڌرائڻ لاءِ شروع ڪيل “صوت القرآن” جي نالي سان 93 ايف ايم ۽ ايف ايم 101 به پروگرام مئنيجر قاري محمد حسين ۽ ياسين جوڻيجو جي نگراني ۾ ٻڌندڙن جي دلين ۾ وڏي جاءِ والاري چڪا آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آواز جي دنيا جو اهو ادارو آهي جنهن 1965ع ۽ 1971ع واري جنگ ۾به اهم ڪردار ادا ڪيو. دشمن ملڪ کي للڪاريندي اهڙا ته پروگرام نشر ڪيا جن مان نه رڳو اسان جي پاڪ فوج ۾ روح پرور جذبو جاڳيو پر ملڪ جي عوام ۾ حب الوطني جي جوش نئين سر ڪر کنيو. “اي پتر هٽان تي نهين وڪدي” جهڙا نغما، “جمهور جو آواز” “چارڻ چوريو چنگ” ۽ “گامو جا گفتا” جهڙن عظيم پروگرامن سميت وطن سان محبت ڏيارڻ وارن ڊرامن ٻڌندڙن جي جيءُ ۾ اهڙي ته جاءِ والاري جنهن جو اڄ ڏينهن تائين مثال نٿو ملي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پنهنجي اوائلي دؤر ۾ جتي يادگار ڊراما جهڙوڪ” زخم زندگيءَ جا” “سوري ۽ سيج”” “جهڙا گل گلاب جا” “بلو کوکر” “مينڌيء رتا هٿ” “درياھ تو تي دانهن” “سڄڻ سفر هليا” “ماسي سڀائي” “چوڏول” ۽ “مين لوٽ ڪر آئون گا” جهڙا ڊراما براڊ ڪاسٽ ڪيا، اُتي جڳ پڌرا صداڪار به متعارف ڪرايا. “قولوالناس حسنا” سان هر روز پنهنجي نشريات جي من مهڻي شروعات ڪندڙ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي اهو اعزازبه حاصل آهي جو دودي چنيسر، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل وارا داستان به ريڪارڊ ڪيا، جن جي بي حد مقبوليت کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين انهن داستانن کي لوڪ ورثا اسلام آباد سميت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريري ۾ محفوظ ڪري رکيو ويو آھي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ستن سورمين تي ٿيل تحقيقي ڪم ۽ ان جي يادگار ريڪارڊنگ سميت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ساڳئي وقت ريڊيو ڪلينڪ، زراعت، اسپورٽس، ڪوئز، ٻارڙن، شاگردن، نوجوانن، بزرگن ۽ عورتن لاءِ خاص پروگرام نشر ڪري ٿو جنهن کي هر روز هزارين ماڻهو ٻڌن ٿا.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد توڙي جو ڄمار ۾ وڏو ٿي ويو آهي پر پوءِ به هي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا جي وڌندڙ لاڙي کان ناآشنا ناهي. جديد ميڊيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ لاءِ هاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 10 سئو ڪلو واٽ جي ٽرانسميٽر مان نڪري 1000 ڪلو واٽ واري ٽرانسميٽر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر هن اسٽيشن کي پنهنجي ايپليڪيشن به آهي ۽ ان کانسواءِ انٽرنيٽ تي به هر وقت هن اسٽيشن جي نشريات سڌو سنئون جاري آهي، جنهن وسيلي نه رڳو ملڪ پر ست سمنڊ پار ماڻهو به باآساني ٻڌي سگهن ٿا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ذڪر ٿئي ۽ سائين صالح محمد شاهه جو ذڪر نه ٿئي اهو به انصاف نه ٿيندو، “جمهور جو آواز” کان وٺي “فتح خان جي اوطاق” ۽ پوءِ “ڪچهري” جي صورت ۾ سائين صالح محمد شاهه اهو منفرد ۽ من لڀائيندڙ آواز هو جنهن کي اڌ صدي تائين ماڻهو هڪ ڪنا ٿي ٻڌندا رهيا، مرحوم سائين صالح محمد شاهه توڙي جو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو پر هن جي دکايل دونهي اڄ به “ڪچهري” جي روپ ۾ جاري آهي جنهن کي اڄ به هزارن جي انگ ۾ ماڻهو ٻڌي ٻني ٻارن ۽ کيرن پٽن سميت ڳوٺن ڳامن، راڄن ڀاڳن، ننڍن وڏن، پوڙهن پڪن ۽ ٻارن ٻچن جا حال احوال پڇن ٿا. ڪچهري پروگرام کي ٻڌي ائين ٿو لڳي ڄڻ سڄو ڳوٺ ٿڌاري اسٽوڊيو ۾ آندو ويو هجي ۽ لوڪ ڏاهپ جديد سائنس مٿان پلٽي پئي هجي….

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *