Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_hk3g7qtnqjcu3hs4ja18h4tree, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
حيرتن ۾ مبتلا ڪندڙ، ڪجهه فنڪارن جون ڪهاڻيون ! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar حيرتن ۾ مبتلا ڪندڙ، ڪجهه فنڪارن جون ڪهاڻيون ! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

حيرتن ۾ مبتلا ڪندڙ، ڪجهه فنڪارن جون ڪهاڻيون !

توڻي جو اهو فنڪار هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو، پر پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪمال جو آرٽسٽ ٿي گذريو. سچ هي به آهي ته هڪ حساس ۽ باضمير فنڪار طور هو به زندگيءَ جي ڳري قيمت ادا ڪري گذاري ويو. ان فنڪار جي حياتيءَ جو دلچسپ پهلو هي به هو ته هن کي خبر ئي نه هئي ته هو ڪيترو وڏو آرٽسٽ ۽ انسان آهي. ڪنڀارڪي چڪ تي ويهي هو جڏهن ٿانون سان گڏ، انهيءَ چڪ تي ماڻهوءَ جو مٿو ٺاهي، بعد ۾ منهن جا نقش جوڙيندو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ اجهو ٿي اها مورت ڳالهائي!مٽيءَ مان مجسمو ٺاهي، آخر ۾ ان ڏانهن ڏسي شايد هو به مائيڪل اينجلو جيان ئي ڪري ها، جنهن ۾ مائيڪل اينجلو جڏهن يارنهن سالن جي محنت کانپوءِ “ڊيوڊ” جو مجسمو ٺاهي، ان جي گوڏي تي هٿوڙو هڻي رڙ ڪندي چيو هو: “تون ڳالهائين ڇو ڪو نه ٿو!؟” ڊيوڊ جي مجسمي جي گوڏي تي اڄ به ان هٿوڙي جي ڌڪ جو نشان نمايان آهي، پر سنڌ جي ان فنڪار ڪڏهن به ايئن نه ڪيو. شايد ان ڪري جو هن کي ڪڏهن ان جي ضرورت پيش نه آئي. اڪثر خودڪلاميءَ ۾ هن جا چپ سدا حرڪت ۾ رهندا هئا. هڪ ڀيري پڇڻ تي ٻڌايائين ته هو پنهنجي ٺهيل مورتيون، جيڪي هن جون دوست پڻ آهن، سان ڪچهريون ڪندو آهي! مونکي هڪ ڳالهه جيڪا ان فنڪار بابت سوچي سدائين حيرتن ۾ مبتلا ڪندي آهي ته بظاهر هڪ اکر به نه پڙهيل اهو شخص ڪهڙي ريت سائنس کان انٿراپالاجيءَ جي مختلف موضوعن تي روانيءَ سان ڳالهائيندي سگهندو هو! هڪ ڀيري ٻڌايائين ته جنهن پٿر مان حضرت دائود جو مجسمو ٺاهيو ويو؛ اهو مائيڪل اينجلو کان اڳ هڪ ٻئي سنگ تراش کي ڏنو ويو هو، جنهن ان پٿر کي ڪافي سالن تائين پاڻ وٽ رکيو. هن ڪافي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري سستيءَ سبب ڪم ۾ هٿ نه وجهي سگهيو، تان جو هڪ ڏينهن هو مري ويو!
هو اڪثر اهو به ٻڌائيندو هو ته جڏهن مائيڪل اينجلو، ڊيوڊ جو بت تراشيندو هو ته پري پري کان ماڻهو اهو ڏسڻ ايندا هئا ته ڪهڙي ريت مجسمو ٺاهي رهيو آهي!ماڻهن جا اڪثر سوال به معمولي قسم جا هوندا هئا ته جنهن ۾ پڇيو ويندو هو ته “هي ڇا پيا ڪريو؟” پر مائيڪل جو جواب سدائين غير معمولي رهيو. هو هٿوڙو ۽ ڇيڻي هڪ پاسي رکي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان جواب ڏيندو هو ته “هن پٿر ۾ هڪ فرشتو قيد آهي، ان کي آزاد پيو ڪرايان۔۔۔۔۔!”دنيا جي وڏي سنگ تراش مائيڪل اينجلو جون ڳالهيون ڪري هو، اڪثر خاموش ٿي ويندو هو. پوءِ هڪ ڏينهن هو هميشه لاءِ چپ ٿي ويو. صبح جو هن جو مرده جسم، پنهنجي ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺهيل مورتين وچ ۾ پيل هو. هن جون اکيون کليل ۽ چپن تي تبسم پکڙيل هو. ڄڻ اجهو ڄاڻ اٿيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، پر ايئن نه ٿي سگهيو. هن جي مرڻ کانپوءِ ڳوٺ ۾ اهي ڳالهيون به هل جيان هلي ويون ته هن کي پنهنجي مورتين ماريو آهي! ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته ڪافي ڏينهن کان هو موت جي باري ۾ گفتگو ڪندو رهندو هو. ان دؤران هو اڪثر پنهنجي ٺهيل مجسمن ڏانهن نهاري مسڪرائيندو پڻ هو، شايد انهن مورتين هن کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو هجي. ان ڪري ئي هن جي تدفين کانپوءِ ترت ئي سڀني شاهڪار مورتين کي “نڀاڳ جي نشاني” چئي ريزن ۾ تبديل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان عظيم فنڪار جي مرتئي کي ڪيترائي ورهيه گذري ويا آهن، پر ڳوٺ توڻي ڀرپاسي جا ماڻهو هن کي سارين ٿا.جڏهن سارڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته ياد ته اهو شاعر به اچي ٿو؛ جيڪو پنهنجي ئي ڳوٺ جي هڪ ڳڀرو تي فدا ٿي پيو ۽ ان جي عشق ۾ شاعري شروع ڪيائين. سڄو ڏينهن بٺيءَ تي مزوري ڪري شام جي ٽائيم ڳوٺ ٻاهران هڪ مانڊڻي تي گولڊ فليڪ جو سگريٽ مٺ ۾ جهلي سوٽو هڻندو هو ته ايئن ڀاسندو هو ته هو ڪجهه دير ۾ پاڻ سڄو سگريٽ ٿي ويندو! سگريٽ مٿان سگريٽ جي ڪري هن جا سنگتي “چين سموڪر” بدران “بي چين سموڪر” سڏيندا هئس. ماڻهو اهو پڻ چوندا هئا ته صبح جي وقت هو بٺو ٻاري سرون پچائي ٿو. شام جي ٽائيم پاڻ بٺو بڻجي پوي ٿو. سگريٽن جي وچ ۾ فقط ايترو سو وقفو ايندو هو، جڏهن پنهنجي محبوب جي گهر ڏانهن منهن ڪري سوز ۾ پنهنجي شاعري ڳائڻ شروع ڪندو هو:
بوتل شراب جي، هو ٿو کلڻ سان کولي،
هو جام پيو اڇيلي لاليءَ لبن تي.
هي ڪلام ڳائڻ وقت هو کن پل لاءِ موکيءَ جو مٽ بڻجي ويندو هو. هن سمي خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي، هن جي محبت جي ڪهاڻي ڪٿي پهتي؟ ڪجهه سال اڳ خبر پئي ته ڳوٺ ڇڏي وڃي شهر وسايو اٿائين. خبر ناهي شهر ۾ هن کي ڳوٺ ڪيترو ياد ايندو هوندو، پر ڳوٺ به هاڻي شهرن جيان بي وفا ۽ لاتعلق ٿيندا پيا وڃن. انهيءَ ڪري ته هاڻي “ٻهراڙيءَ جا سادا ماڻهو، شهر جي واپارين کي دل ڏيڻ کان اڳ سؤ ڀيرا فائدي ڪفائدي بابت سوچين ٿا!” ان فائدي نقصان جو هڪ پاسو جتي جيون سان سلهاڙيل آهي ته مرتئي جي موقعن تي پڻ حساب ڪتاب ڪيو وڃي ٿو. انهن انگن اکرن ۾ هڪ شهنائي نواز جو ذڪر نه ڪرڻ به مناسب نه رهندو. ڳوٺ ۾ مڱڻهار فقيرن جي فيمليءَ سان تعلق رکندڙ شخص لاءِ هڪ ڀيري قاضي احمد جي هڪ وڏي گويي استاد مٺل ميراثيءَ چيو هو ته “هي همراهه سنڌ جو استاد بسم الله خان آهي.” هن جي شهنائي جو سوز هڪ پاسي جتي ماتمي جلوسن ۾ گريي جو سبب بڻجندو هو، اتي خوشين ۾ هن جي وڄت حياتيءَ جا سڀ رنگ وکيرندي نظر ايندي هئي۔۔۔۔۔ ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو هڪ حادثي ۾ گذاري ويو. اهو ايڪسيڊنٽ به عجيب هو، جنهن ۾ چنگچي رڪشا ۾ ويٺلن باقي ماڻهن کي رهنڊ به نه آئي، پر هو موقعي تي ئي گذاري ويو. شام ڌاري هن جو مڙهه گهر پهچايو ويو. ان رات ئي ڳوٺ ۾ ڪاڄ هو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو هڪ ڳوٺ ۾ قضيي ۽ ٻيو هيڏي وڏي فنڪار جي موت تي ان ڪاڄ ۾ فنڪشن نه ٿيڻ گهرجي ها، پر اها بيحسي يا ڪجهه ٻيو جو سڄي رات ايڪو سائونڊن جي آوازن، ڳوٺ ۾ رهندڙن ڪجهه ماڻهن کي اهو سوچڻ ۽ چوڻ تي مجبور ڪيو ته “هاڻي هتان لڏي هلجي، هتي ماڻهپو نه رهيو آهي۔۔۔۔!” خبر ناهي، اسان جي سماج ۾ ماڻهپي جا معيار ڪهڙا آهن، پر هڪ ڳالهه مقدم ته جنهن سماج ۾ آرٽ جو قدر ناهي ڪيو ويندو، اهو ڪڏهن به پاڻ وٽ احساس ۽ نفيس جذبا ناهي سنڀالي سگهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *