تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

خودمختيار صوبن سان ئي ملڪ مضبوط ٿيندو

پاڪستان جو وفاق 1940ع جي قرارداد جي وعدي مطابق ۽ انهي بعد اڻپوروئي سهي، پر 1973ع جي هڪ آئيني معاهدي تحت تاريخي شناخت رکندڙ چئن قومن جي وحدتن تي مشتمل آهي. هن ملڪ جي وفاقي شڪل خوبصورت تڏهن ٿيندي جڏهن صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي بداعتمادي نه هجي ۽ انهي وفاق ۾ شامل تاريخي وحدتن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي اڻبرابري نه هجي. وفاق انهن وحدتن جي وچ ۾ هڪ پل وارو ڪردار ادا ڪندي، ڪن به اهڙن معاملن کي جيڪي اختلافي هجن، انصاف جي ۽ حق جي بنياد تي حل ڪندو هجي. پر هتي سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته وفاق پنهنجو پاڻ کي وحدتن کان الڳ ڪا ڌر سمجهندي هميشه اهو جواز پئدا ڪندو رهيو آهي ته وفاق کي وحدتن ۽ صوبائي حڪومتن جي مخالف سمجهيو وڃي. ڪيتري نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو وفاق ۽ صوبا انهي تي بحث ڪندا هجن ته صوبن جا مفاد ڪهڙا آهن ۽ وفاق جا مفاد ڪهڙا آهن! جڏهن اهو جواز پيدا ڪيو ويندو ته ڪو صوبن جا ۽ وفاق جا مفاد الڳ الڳ آهن ته پوءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ ٽڪراءُ اڻٽر ٿيندو. وفاق جيڪڏهن صوبن جي مفاد کي ئي پنهنجو مفاد سمجهندو تڏهن ئي صوبا به وفاق جي مفادن کي پنهنجو سمجهندا. پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وفاق جي ۽ صوبن جي وچ ۾ اهو اعتماد وارو رستو ڇو نه جڙي سگهيو آهي انهي جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ بنگال وفاق جي ڪهڙين پاليسين جي سبب پري پئجي ويو جو 1970ع سانحو پيش آيو؟ انهن سڀني معاملن تي غور ڪرڻ بجاءِ يا ماضي جي غلطين منجهان سبق حاصل ڪرڻ بجاءِ هر دور ۾ وفاق جي صوبن سان روش نامناسب هئڻ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جو وفاق ڏانهن عدم اعتماد وارو رويو تيزي سان وڌي رهيو آهي
تاريخي شناخت رکندڙ قومي وحدتن سان 1940ع جي قراداد مطابق ڪيل وعدن تي اڄ ڏينهن تائين پوري طرح ته عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي، پر هي ڏينهون ڏينهن جيڪي صوبن کي ڪمزور ڪري وفاق جي مڪمل ماتحت ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون انهي جي پٺيان ڪهڙي سوچ ڪار فرما آهي؟! هي ڪنهن جي سوچ آهي جيڪا ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيٽر کي اعليٰ ايوان اندر اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي کي گهٽائي وفاق جي حصي کي وڌائڻ جي رٿ پيش ڪرائي ٿي؟. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهو دليل ڏنو ٿو وڃي ته صوبن جي مالياتي حصي جي وڌيڪ هجڻ سبب وفاق ڪمزور ٿي رهيو آهي! جڏهن ته وفاق صوبن جي بنياد تي بيٺل آهي، جيڪڏهن صوبا ڪمزور ٿيندا ته وفاق يقينن ڪمزور ٿي ويندو. صوبا وفاق جي بنياد مٿان بيٺل ڪونهن! هتي ابتي سوچ هلي رهي آهي جنهن ۾ اها سمجهيو پيو وڃي ته وفاق جي مضبوطي سان صوبا مضبوط ٿيندا. پر اها سوچ وفاق جي طرز حڪمراني واري سوچ ڪونهي اها مضبوط مرڪز واري سوچ آهي. دنيا جي جن به ملڪن ۾ وفاقي نظام آهي اتي انهي جي ڪامياب هئڻ جو سبب ئي اهو آهي ته اتي صوبا حد کان وڌيڪ خودمختيار آهن ۽ انهي اختيارن جي ڪري انهن جو وفاق سان انتهائي اعتماد وارو مضبوط رشتو آهي. انهي اختيارن ۾ مالي اختيار پڻ صوبن کي مليل آهن. هتي ته مالي اختيار مڪمل طرح وفاق جي هٿ وس آهن انهي جي باوجود به وفاق جي خواهش رهي ٿي ته صوبا انهي جي مڪمل ماتحت هجن. اها ماتحت بنائڻ واري سوچ ئي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ عدم اعتماد جو سبب بڻجي ٿي. هتي جڏهن به اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته صوبن کي مڪمل اختيار ڏئي انهن کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي برابر جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ته يڪدم انهي تي وفاق مخالف هجڻ جو الزام لڳايو وڃي ٿو.
اين ايف سي ايوارڊ جي حصي جو جيتريقدر سوال آهي ته انهي مطابق جيترو وڌيڪ صوبن کي حصو ملي رهيو آهي ته انهي جا جز رکيل آهن جنهن ۾ آبادي سڀ کان وڏو جز آهي. انهي آبادي جي جز سبب ئي پنجاب کي پنهنجي آمدني کان وڌيڪ حصو ملي رهيو آهي، پٺتي پيل هجڻ پڻ هڪ جز آهي جنهن سبب ڪي پي کي سندس آمدني کان وڌيڪ حصو ملي رهيو آهي، مٿان وري وفاقي ترقياتي رٿائن جي نالي ۾ جتان جي وفاقي سرڪار هجي ٿي انهي کي اهو حصو وڌيڪ ملي وڃي ٿو جهڙي طرح هن سال جي بجيٽ ۾ ڪي پي کي تمام گهڻو حصو ترقياتي رٿائن جي مد ۾ مليو آهي. اهو جواز ڏيڻ ته وفاق کي گهٽ حصو ملڻ سبب اهو صوبن جي آڏو محتاج بڻجي ٿو مڪمل طور غلط آهي. وفاق پهنجي غير ضروري خرچن ۽ اهي وزارتون جن جو صوبن ۾ وجود آهي ۽ انهن جو ڪم ۽ ذميواري به انهن صوبن تي آهي ته پوءِ وفاق ۾ اهي وزارتون ڇو رکيون ويون آهن. مثال طور صحت جي وفاقي وزارت جو ڪهڙو ضرور آهي، جڏهن ته صوبن اندر اها وزارت موجودآهي؟ اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي وزارتو وفاق ۾ غيرضروري طور وجود رکن ٿيون اهو ئي سبب آهي ته هڪ طرف وفاق جا خرچ انهي ڪري وڌي وڃن ٿا، ٻئي طرف انهن وزارتن جو صوبن جي وزارتن سان ٽڪراءُ به ٿيو پوي. جهڙي ريت تعليم واري وزارت جي صوبن ۽ وفاق ۾ هجڻ سبب هن وقت تائين يونيورسٽين جو معاملو گڏ وچڙيل ٿيو پيو آهي. صوبن اندر ڪنهن به يونيورسٽي جي وي سي جي مقرري صوبائي حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته معاشي طور اهي وفاق وٽ ڦاٿل آهن.
هن وقت جيڪي به فرد جماعتون يا ڌريون انهي سوچ جون آهن ته مالي طور وفاق کي وڌيڪ حصو ملڻ سان وفاق ۽ ملڪ مضبوط ٿيندو ته اها انهن جي ڪوتاهه نظري آهي. هن ملڪ جي اندر جيڪي صوبا آهن اهي ڪي انتظامي يونٽ ڪونهن اهي قومن جا وطن آهن جيڪي هن وفاق جي گلدستي جي گڏيل خوبصورتي جو سبب پڻ آهن. جيڪڏهن اها سوچ هن وقت به ختم نه ڪئي وئي ته صوبا ۽ وفاق ڪا الڳ الڳ شي آهن ته پوءِ انهي سان جيڪي وڇوٽيون صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ ختم ٿيڻ گهرجن اهي ويتر وڌنديون وينديون. جيڪي ذهن انهي انداز سان سوچن ٿا ته اهي ملڪ جا خيرخواهه آهن ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ئي اهڙيون رٿائون اعليٰ ايوانن اندر پيش ڪري رهيا آهن ته منهنجي نظر ۾ اهي هن ملڪ جا خير خواهه ناهن. انهن کي چڱي طرح اها ڄاڻ آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ انهي عمل سان بداعتمادي پيدا ٿيندي ۽ انهي جي نتيجي ۾ صوبا وفاق کان پري ٿيندا ويندا. تنهن ڪري هن ملڪ کي مضبوط وفاقي طرز حڪمراني تي هلائڻ جي خواهش رکندڙ ڌرين کي هوشيار رهڻ گهرجي ۽ جيڪي به ڌريون صوبن جي ۽ وفاق جي وچ ۾ دوري پئدا ڪرڻ گهرن ٿيون انهن تي کين نظر رکڻ گهرجي ۽ ڪو به اهڙو جواز انهن پئدا ڪرڻ نه ڏجي جنهن سان هي فيڊريشن ڪمزور ٿئي. پاڪستان گهڻ قومي وحدتن جو ملڪ آهي انهي جي مضبوطي ۽ استحڪام صرف ۽ صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن صوبا خودمختيار هوندا. صوبن جو وفاق تي ۽ وفاق جو صوبن تي مڪمل اعتماد هوندو. انهي سان گڏوگڏ اهو يقيني بڻايو ويندو ته ڪنهن به صوبي سان ڪا اڻبرابري ۽ ناانصافي ڪونه ٿيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *