تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

حڪومت آڏو بيوس مخالف ڌر ورهاست جو شڪار

پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز اقتداري ايوانن جي باريڪين کان با خبر هجڻ سان گڏ مخالف ڌر جي ڪردار جو وسيع تجربو رکندڙ پارٽيون آھن ملڪي تاريخ ۾ پرويز مشرف جي حڪومتي دور بعد هڪ ڀيرو وري ٻئي پارٽيون گڏيل طور تي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهيون آھن پر هن حڪومت جي ٻن سالن ۾ ٻنهي پارٽين جي مخالف ڌر طور ادا ڪيل ڪردار کي ڏسي حيرانگي ٿي رهي آھي. ٻنهي پارٽين جي مخالف ڌر جي ادا ڪيل ڪردار مان انهن وٽ موجود وسيع تجربو نظر نه اچي رهيو آھي ٻنهي پارٽين کي جيترو سياسي تجربو ۽ جيترا سينئر پارليامينٽيرين آھن ان سان ته هنن ٻنهي پارٽين کي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيل پي ٽي آءِ حڪومت کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ گهرجن ها پر محسوس ايئن ٿي رهيو آھي ته ڊگهو سياسي تجربو رکندڙ ٻئي پارٽيون ته پي ٽي آءِ کي ڏينهن ۾ تارا نه ڏيکاري سگهيون آھن پر پي ٽي آءِ کين ڏينهن ۾ تارا ضرور ڏيکاري ڇڏيا آھن.
حيرت ان ڪري به ٿي رهي آھي جو سينيٽ ۾ ٻنهي پارٽين جي واضح اڪثريت آھي قومي اسيمبلي ۾ به حڪمران اتحاد ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ رڳو 16 کان 18 ميمبرن جو فرق رهيو آھي حڪومت جي ايتري عددي ڪمزور حالت ۽ اتحادين جي محتاجي باوجود انتهائي گهڻي تجربيڪار مخالف ڌر حڪومت کي ڪنهن به مامري تي نه شڪست ڏئي سگهي آھي نه ئي عوام جي مفادن خلاف ۽ عوام جي تڪليفن جو سبب بڻجندڙ ڪو فيصلو حڪومت کان واپس ڪرائي سگهي آھي. پيئٽرول جي قيمتن ۾ غيرمعمولي واڌ هجي يا گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ باربار اضافي جو مامرو هجي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ هجي يا کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو هجي مخالف ڌر سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي جي فلور يا پارليامينٽ کان ٻاهر اهڙو موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آھي جنهن سبب حڪومت کي ڪو فيصلو واپس وٺڻو پيو هجي.
مخالف ڌر مهانگائي هجي يا ڊالر جي قدر ۾ اضافو يا حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي ان تي بيان ڏيڻ بعد اهو سمجهندي رهي آھي ته مخالف ڌر جي ڪردار جو حق ادا ٿي ويو ان ڪري ئي هن حڪومتي دور ۾ جيڪي به وڏا بحران ۽ عوام تي بار وجهڻ جو سبب ٿيندڙ فيصلا ڪيا ويا آھن مخالف ڌر ڪنهن هڪ اشو جي مسلسل پوئيواري نه ڪري سگهي آھي نه ئي ڪنهن به مامري کي اشو ٺاهي سگهي آھي. حيرت ته ان ڳالهه تي به آھي جو مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي کي ايترو وسيع تجربو هجڻ باوجود اهي ٻئي پارٽيون مخالف ڌر ۾ شامل ٻين پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ ۾ ناڪام ٿيون آھن. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي حڪومت سان اسپيڪر جي گهر ايف اي ٽي ايف جي بلن بابت مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن کي اهو اندازو نه هجي ته حڪومت سان ڳالهين ۾ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين کي نظر انداز ڪري اڪيلي سر ڳالهائڻ تي مخالف ڌر ۾ ڏار پئجي سگهن ٿا، جيڪڏهن ٻنهي پارٽين کي اهو اندازو هيو ان باوجود ٻنهي پارٽين پاران مخالف ڌر جي ٻين پارٽين کي نظرانداز ڪري حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد ڇا مخالف ڌر کي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت تقسيم ڪرڻ وارو عمل نه آھي ؟
پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ پاران حڪومت سان اڪيلي سر ڳالهيون ڪرڻ ڪري نه رڳو جي يو آءِ ايف پر پختونخوا ملي عوامي پارٽي، نيشنل پارٽي۽ جماعت اسلامي ٻنهي پارٽين سان ناراض آھن ۽ ان جو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انهن اظهار به ڪيو آھي ۽ ٻنهي پارٽين تي هر وقت حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو الزام به لڳايو آھي انهن الزامن ۾ صداقت به آھي ڇو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر کي واضع اڪثريت هجڻ باوجود صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين جي عهدي تان نه هٽڻ ٻنهي پارٽين جي ميمبرن جي نوازش کانسواءِ ممڪن نظر نٿو اچي. جيڪڏهن ان عمل ۾ ٻنهي پارٽين جي قيادت ملوث نه هئي ته ٻنهي پارٽين جي قيادت کي ان تاريخي ناڪامي تي پنهنجي صفحن ۾ ڪارين رڍن جو پتو لڳائڻ ۾ ايتري دير ڇو لڳي آھي ان عمل جو پتو لڳائڻ ۾ ٻنهي پارٽين جي عدم دلچسپي سان اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته ڪجهه ته آھي جنهن جي پرديداري ٿي رهي آھي. خير وري اچون ٿا ايف اي ٽي ايف بلن بابت حڪومت سان ٿيل ڳالهين ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ پاران مخالف ڌر جي ٻين پارٽين کي نظرانداز ڪرڻ سبب مخالف ڌر ۾ پيدا ٿيل اختلافن طرف شايد اهي اختلاف ئي آھن جن ڪري عيد بعد جيڪا مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي ٿيڻي هئي ان لاءِ اڃان تائين تاريخ جو اعلان نه ٿي سگهيو آھي.
سوال هي آھي ڇا اي پي سي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڪوٺائي پئي وڃي؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن جو فرض ڪجي جواب ها ۾ ڏجي ته پوءِ مخالف ڌر کي حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لاءِ جدوجهد جي احتجاجي حڪمت عملي سان گڏ حڪومت کي گهر موڪلڻ بعد جي به حڪمت عملي جي بنيادي نقطن تي اتفاق ڪرڻو پوندو. جي يو آءِ ايف سيپٽمبر جي ست تاريخ تي پشاور ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ڪوٺائي رهي آھي پر ان کان اڳ ظاهر آهي اي پي سي جي تاريخ جو فيصلو ٿيڻو آھي ان تاريخ طئه ڪرڻ ۾ جيتري دير يا سستي جو مظاهرو مخالف ڌر جي ٻنهي پارٽين پاران ڪيو ويندو ان سان مخالف ڌر جي پارٽين ۾ نه رڳو اختلاف ڀڙڪي ٻاهر ايندا پر ان سان مخالف ڌر ڪجهه عرصي لاءِ تقسيم ٿي ڪمزور ٿي سگهي ٿي. ظاهر آهي ان سان ڪمزور ٿيندڙ حڪومت کي نئين سگهه ملندي.
سوال هي به آھي ته جيڪڏهن اي پي سي جي تاريخ طئه به ٿي وڃي ڇا اها هن ٻوڏ جي صورتحال وارن ڏينهن ۾ ٿي سگهندي جيڪڏهن ٻوڏ جي ڏينهن ۾ نه ٿي سگهندي ته پوءِ محرم ۾ اي پي سي ڇا ٿي سگهندي ؟ جيڪڏهن محرم بعد اي پي سي ٿيندي ته ڇا ان سان مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ هڪ ٻئي لاءِ بدگماني پيدا نه ٿيندي ؟ سوال هي به آھي ته جيڪي مخالف ڌر جون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سان شڪايتون رکن ٿيون اهي اي پي سي ۾ تيار ٿيندڙ حڪمت عملي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪو لکت ۾ معاهدو يا خاطري ته طلب نه ڪنديون؟ جيڪڏهن اهڙي خاطري طلب ڪئي وڃي ٿي ته ڇا مخالف ڌر جون ٻئي وڏيون پارٽيون ان تي ڪنهن انا جو شڪار ته نه ٿي وينديون. سوال هي به آھي ته اي پي سي ۾ مسلم ليگ ن اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ڪنهن فيصلي تي شهباز شريف جي قيادت ۾ اتفاق ڪري سگهندي. سوال هي به آھي ته جيڪڏهن پارليامينٽ مان استعفيٰ جو آپشن تجويز ٿئي ٿو ته ڇا ان جي پيپلزپارٽي حمايت ڪندي؟ مطلب ته اي پي سي جو جيئن سولائي سان اعلان ڪيو ويو آھي ايتري آساني سان اي پي سي جي ايجنڊا تيار ٿيڻ مشڪل عمل محسوس ٿي رهيو آھي، ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين مان هر هڪ پارٽي جي سياسي پاليسي پنهنجي پنهنجي آھي. ڏسڻو اهو آھي ته سياست جو وسيع تجربو رکندڙ پارٽيون ان مسئلي کي ڪيئن حل ڪن ٿيون.
اقتداري سياست جو رڳو ٻن سالن جو تجربو رکندڙ پي ٽي آءِ مخالف ڌر کي هر هنڌ سوڙھو ڪيو آھي پر جهڙي نموني ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت مخالف ڌر جي پارٽين ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کان بلن جي منظوري ۾ حمايت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ان کي ڪمال ئي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ايف اي ٽي ايف جي بلن جي منظوري لاءِ مخالف ڌر پاران نيب قانون ۾ ترميمن جي صورت ۾ اين آراو گهرڻ جو شد مد سان قومي اسمبلي ۾ الزام شاهه محمود قريشي لڳايو ان بعد مراد سعيد به اهڙا الزام لڳايا ان باوجود مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان هڪ ۽ سينيٽ مان ٻه بل منظور ڪرائڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو. انهن بلن جي منظوري بعد وزير اعظم به ايف اي ٽي ايف جي بلن جي منظوري عيوض مخالف ڌر تي اين آر او گهرڻ جو الزام لڳايو. مطلب ته حڪومت انهن بلن جي منظوري لاءِ گهربل حمايت به پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کان ورتي ۽ انهن جو ميڊيا ٽرائيل به ڀرپور نموني ڪيو. خبر نه آھي ته ٻنهي پارٽين کي اهڙي ڪهڙي مجبوري آھي جو ميڊيا ٽرائيل برداشت ڪرڻ باوجود انهن بلن جي حمايت ڪئي آھي پر پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي وزير اعظم جي موجودگي ۾ شاهه محمود قريشي اشارن ۾ ٻڌايو ته شام تائين مخالف ڌر جن بلن جي مخالفت پئي ڪئي رات جي برڪت سان انهن بلن تي مخالف ڌر جي سوچ تبديل ٿي وئي آھي. حڪومت کي توڙي جو اقتدار ۾ ٻه سال ٿي رهيا آھن پر حڪومت هر مسئلي جي ذميوار مخالف ڌر جي ماضي جي حڪومتن جي ڪارڪردگي کي ڏيندي رهي ٿي پر مخالف ڌر هن حڪومت جي ناڪامين کي آئيني طور موثر نموني ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *