تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جو امتحان

حڪومت اپوزيشن جي تحريڪ جي اعلان کان پوءِ ڪهڙا به بيان ڏي وزير اعظم ڪهڙيون به ڌمڪيون ڏي يا سندس وزير اپوزيشن تي ڪيتريون به تهمتون هڻن انهيءَ کان علاوه اسٽيبلشمينٽ پنهنجي غير جانبداري محسوس ڪرائيندي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ قانوني دليل ڏيندي جيڪو ميسيج ڏئي رهي آهي ته هو چونڊيل حڪومت جي ساٿ ۾ ساٿ ڏيندي رهندي ، انهيءَ جي باوجود حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ اهو ٺيڪ طرح سان سمجھي پئي ته جيڪڏهن پي ڊيم ايم جي تحريڪ مستقل مزاجيءَ سان وڌي جنهن جو تمام گھڻو چٽو امڪان موجود آهي ته حڪومت جي لاءِ انتهائي ڏکيو امتحان شروع ٿي ويندو. هي حڪومت جنهن ٻن سالن جي عرصي ۾ حڪومت ڪندي انتظامي امتحان جيڪو تمام سولو ۽ سادو آهي انهيءَ کي به پاس ناهي ڪري سگھي ته پوءِ اها حڪومت ۽ انهيءَ جي ليڊر شپ سياسي تحريڪ جي بحران جو ڏکيو امتحان ڪهڙيءَ طرح پاس ڪري سگھندي؟ يقينن انهيءَ سان گڏوگڏ ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيو امتحان حڪومت سان ساڻ بيٺل اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ به آهي ڀلي پي ڊيم ايم جي ليڊرشپ باربار بيانن جي وسيلي اسٽيبلشمينٽ کي اها تنقيد نٿي بڻائي صرف اها گذارش پئي ڪري ته هو غير جانبدار رهي. نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ تنقيد کان پوءِ وري به اهوئي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته هو ٽڪرائن جي آخري حدن تائين نه ويندا پر تضادن جي نوعيت ان چوٽي تي پهچي چڪي آهي جتي آخري فيصلو ٿيڻ لازمي ۽ اڻٽر آهي جنهن جو پورو پورو احساس اسٽيبلشمينٽ کي آهي انهيءَ ڪري با آساني اهو سمجهي سگھجي ٿو ته هي دور تضادن جو اهو دور آهي جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي به انهيءَ ڪڙي امتحان مان گذرڻو آهي. پاڻ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي الڳ نٿا ڪريون توڙي جو انهن جي گڏجڻ ۾ هڪ وٿي آهي ۽ اها وٿي ڪنهن وقت به وڌي سگھي ٿي،پر ويجھڙائي ۾ انهيءَ جي وڌڻ جا امڪان گھٽ آهن تنهن ڪري ٻنهي کي گڏ سمجھندي ئي بحث يا تجزيي ۾ آندو ويندو.
ساڳئي طرح پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون ڪيتريون به اتحاد جي رشتي کي مضبوطيءَ سان پيش ڪن پر انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان اهڙا اختلاف موجود آهن جيڪي انهن کي ڌار ڪري سگھن ٿا ڀلي حڪومتي دٻاءُ کين مجبور ڪري ته هو گڏ هلن ۽ گڏجي جدوجهد ڪن ليڪن جڏهن حڪومت جي خلاف تحريڪ پختگي سان وڌندي ته لازمي رياعتن جا پيڪيج اڻ سڌيءَ طرح سان اهڙي ڏنا ويندا جنهن ۾ پي ڊيم ايم جي اتحاد جو رشتو ڪمزور ٿئي. تاريخي دٻاءُ ۽سياسي اخلاقيات جي بنيادن تي اتحاد ۾ شامل جماعتون جيڪڏهن ڌر نه به ٿين تڏهن به ڪوشش اها ڪئي ويندي ته ان تحريڪ ۾ ڊيل ٿيندڙ جماعتون پنهنجي جدوجهد ڪمزور ڪندي شرڪت کي نالي ماتر رکن. پي ڊيم ايم جي اتحاد ۾ انهيءَ ڪمزوري کي پهريان ئي محسوس ڪندي سڄو بار ٻن جماعتن پنهنجن ڪلهن تي کنيو هڪ ن ليگ ۽ ٻي جمعيت علماءِ اسلام. مولانا صاحب کي مستقل اڳواڻي ڏئي ن ليگ پنهنجي حڪمت عملي جو پهريون ڪارڊ ڦٽي ڪيو آهي ته جيئن اتحاد جي قيادت ڪنهن به اگر مگر ۾ نه اچي. ساڳئي طرح سياسي تحريڪ جو پورو بار ن ليگ پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي هاڻي جيڪڏهن تحريڪ ۾ ڪا جماعت پوئتي به رهي ته پي ڊيي ايم جي تحريڪ ان وقت تائين ڪمزور نٿي ٿي سگھي جيستائين نواز شريف ۽ فضل الرحمٰن نٿا چاهن، ڀلي پ پ پ اتحاد ۾ شامل ٻئي نمبر جي وڏي جماعت آهي ليڪن تحريڪن جي اندر سگھاريون پارٽيون اهي ئي رهنديون آهن جيڪي تحريڪ کي هلائڻ جي پوري پوري سگھه رکنديون هجن. هن تحريڪ ۾ ن ليگ پنهنجي پوري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تحريڪ جو آغاز ڪري رهي آهي هن وقت تائين ن ليگ تي جيترا به برا وقت آيا هن جي ليڊر شپ کي ڪيترو به اخلاقي طرح ڪمزور ۽ ڪرپٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نواز شريف بيان بازين ۽ ڪجھه احتجاجن کان سواءِ ڪا به تحريڪ هلائي نه سگھيو آهي، هي پهريون وزير اعظم آهي جنهن تي هر وقت بدکان بدتر الزام لڳايا ويا آهن هن جي مٿان جهاز هاءِ جيڪنگ جو ڪيس داخل ٿيو، وزير اعظم هائوس کان گرفتار ڪري سڌو جيل داخل ڪيو ويو ۽ وري خفيه ڊيل جي ذريعي هو ٻاهر ويو. مشرف جي سڄي دور ۾ هن جي پارٽيءَ ڪا به تحريڪ نه هلائي، پارلياماني چونڊون جنرل مشرف ڪرايون ته انهيءُ جو بائيڪاٽ به انهن نه ڪيو، پارليامينٽ جي اندر جيتريون به سيٽون ملين انهن تي هنن گذارو ايئن ڪيو جيئن هارايل جواري ڪجهه ملڻ تي گذارو ڪري. محترمه جي شهادت کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جي ڪمزور ٿيڻ جو فائدو وٺندي نواز شريف سياست جي دنيا ۾ وري پير پختا ڪيا، هو ٽيون ڀيرو وزير اعظم ته ٿي ويو پر معاملو اڳتي وڃي نه سگهيو ۽ هن کي پناما اسڪينڊل جي گھل گنداڻ ۾ آخر اقامو ڳچيءَ ۾ وڌو ويو ۽ هو نااهليءَ جي ذلتي الزام مان گذري رهيو آهي. هن ملڪ جي تضادن جو مک تضاد پارليامينٽ جي خود مختياري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي طاقت جو آهي ڀلي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي طاقت جي گيم کي کاٻي ۽ ساڄي پاسي کان کيڏندي رهي هجي پر هاڻي معاملو اهڙي صورت ۾ منجهي پيو آهي جو پي ٽي آءِ جي حڪومت يا ان جماعت جو ساٿ ڏيڻ کان پوءِ تمام وڏي نااهليءَ جو تماشو ڏسندي هو مجبور ٿي پيا آهن ته جيڪو ڪجھه آهي انهيءَ کي هلائجي.
حڪومت ۽ اپوزيشن جي هن دنگل ۾ اصل ٽڪراءُ ته اهوئي آهي جنهن جو ذڪر نواز شريف ڪري پيو پر پاڻ هيءُ به آسانيءَ سان سمجھي سگھون ٿا ته عمران خان حڪومت کي رڳو پاڻ بچائڻو ناهي يا پنهنجي قرباني ڏيڻي ناهي پر انهيءَ جي اتحادي طاقت جي بچائڻ جو فرض هن حڪومت تي وڏي پيماني تي اچي چڪو آهي، جيڪڏهن اپوزيشن يعني پي ڊيم ايم جي تحريڪ پنهنجي پوري طاقت سان اڳتي وڌي پي ٽي آءِ حڪومت کي بند گھٽيءَ ۾ بيهاري ٿي ته پوءِ مولانا ۽ ن ليگ پنهنجي شرطن ۽ پنهنجي مرضي جو سيٽ اپ چاهيندا جيڪو سيٽ اپ اها قوت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿي ڪري سگھي جيڪا هن وقت تائين پنهنجي مرضيءَ جو سيٽ اپ ڏسڻ جي قائل رهي آهي ۽ جي وچٿرو ڪو حل نڪري به آيو ته انهيءَ ۾ لازمي طرح خان ڀائي حڪومت يا وزاررت عظميٰ ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي قربانيءَ جي ڪاتيءَ هيٺان گذرڻو پوندو، پر جيڪڏهن ن ليگ پنهنجي سياسي سگھه کي ثابت نه ڪري سگھي تحريڪ کي اڳتي وڌائي نه سگھي ته کيس انتهائي ذلت آميزيءَ جي دور مان گذرڻو پوندو. هو اهو به ڪجھه حاصل نه ڪري سگهندي جيڪو کيس ملندو آيو آهي يعني ڪڏهن وڌيڪ ته ڪڏهن گھٽ يعني ن ليگ پنهنجي سياسي موت تي پاڻ مُهر هڻندي. پي ڊي ايم ۾ ٻيون شامل جماعتون تضادن جي ان حدن تائين ناهن پهتيون جتان کين فيصلا ڪن مرحلي مان گذرڻو پوي تنهن ڪري هي تحريڪ هن ملڪ جي تاريخ جي اها تحريڪ آهي جنهن ۾ اهو فيصلو ٿيندو ته ڪنهن کي رهڻو آهي ۽ ڪنهن کي پوئتي هٽڻو آهي. اسان کي هيءُ به ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته هاڻي رهڻ ۽ هٽڻ جو مرحلو اهو اچڻ وارو آهي جتان جيڪو پوئتي هٽيو اهو پوئتيءَ هٽندو ويندو ۽ جيڪو اڳتي وڌيو اهو اڳتي ئي وڌندو ايندو سياسي تضادن جا اصول اسان کي اهوئي ٿا سمجھائن ته شدتون هڪ ڪريون ۽ هڪ انداز سان ناهن رهي سگھنديون، فيصلي جي گھڙي اچڻ لازم هجي ٿي پوءِ اها گھڙي دير سوير ڪڏهن به اچي. هي ملڪ جنهن انهيءَ تضاد کي تمام گھڻو ڀوڳيو آهي ايتري حد تائين جو هيءُ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو جيترا ماڻهو ان تضاد جي احمقاڻي حڪمرانين سبب قتل ٿيا آهن يعني داخلي بحران غير ملڪي مفادن جون جنگيون ڀوڳيندي جيترو نقصان برداشت ڪيو ويو آهي ايترو جاني ۽ مالي نقصان ٽن جنگين ۾ به ناهي ٿيو. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو سوچي ٿو ته هي معمولي نوعيت جا اختلاف آهن جيڪي شخصيتن جي اڳتي پوئتي ٿيڻ سان ڍرا ٿيندي ختم ٿي ويندا اهي انتهائي احمقاڻي مفروضن يا سياسي سادگين جو شڪار آهن. هن ملڪ ۾ پارلياماني بالادستيءَ جو تضاد مک تضادن ۾ طاقتور تضاد آهي هيءُ اهو دوست تضاد ناهي جيڪو ڏي وٽ سان ختم ٿي وڃي بلڪه هاڻي ته حالتون ان نهج تي پهتل آهن جتي پهچڻ کان پوءِ هڪ لڪير نڪرندي آهي. بيشڪ عمران خان ٻاويهن سالن جي سياست کي جنهن به انداز سان هلائيندي اقتدار جي داءُ تي پنهنجي سياسي قسمت آزمائي آهي انهيءَ ۾ کيس تاريخ ڪهڙي باب ۾ رکندي انهيءَ جو موجوده وقت ۾ اندازو لڳائڻ ته مشڪل آهي. ايندڙ وقت کيس ڪٿي به پهچائي سگھي ٿو ڇو ته هن وقت تائين هن ملڪ جي ان تضاد جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري ريا آهيون انهيءَ گھڻ کي سورمو ڪيو آهي ممڪن آهي ته هيءُ به انهن ۾ شمار ٿئي يا سڀ ڪجھه وڃائي خالي بوڇڻ ڇنڊي سياست کان ڪنارا ڪش ٿي وڃي. ڪجھه به ٿي سگھي ٿو اهڙا امڪان ته تمام گھڻا موجود آهن ليڪن زميني حقيقتون اسان کي اهوئي ٻڌائين ٿيون ته هاڻي فيصلا ڪن مرحلو شروع ٿيندو ڇو ته سياست جي دنيا ايتري ڪمزور ناهي رهي جيتري پهريان هئي ايتري حد تائين جو ن ليگ وفاقيت جي نشي ۾ يا پنجاب بالادستي جي غرور ۾ ناهي رهي، هاڻي هو پاڪستان جي گھڻ قومي حيثيت کي تسليم ڪندي قومن جا حق به تسليم ڪري ٿي جو وفاق پاران ٻيٽن جي اٿارٽيءَ کي غلط ۽ غير قانوني صدارتي آرڊيننس سڏي پئي. اها ارتقا ٻڌائي ٿي ته صورتحال ڪاٿي بيهندي پر پاڻ هي به سمجھون ٿا ته پي ڊيم ايم کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گھڻ ڪجھه آهي خاص ڪري ن ليگ کي پر جيڪڏهن هن هاڻي ان ويڙھه ۾ هارايو ته هن جي لاءِ ذلت کان سواءِ ڪجھه به نه رهندو اها تلخ حقيقت ن ليگ ۽ پي ڊيي ايم ٺيڪ طرح سان سمجھي ٿي ساڳئي طرح حڪومت ۽ ان جا اتحادي به سمجھن ٿا ته هيءَ فيصلا ڪن دور آهي جنهن ۾ هڪ کي وڌڻو ۽ ٻئي کي هٽڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *