تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

حيرت ۾ وجهندڙ واقعا ۽ اميدن جو آئيندو

هي ملڪ ڪڏهن به سياسي طور مستحڪم ناهي رهيو، ايتري قدر جو طاقتور مارشلائي حڪومتن جي دور ۾ به سماج ۾ غير يقيني ۽ خوف جي حڪمراني رهي آهي، معاشي ۽ سياسي ادارن ناقابل برداشت ۽ ڏور رس نقصان ڀوڳيا آهن. اڄ به صورتحال مختلف ناهي، پر گذريل ٻن سالن دوران جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي ته حالتون وڌيڪ بدتر ٿيون آهن. ان جا مک ٻه سبب آهن، هڪ ته حڪومت ۽ نيب احتساب جي نالي ۾ بدترين انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون آهن ۽ سندن نشاني تي گهڻي ڀاڱي مک ڌارا جي سياسي قيادت آهي، ٻيو سبب اسٽيبلشمينٽ پاران پي ٽي آءِ حڪومت جي کليل حمايت ۽ اپوزيشن قيادت خاص طور تي شريف ڪٽنب سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي.
تازو ئي اسان کي پنهنجي سياسي تاريخ جا ڪجهه غير معمولي واقعا ڏسڻ ۾ آيا. نواز شريف پنهنجين تقريرن ۾ اهو اعلان ڪيو ته اسان جي جدوجهد عمران خان نه پر اليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪرائي کيس اقتدار ۾ آڻيندڙن خلاف آهي ۽ پوءِ حيرت انگيز نموني هن پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب کي درپيش مشڪلاتن جو ذميوار سڌو سنئون آرمي چيف کي قرار ڏيندي سندس نالو پڻ کنيو. نواز ليگ جي بيانئي ۾ اها تبديلي ۽ جنرل باجوه جو نالو کڻڻ سندن قيادت پاران اسٽيبلشمينٽ هٿان عمران خان جي مسلسل حمايت سبب پيدا ٿيندڙ فرسٽريشن ۽ مايوسي جو مظهر آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ اسان کي اهڙي کلي ٽڪراءَ جا وڌيڪ منظر نظر اچي سگهن ٿا، جنهن جو نتيجو مريم نواز جي گرفتاري جي صورت ۾ به نڪري سگهي ٿو جيڪا اسٽيبلشمينٽ خلاف پنهنجي پيءُ جي سخت گير بيانئي جي حمايت ۾ آواز اٿاري رهي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته شهباز، حمزه ۽ مريم جي گرفتاري کانپوءِ ڇا نواز ليگ، مک قيادت جي غير حاضري ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي سگهي ٿي يا نه. منهنجي محتاط اندازي موجب نواز ليگ پي ڊي ايم جي ڇٽيءَ هيٺ پنهنجي احتجاجي تحريڪ سرگرمي سان جاري رکي سگهي ٿي، نواز ليگ جو گهڻو مدار مولانا فضل الرحمان تي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته مولانا چاهيندي به موٽ نٿو کائي سگهي ڇو جو پي ٽي آءِ حڪومت سبب ڪي پي ڪي ۾ هن جو سياسي بنياد سخت خطري ۾ آهي. ان کان علاوه ساڄي ڌر جون قوتون اسٽيبلشمينٽ کان شديد ناراض آهن، ڇاڪاڻ ته جي يو آءِ پاران هلندڙ سوين مدرسن جي فنڊنگ ايف اي ٽي ايف سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي، تنهنڪري مولانا ۽ ٻين لاءِ اهو ”هاڻ يا ڪڏهن به نه“ وارو مامرو بڻجي ويو آهي.
ٻيو غير معمولي واقعو ڪيپٽن صفدر جي ڪراچي ۾ گرفتاري جو آهي، اهو واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن هو هوٽل جي ڪمري ۾ پنهنجي زال سان گڏ رهائش پذير هو ته صبح سوير هوٽل جي دروازي جو مبينا طور در ڀڃي کيس گرفتار ڪيو ويو. اها گرفتاري آءِ جي مشتاق مهر جي رينجرز هٿان مبينه طور اغوا واري واقعي سان ڳنڍجي وئي، آءِ جي جي اغوا بعد ڏيڍ سئو کان وڌيڪ پوليس آفيسرن، جن ۾ اي آءِ جي کان ويندي سب انسپيڪٽر شامل هئا، موڪل جون درخواستون ڏيئي ڇڏيون. ان کان اڳ پوليس آفيسرن پاران اهڙي قسم جو ردعمل ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو، جڏهن پنجاب پوليس پگهارن ۾ واڌ ۽ مراعاتن لاءِ هڙتال ڪئي هئي، پر تازو ردعمل انهيءَ کان بنهه مختلف هو. پوليس آفيسرن هن ڀيري پنهنجي آءِ جي ۽ پوري پوليس ڊپارٽمينٽ سان ٿيل تذليل تي احتجاج ڪيو هو. اهو بنهه نئين قسم جو احتجاج هو، جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. اهو رد عمل گهڻن لاءِ حيرتناڪ هو، ڇاڪاڻ ته عام طور تي پوليس آفيسر پنهنجي سياسي آقائن يا اسٽيبلشمينٽ جا ساٿاري سمجهيا ويندا آهن، ۽ انهن جي مٿان عام طور تي سياستدانن جي سياسي مفادن کي هٿي وٺرائڻ جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن. حقيقت ۾ پوليس جو سياست زده ٿيڻ اسان جي ڪرمنل جسٽس سسٽم جي هڪ مستقل پر تڪليف ده حقيقت رهي آهي، جنهن سبب اها عام ماڻهن کي تحفظ ۽ انصاف جي فراهميءَ ۾ ناڪام رهي آهي. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته پوليس آفيسرن جي مقرري مقامي سياستدانن جي آشيرواد سان ئي ٿيندي آهي ته جيئن هو پنهنجا سياسي مفاد ماڻي سگهن، تنهنڪري پوليس جي هن ردعمل سان سول سوسائٽي، اپوزيشن ۽ ايتري قدر جو ميڊيا به آءِ جي پوليس ۽ آفيسرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ آرمي چيف پڻ انهيءَ معاملي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو.
آءِ جي سنڌ جي اغوا خلاف سنڌ پوليس جي ردعمل ڪجهه دلچسپ سوال پڻ اٿاري ڇڏيا آهن، ڇا هاڻي وقت تبديل ٿي ويو آهي ۽ پوليس آفيسرن جي نئين کيپ انهي روايتي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ۾ هو اسٽيبلشمينٽ جي مفادن يا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا؟ ڇا هو پنهنجي ڪيريئر جي داءُ تي هي ڪلچر تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ ڇا اهو ردعمل اوچتو هو يا ارادي؟ پي ٽي آءِ جي وزيرن شروع ۾ ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري تي پوليس جي تعريف ڪئي پر بعد ۾ انهن پنهنجو موقف تبديل ڪندي آفيسرن مٿان الزام لڳايا ته هو پ پ حڪومت جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن واقعن جو اڻ ڌريئي نموني تجزيو ڪيو وڃي ته پي ٽي آءِ جا الزام بي بنياد لڳندا ڇاڪاڻ ته اهو کليل راز آهي ته پ پ حڪومت ڪڏهن به طاقتور اسٽيبلشمينٽ خلاف پوليس آفيسرن کي ڀڙڪائڻ جي همت نٿي ڪري سگهي جو انهن کي نتيجن جي خبر آهي. ٻي ڳالهه ته پوليس آفيسر به پ پ جي ڪمزور ۽ ڪمپرومائيزڊ سياسي قيادت جي پٺ تي اسٽيبلشمينٽ خلاف اهڙو ردعمل نٿا ڏيکاري سگهن ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته اهي سياستدان سندن بچاءُ نٿا ڪري سگهن. تنهنڪري پي ٽي آءِ جي وزيرن جي اها پروپيگنڊا ته سنڌ پوليس پ پ جي چوڻ ته اهو ردعمل ڏيکاريو، تنهن ۾ ڪا حقيقت نظر نٿي اچي.
ٽئين حيرت انگيز اڳڀرائي روايتي حريف سياسي ڌرين پ پ ۽ نواز ليگ پاران ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري واقعي دوران غيرمعمولي تدبر ۽ سمجهداري جو هو. ٻئي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز هڪ ٻئي سان گڏجي بيٺا ۽ پي ٽي آءِ حڪومت پاران اتحاد ۾ ڏار وجهڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻايو. حقيقت ۾ ان گرفتاري واري سموري واقعي کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو سڄو ڊرامو پي ڊي ايم ۾ شڪ شبها اڀارڻ ۽ اختلافن جو ٻڄ ڇٽڻ سان گڏ سنڌ حڪومت کي شرمندو ڪرڻ لاءِ رچايو ويو هو، پر اهو ڊرامو نه رڳو ناڪام ٿيو پر اسٽيبلشمينٽ لاءِ شرمندگي جو سبب پڻ بڻيو. ايتري قدر جو آرمي چيف کي پاڻ سامهون اچڻو پيو ۽ انڪوائري جو واعدو ڪرڻو پيو. آرمي چيف جي کليل مداخلت پڻ هڪ غيرمعمولي واقعو هو ڇاڪاڻ ته عام طور تي هٿياربند فوجن پاران کنيل ڪنهن به قدم جي باري ۾ آءِ ايس پي آر پاران بيان جاري ڪيو ويندو آهي پر هن معاملي ۾ آرمي چيف پاڻ آءِ جي سنڌ ۽ بلاول ڀٽو سان نه صرف ڳالهايو پر آءِ جيءَ جي اغوا بابت انڪوائري ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. جيڪڏهن اها پوليس ۽ پ پ حڪومت جي سازش هجي ها ته آرمي چيف ايئن نه ڪري ها پر ان جي بدران اها سازش بينقاب ڪئي وڃي ها. اڃان تائين آءِ ايس پي آر پارا ن اهڙي ڪابه ڳالهه سامهون ناهي آئي پر پي ٽي آءِ حڪومت، پ پ ۽ نواز ليگ مٿان ادارن کي بدنام ڪرڻ جي سازش جا الزام هڻي رهي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن الزام کي ڪير کنگهڻ لاءِ تيار ناهي. ڏسجي ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت پاران ٿيندڙ انڪوائريز جو نتيجو ڇا ٿو اچي ۽ ڏسجي ته ذميوار ڪنهن کي قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ کين ڪهڙي سزا اچي ٿي. انهن انڪوائريز جو ڪهڙو به نتيجو نڪري پر حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٽڪراءُ ايندڙ ڏينهن ۾ اڃان وڌي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ف کي جنهن نموني ديوار سان لڳايو ويو آهي تنهن ۾ وٽن ان کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي ته هو جارحاڻي نموني تيساتيئن وڙهن جيستائين سندن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪا تدبير نٿي نڪري. جيتري قدر پ پ جو تعلق آهي ته اها اسٽيبلشمينٽ خلاف انتها تي نه ويندي، پر اها پي ٽي آءِ خلاف دٻاءُ ضرور وڌائيندي ڇاڪاڻ ته پ پ کي سنڌ حڪومت به بچائڻي آهي ۽ اها نه چاهيندي ته حڪومت ختم ٿئي يا اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ ۾ پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿئي. تنهنڪري پ پ لاءِ اهو تمام ڏکيو ڪم آهي ته اها پنهنجو توازن برقرار رکندي پي ڊي ايم ۾ به پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري ۽ ريڊلائين به ڪراس نه ڪري ۽ اندروني ٽوڙ ڦوڙ يا گورنر راڄ جي صورت ۾ پنهنجي حڪومت لاءِ ڏکيائين کي به دعوت نه ڏئي.
منهنجي خواهش آهي ته هاڻ سنڌ پوليس صوبي اندر عوام جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ته جيئن ڪنهن کي اهو الزام هڻڻ جو موقعو نه ملي، ته اها حڪومت ۾ ويٺل سياستدانن جي هٿن ۾ کيڏي رهي آهي. آئنده سنڌ پوليس کي ڏوهارين جي پشت پناهي جي اجازت نه هئڻ گهرجي، ۽ کين پاٿاريدارن خلاف سندن سماجي حيثيت يا سياسي لاڳاپن کان مٿانهون ٿي سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ ڪيترائي طاقتور ڀوتار ۽ سردار آهن، جيڪي پ پ حڪومت سان واڳيل هجڻ سبب پوليس کان بچيل آهن، پوليس کي اها ڇوٽ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. هاڻي پوليس جو نالو، ساک ۽ غيرجانبداري داءُ تي آهي، جيڪڏهن هن پيشيوراڻي نموني قدم نه کنيا ته عام ماڻهن جي نظر ۾ عزت وڃائي ويهندي ۽ طاقتور ڌرين جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجي ويندي. تازو ئي سنڌ ۾ اغوائن ۽ ٻين ڏوهن جي واڌ ٿي آهي،خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي پ پ حڪومت جي حمايت يافته ڀوتارن جو اثر رسوخ آهي. پوليس کي انهن خلاف چٽو ۽ واضح پيغام موڪلڻ گهرجي ته قانون کان مٿانهون ڪوبه ناهي، سنڌ ۽ ان جي ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته هو جمهوري فلاحي رياست جو ڦل حاصل ڪن جتي پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام لاءِ ڪم ڪن نه ڪي عوام خلاف.
[email protected]

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *