Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_6ee8o661nhbgk2avi4jte5sef9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
خانه بدوش گزيٽيئر - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar خانه بدوش گزيٽيئر - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

خانه بدوش گزيٽيئر

جيئن ڪنهن زماني ۾ انگريز عملدار جتي مقرر ٿيندا هئا ته انهن مٿان اها ذميواري به هوندي هئي ته اهي ان علائقي جي سماجي سياسي حالتن سان گڏ درياهن، ٻيلن ۽ چراگاهن کان ويندي اتان جي عام ماڻهن، قبيلن، سردارن ۽ انهن جي سياسي مخالفن کان ويندي انهن جي سريتن جا به تفصيل لکي انگلينڊ راڻيءِ جي بادشاهي کي موڪلين تيئن ئي خالد جوڳي جو هي ڪتاب پڙهي مونکي لڳو ته هو جتي به رهيو آهي اتان جي دربدر ۽ وطن ۾ بي وطن اهڙن ماڻهن جا تفصيل گڏ ڪري رهيو آهي جيڪي تاريخ جي بي رحم سنبن هيٺان صدين کان لتاڙجندا آيا آهن. هي اهڙن قبيلن جي اصل ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب آهي جيڪي شايد اسان جي ايندڙ نسل کي ڳولئي نه لڀن، يا ايئن کڻي چئجي ته سڀاڻي جيڪڏهن ڪو چريو ائنٿروپالوجسٽ انهن دربدر قبيلن جي ماڻهن کي ڳولڻ به چاهي ته هو ڀلي ڪڙيو گهنور کان سانگهڙ يا کاهي جي ڦاهيءَ تائين سفر ڪري پر کيس ڪٿي به اهڙا قبيلا ۽ انهن جا اڏيل پکا نه ملن جن کان سندن ابن ڏاڏن بابت ايئن پڇي سگهي جيئن خالد جوڳيءَ هاڻي پڇيا آهن.انهن خانه بدوش قبيلن جي طرز زندگي ۽ انهن جا درد ليکڪ ايترو ته گهرائيءَ سان پنهنجي اندر ۾ اوتيا آهن جو هو خالد ڪنڀار مان خالد جوڳي بڻجي ويو آهي.سندس لکڻ جو انداز صحافتي انٽرويوز جهڙو ئي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن کيس منڇو شڪاري جهڙا انوکا ڪردار به ملي وڃن ٿا جن جي جوابن دوران سادن لفظن ۾ ڪيل سوال سندس راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏين ٿا ۽ هو ڪنهن روسي ليکڪ جي ناول جي ڪردار واري درد جيان ان ڪردار تي هڪ نه پر لاڳيتا ٻه ڪالم رهڙي وٺي ٿو پر منڇو شڪاري جي انهن ڳالهين جا جواب کيس نٿا ملن جيڪي هن ساڻس سادگيءِ سان سليا هئا. منڇو ته کيس خواب ۾ شڪار ڪندي به نظر آيو سو به سوئر جو شڪار، جنهن بعد هن ٻئي ڪالم ۾ تاثرات لکندي لکيو ته سنڌ پاڻ هڪ گهاٽو جهنگ بڻجي وئي آهي جنهن ۾ هاڻ سوئرٻيلن بدران وڏن بنگلن ۾ رهن ٿا وڏين گاڏين ۾ هلن ٿا انهن سوئرن تائين هاڻي منڇو شڪاري جي ننڍي ڳن واري ڪهاڙيءَ جو ڌڪ پهچندو الائي نه..
شڪارين بابت سندس اهي تاثر ڪنهن آرامده گهر جي ڪشادي ڊرائنگ رومن منجهان ڪيل تصوراتي ذوق بعد لکيل ڪو شخصي تاثر ناهي پر ٻٻر جي اڪيلي وڻ هيٺان رکيل کٽ تي شڪارين سان گوڏو گوڏي ۾ گڏي ڪيل ڪچهرين مان اها معلومات گڏ ڪئي آهي جيڪا فرسٽ هينڊ معلومات چئجي.انهن خانه بدوش قبيلن بابت لکيل سندس آرٽيڪلز ۾ اها معلومات ته آهي پر سندس موضوع جي دلچسپي مان ڪو به پڙهندڙ آساني سان اندزو لڳائي سگهندو ته هن جو وس پڄي ته پاڻ به هو ڪن زمانن تائين خانه بدوشي اختيار ڪري جهنگ منهن ڪري، جيئن ليڊي آف ڪيمل سڏجندڙ ليکڪاايلسي ڪوهلر ڪيو هو.اتفاق سان اها مائي به خالد جيان ڪنهن اين جي او ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ کيس لائيو اسٽاڪ تي پروجيڪٽ مليل هو جنهنجي انڊيا ۾ سربراهي ڪندي هئي پر سندس اوٺارن سان اهڙو من لڳو جو سموري دنيا جا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي پورا ويهه سال هن راجسٿان جي رڻ ۾ پئي ڏاچين ۽ اٺن سان گذاريو ۽ موٽي اچي جو ڪيمل ڪرما نالي ڪتاب لکيائين ته هرطرف واهه واهه ٿي وئي.انکان اڳ به هڪڙي چرياڻ ليکڪا روبن ڊيوڊسن 1977ع ڌاري چار اٺ ۽ هڪڙو ڪتو کڻي آسٽريليا جا رڻ جهاڳڻ نڪري پئي هئي، اها طويل رولاڪي ڪرڻ بعد جڏهن واپس آئي ته سندس من آسٽريليا جهڙي ملڪ واري ماحول ۾ به نه لڳو ۽ هن وٺي انڊيا جو رخ ڪيو جتي راجسٿان ۾ وڃي ريٻارين سان انهن جهڙي ٿي رهي پئي.ان مائي جي رولاڪين تي هاڻي ته ڪجهه ڊاڪيومينٽري فلمون به ٺهيون آهن پر هن پاڻ انڊيا جي راجسٿان ۾ رهندي هڪڙو ڀلو ڪتاب رهڙي ورتو جنهن جو عنوان رکيائين چيزنگ آفٽر نوميڊس، سو مونکي به بظاهر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ هن قدآور همراهه مان ڊپ لڳندو آهي ته ڪٿي هي وسنديون ڇڏي وڃي جوڳين شڪارين چهڙن چمارن جا نه ويڙها وسائي. ڇو ته اهي خانه بدوش جنهنجي من م کاٽ هڻن ٿا ان جو سارو چين کڻن ٿا، مون ٽنڊوالهيار جي گهٽين ۾ گهمندي ان خانه بدوش ليکڪ خورشيد قائمخاني جي من ۾ به اهڙو کاٽ لڳل ڏٺو هيو جو هن پنهنجي زمين ئي ڪولهين حوالي ڪري انهن کي ڳوٺ ٻڌي ڏنو هيو ۽ پنهنجو آشرم به ان ئي ڳوٺ جي ڪولهين جي گهرن اندر تعميرڪيو هئائين.هڪ ڀيري اسانکي به ان آشرم تي وٺي وڃي مانجهاندو ڪرايو هئائين.پر بعد ۾ جڏهن سندس بيماري جو ٻڌي ساڻس ملڻ ويو هئس ته خورشيد جو هڪ پٽ مٿس ڏمريل هو ته فوج مان ميجر ٿي ريٽائر ڪيائين اسان لاءِ ڇا ڪيائين.اهي ته وڏن ليکڪن جا وڏا قصا آهن سي پيا ٿيندا پر پاڻ موٽي اچون ٿا خالد ڪنڀار جي هن ڪتاب طرف جنهن ۾ مونکي اها ته خبر ناهي ته هن ڪنڀار بدران پنهنجو تخلص جوڳي ڇو لکيو هو پر مصري جوڳي بابت لکيل سندس پروفائيل پڙهي مونکي ايئن لڳو ته مصري جوڳي جيڪي اڪ جي سڪل ڪاٺيءَ واري مرلي مان سر ڪڍي گورين کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو سو ٿي سگهي ٿو خالد به اها اميد رکي هجي پر شڪر ٿيو جو کيس ستت ئي خبر پئجي وئي ته جوڳي ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
خالد جوڳي جي هن ڪتاب ۾ توهانکي تلهار جي ڏيري ۾ ويٺل انهن دراوڙن جو درد به ملندو جيڪي ساڻس سور سليندي چون ٿا ته شايد اسانجي هٿ جي لڪيرن ۾ وطن، ملڪيت يا گهر لکيل ئي ناهي تنهنڪري اسان دربدر آهيون، هن ئي ڪتاب ۾ اهي ڪولهي به ملندا جيڪي شڪار ڪرڻ دوران ڪاتر وارو ڌڪ هڻڻ جا ماهر هوندا آهن، ڪنهن زماني ۾ انهن ڪولهين جي سڃاڻپ ئي ڪاتر هوندي هئي پر هاڻوڪن ڪولهين چواڻي ته سندن نئين نسل کي ان ڪاتر جي ڌڪ جي ڪا خبر ئي ناهي. هن ڪتاب ۾ اهڙن خانه بدوش قبيلن جا دلچسپ قصا به بيان ٿيل آهن جيڪي پنهنجي قبيلي کي ڪنهن هڪ مذهبي دائري ۾ واڙيل نٿا ڏسن، جيئن ناري جا سامي ۽ ڀيل شڪاري قبيلا آهن.جن منجهان ڀيل شڪاري ته رمضان جا روزا به رکن، عيد تي نوان ڪپڙا به پائين، ريتون رسمون مسلمانن واريون ڪن صرف نماز نه پڙهن، اهي ڀيل شڪاري ڪتن ذريعي شڪار ڪرڻ جا ماهر آهن تنهنڪري شڪاري ڪتن سان اهڙو نينهن لڳل اٿن جو ڪڏهن ڪڏهن شادي مهل ڪو نوجوان شڪاري ڏاج ۾ سهري کان شڪاري ڪتو ضد ڪري گهري وٺندو آهي ته سهرو نه چاهيندي به کيس اهو ڏئي ڇڏيندو آهي يا وري ناري جا سامي سي به پنڻ ۾ اهڙا ماهر جو پنندي پنندي وڃي ايران افغانستان کان نڪرندا پر پنهنجو وطن وري به ناري کي سمجهندا.، انهن خالد کي ٻڌايو ته اڳي سندن وڏڙا مذهبي اعتبار کان وڏو گوشت نه کائيندا هئا پر هاڻوڪا سامي ايترا مذهبي نه رهيا آهن تنهنڪري وڏو گوشت شوق سان کائيندا آهن.پنهنجي ٻارڙن جو طوهر به ڪرائيندا آهن حلال جانور کي ڪهڻ مهل سير به پاڻ ڏيندا آهن پر سڏائيندا هندو آهن.انهن ۾ اڃان به ڍارو هڻڻ ۽ هٿ ڏسڻ جو هنر آهي پر پنڻ سندن پهرين ترجيع آهي.خالد ڪنڀار جي هن ڪتاب پڙهڻ جو چس انڪري به آهي جو هن مختصر ڪتاب ۾ ڪيترن ئي خانه بدوش قبيلن جي ريتن رسمن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي جيڪا سندس فيلڊ ورڪ يا فيلڊ ريسرچ جو نتيجو آهي.ڪجهه قبيلن تي پڙهيل ڪتابن ۽ ڏٺل فلمن جي مدد سان به هن شاهوڪار ڪالم لکيا آهن جنهن ۾ هندستاني ٺڳن تي بهتر انداز ۾ تفصيل سان لکيو اٿائين. خانه بدوش قبيلن بابت سندس ڪالمن وارو ڪتاب پڙهندي جڏهن مون ليڙو ڪولهڻ جو پروفائيل پڙهيو ته مونکي الائي ڇو ايئن لڳو ته هي اڌورو ڪالم آهي،ليڙو ڪولهڻ تي ڪو ڀرپور ڪتاب لکڻ يا ڪا ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهڻ گهرجي جيڪا اڻپڙهيل هوندي به ايتري وصيت ڪري وڃي ته کيس زرعي زمين ۾ پورجو ۽ اهو گئوچر ڪري ڇڏجو ته پيو مال چري.ان زمين ۾ ڪا آبادي نه ڪجو ته ان قسم جي عورت بابت واقعي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت آهي، مونکي سندس خر مغز قبيلي ڀورايا جا تفصيل پڙهي مٽياري جي ڀرسان ويٺل اهي ڳهيلا ياد اچي ويا جن جا پرڪار به ڀورايا جهڙا آهن.ڀورايا انيڪ وارداتون ڪرڻ جا ماهر هئا پر مٽياري جي ڳهيلن ته آسپاس جي چورن سان شرطون رکي ان وقت راڻي باغ جي چڙيا گهر ۾ نئين آندل هاٿي چورايو هو جيڪو بعد ۾ ڀوتارن جي ٽياڪڙي بعد واپس ڪيو هئائون، اهي ڳهيلا ڪوهستان جي پالارين وانگر نيشنل هاءِ وي تي هلندڙ ٽرڪن منجهان فرجون، ٽي ويون ۽ ٻيو سامان ايئن لاهي ويندا هئا جو استاد عبدالقادر جوڻيجي چواڻي اک نه ڏسي گوڏي کي….
خالد جوڳي جي هن ڪتاب ۾ کاهي جي انهن پوڙهين طوائفن جو به ذڪر ملندو جن پنهنجي کارن کٻڙن اندر تر جي چڱن ڀلن وڏيرن کي مدارين واري اباڻي ڪرت جيان ڀولڙن وانگر آڱرين تي نچايو هوندو ته ٺڳن ۽ ڪوڪڙين جو به ذڪر ملندو ۽ اهڙن قبيلن جو به ذڪر ملندو جن جو دين ڌرم درياهه بادشاهه هوندو هيو، يعني ساک کڻڻ مهل به درياهه ۾ ٽٻي هڻائي ويندي هئي ته باس باسڻ مهل به درياهه کي ڀيٽا، ان قبيلي جي ڪنهن ماڻهو کي ڪا شڪايت هوندي هئي ته اهو پنهنجي ڀونگڙي اندر ڏينهن جو گولو ٻاري رکندو هيو جنهن مان ان قبيلي جي وڏڙن کي خبر پوندي هئي ته کيس ڪا شڪايت آهي.اهڙن انيڪ قبيلن سان خالد هن ڪتاب معرفت ملاقات ڪرائي ٿو ته اسانکي دلي خوشي ٿئي ٿي ۽ اسان به من اندر هڪ گولو ٻاري هلون ٿا هن سنڌ ڌرتي جي اصل ڌڻين جي اها دربدري ڪڏهن ختم ٿئي ۽ ڪڏهن ته انهن جي حق مالڪيت قبول ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *