Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_prpmt1il2k7b7hjhitj16lc0bu, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهندي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهندي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهندي؟

مهانگائي جهڙي نموني عام ماڻهو کي متاثر ڪري رهي آهي اهڙين حالتن ۾ گذارو ڪرڻ عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي،پرهاڻي ته مڇي ماني وارا ماڻهو به اچي پريشانين جو شڪار ٿيا آهن، کائڻ پيئڻ کان وٺي روزمرهه جي عام استعمال جي شين جا اگهه ڏينهون ڏينهن جنهن تيزي سان وڌي رهيا آهن وڌي رهيا آهن ايئن ٿو لڳي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ماڻهو رکي ماني کائڻ کي به عياشي سمجهڻ لڳندا جيڪا حالت هن وقت به ڪيترن ماڻهن جي آهي جيڪڏهن کين وقت تي رکي ماني به ملي وئي ته اها انهن جي ئي وڏي ۾ وڏي عياشي آهي. حڪومت جي نوٽيس وٺڻ باوجود اگهن تي ڪو فرق نه ٿو پوي.کنڊ کان وٺي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي حڪومتي دعوائن باوجود مارڪيٽ ۾ اهي ائٽم اڄ به مهانگي اگهه تي ملي رهيا آهن.حالت اها وڃي ٿي آهي جو عام عوام مهانگي خلاف دانهون ڪوڪون ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو روڊن ۽ رستن تي اچي ويو آهي،جڏهن ته ڪٿي به سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي به عام استعال جون شيون نه ٿيون ملن توڙي جو اهي اگهه به اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي وڌيڪ آهن تنهن هوندي به انهن اگهن تي انهن جي دستيابي هاڻي مشڪل ٿيندي پئي وڃي.
روز حيرت واريون خبرون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون ڪي پي جي گادي واري هنڌ پشاور مان هڪ خبر اها به رپورٽ ٿي ته اتي قائم ڪيل سرڪاري مارڪيٽ ۾ پاءُ کان وڌيڪ تماٽا وٺڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ سماجي تنظيمن ۽ عام شهرين مظاهرو ڪيو آهي جنهن ۾ گهريلو عورتن به شرڪت ڪئي ۽ پاڻ کي علامتي طور ڦاهي ڏئي مهانگائي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سنڌ سرڪار اٽي جو اگهه 41 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو آهي پر ڪنهن به شهر ۾ 65 کان وٺي 70 رپين کان گهٽ اگهه تي في ڪلو اٽو نه ٿو ملي .انهي کانسواءِ ايران مان ٽماٽو گهرائڻ باوجود ان جو اگهه 200 رپين کان وڌي 240 رپيا في ڪلو وڃي پهتو آهي جڏهن ته ڪا به سبزي ڀينڊي کان وٺي توريون، ميها 100 کان 160 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيا آهن جڏهن ته پٽاٽا ۽ بصر به ذري گهٽ 100 رپين تائين وڪرو ٿي رهيا آهن.اهي ته اهي شيون آهن جيڪي ماڻهن جي بک جي باهه اجهائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهن جڏهن ته عام صحتمند ماڻهو جي خوراڪ لاءِ گوشت مڇي ۽ فروٽ کان وٺي ٻيون جيڪي ضروري شيون آهن انهن جو هنن حالتن ۾ عام ماڻهو سوچي ئي نه ٿو سگهيم مهانگائي انهن کي اهڙو وڪوڙيو آهي جو هو ٻه ڪلو اٽو وٺڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيا آهن ته باقي ضرورت جون شيون ڪٿان خريد ڪري سگهندا؟ انهي کانسواءِ تعليم ،دوائن ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن جو پوراءُ ڄڻ ته هنن لاءِ هاڻي خواب بڻجي ويو آهي.ڪنهن به سياسي حڪومت لاءِ عوام کي پاڻ سان ڳنڍڻ لاءِ ٻه شيون اهم ضروري هونديون آهن هڪ ته هو پنهنجي سياسي بيانئي تي عوام کي قائل ڪري ووٽ وٺي يا انهن کي گڏ کڻي هلي، ٻيو ته اها عوام جي عام زندگي ۾ ڪيتريون سهولتون ميسر ڪري سگهي ٿي؟ ڪڏهن ڪڏهن سياسي بيانيا به غير اهم بڻجي ويندا آهن جڏهن عوام کي رليف ملندو آهي يا انهي صورت ۾ به جڏهن عوام کي تڪليف ايندي آهي تنهن ڪري عام ماڻهو جو مسئلو سياسي بيانئي کان به وڌيڪ مهانگي ۽ ان جي زندگي ۾ ايندر ڏکيايون آهن جنهن جو فائدو بهرحال حڪومت جون مخالف پارٽيون کڻنديون آهن جنهن جو اظهار هاڻوڪي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ نظر اچي رهيو آهي، پهرين جڏهن مخالف ڌر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ته ان جي ايجنڊا نيب يا ڪرپشن جا ڪيس هئا پر جيئن جيئن مهانگائي وڌي آهي ته مخالف ڌر انهي مهانگائي کي به حڪومت مخالف پنهنجي ايجنڊا جو اهم حصو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته مهانگائي واري ايجنڊا سان هو عوامکي پاڻ طرف ڇڪي سگهن ٿا ۽ مخالف ڌر جي ڪوشش آهي ته اها عوام کي ان نعري سان هن تحريڪ ۾ وڌ ۾ وڌ شامل ڪري سگهي .
اسان سمجهون ٿا ته اها مهانگائي ايئن ئي برقرار رهي يا اڃان به وڌي ته ايندڙ ڏينهن حڪومت لاءِ وڌيڪ پريشاني واري هوندا جنهن جو اظهار ڪيترائي وفاقي وزير به ڪري رهيا آهن ۽ وزيراعظم پاڻ به ان جو اظهار ڪري چڪو آهي ته سڀني کان وڌيڪ مهانگائي جي پريشاني آهي تنهن ڪري حڪومت فوري طور اهڙا قدم کڻي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي ۽ عام استعمال جي شين جا آسمان تي چڙهي ويل اگهه عوام جي پهچ ۾ اچي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *