تازا ترين
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

خيرپور کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز ۽ رد عمل

تاريخي خطي خيرپور کي انتظامي لحاظ کان ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز هونئن ته ڪيترن سالن کان ڪر کڻندي پئي ايندي هئي . خيرپور جي وڏي ايراضي ۽ وڌندڙ آبادي جي پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ناڪامي کي منهن ڏيڻ لاءِ خيرپور کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه صرف خيرپور جي سياسي جلسن يا وري سياسي ڊرائينگ رومن ۾ ٿيندي رهندي هئي پر تازو سنڌ ڪابينا جي ميمرن پاران پهريون ڀيرو جڏهن خيرپور کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي ته سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خيرپور جي ٻن سياسي خاندانن جيلاني ۽ وساڻ خاندان پاران خيرپور کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ واري تجويز کي عمل ۾ آڻڻ کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
خيرپور جي جيلاني خاندان توڙي وساڻ خاندان جو ان سلسلي ۾ جيڪو موقف سامهون آيوآهي اهو هي آهي ته صوبائي ڪابينا ۾ خيرپور جو هڪ به نمائندو ڪونه آهي تنهنڪري اهڙي تجويز جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي هنن اهو پڻ چيو آهي ته خيرپور هڪ تاريخي ضلعو آهي ان جي تاريخي حيثيت کي ٽڪرا نه ٿيڻ ڏبا. جيتوڻيڪ خيرپور ۾ جيلاني خاندان ۽ وساڻ خاندان هڪ ئي پارٽي ۾ هجڻ جي باوجود منجهن سياسي دوريون آهن پر هن ڀيري خيرپور کي ٻن ضلعن ٺاهڻ واري معاملي تي ٻئي سياسي خاندان هڪ ئي صف ۾ اچي بيٺا آهن.جڏهن ته خيرپور جا ٻيا سياسي خاندان جن ۾ راڻيپور جا سادات ، ظفر آباد جا ٻانڀڻ ، توڙي کرل آباد جا کرل برادران خيرپور کي ٻن ضلعن واري تقسيم جي تجويز تي هن وقت تائين ٻڙڪ نه ٻولي آهي.لڳي ايئن ٿو ته خيرپور جي سياست ۾ سندن دڪو ئي داخل نه ٿي سگهيو آهي.خيرپور سان لاڳاپيل مسلم ليگ فنڪشنل جي قيادت پاران خيرپور جي انتظامي ورهاست واري تجويز تي رد عمل ڪهڙو ٿو اچي تنهن جو انتظار سندن ووٽرن کي ضرور هوندو پر خيرپور جا سياسي حلقا خيرپور جي هن ورهاستي تجويز کي مسلم ليگ فنڪشل جي حق ۾ قرار نه پيا ڏين.
جڏهن ته خيرپور جي ٽالپرن جي پڻ خيرپور کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ورهائڻ واري تجويز تي خاموشي آهي.
1955ع ۾ جڏهن خيرپور ۽ بهاولپور رياست کي پاڪستان جو حصو بڻايو پئي ويو ته خيرپور جي ميرن پاران پاڪستان سرڪار سان هڪ معاهدو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ماهوار رائلٽي ڏيڻ سان گڏ تاريخي جاين جي وارثي ميرصاحبان جي هٿ هيٺ رکڻ ۽ خيرپور جي حدن کي اصلوڪي حالت ۾ رکڻ ، خيرپور کي ڊويزن جو رتبو ڏيڻ سميت خيرپور لاءِ ترقياتي رٿائن ۾ خاص توجهه ڏيڻ جهڙا شرط معاهدي ۾ درج هئا.ان لحاظ کان جيڪڏهن خيرپور مان ٺهندڙ ٻئي ضلعي جو نالو پڻ خيرپور رهڻ ڏنو وڃي ۽ صرف طرفن جي اضافي سڃاڻپ ڏني وڃي ٿي ته خيرپور جي مير صاحبان کي ڪو اعتراض نه هوندو پر جيڪڏهن نئين ضلعي لاءِ نئون نالو رکيو وڃي ٿو ته ان لحاظ کان خيرپور جي ميرن سميت خيرپور جي اديبن دانشورن لاءِ پڻ اهو عمل خيرپور جي تاريخي حيثيت سان مداخلت تصور ڪيو ويندو.تنهنڪري خيرپور جي ٻن ضلعن واري تجويز کي خيرپور جو ساڃاهه وند علمي ادبي حلقو مشروط بنيادن تي قبول ڪرڻ تي آماده نظر اچي ٿو . انهن جو چوڻ آهي ته خيرپور جي تاريخي حيثيت برقرار رکي وڃي ته خيرپور کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ تي ڪو حرج ناهي جيئن ڪراچي کي انتظامي طور ڪراچي ايسٽ ، ويسٽ ، نارٿ،سائوٿ ۽ ملير نالا ڏيئي ضلعا قائم ڪيا ويا جنهن انتظامي طور تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪنهن قدر آسانيون ٿيون آهن اهڙي ريت جيڪڏهن خيرپور کي پڻ خيرپور ايسٽ ۽ خيرپور ويسٽ نالا ڏيئي ٻه ضلعا ٺاهيا وڃن ته جيئن سرڪاري مشينري کي ڪم ڪرڻ ۾ سولائي ٿي سگهي ۽ عوام جي مشڪلات کي پڻ دور ڪري سگهجي. خيرپور جي ايراضي جيئن ته سنڌ جي وڏن ضلعن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڊيگهه 240ڪلوميٽر ۽ ويڪر 140 ڪلوميٽر ٻڌائي وڃي ٿي ۽ آبادي جي لحاظ کان پڻ خيرپور 35لکن کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ضلعو آهي.اهڙي صورتحال ۾ عوام جي پهچ کان ضلعي هيڊ ڪوارٽر تمام ڏکيو هوندو آهي. خيرپور جي ناري جي علائقي سان سلهاڙيل ڪوٽ جبو جهڙا علائقا جيڪي انڊيا جي سرحدن سان ڳنڍيل آهن يا پڪا چانگ توڙي فيض گنج تعلقي سان وابسته عوام ڏورانهين هيڊ ڪواٽر پهچڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽن ٿا. اتان جو عوام ڊپٽي ڪمشنر توڙي ايس ايس پي وٽ ڪنهن ڪم سانگي اچن ٿا يا سيشن ڪورٽ ۾ ڪيسن جي حوالي سان اچن ٿا ته اهي سمورو ڏينهن سفر ۾ گذارين ٿا.جنهن ڪري معمولي کان معمولي ڪم سانگي به عوام جو پيسو توڙي جسماني تڪليف برداشت ڪرڻي پئي ٿي. عوام کي اهڙن ڪشالن ۽ تڪليف کان بچائڻ لاءِ خيرپور کي انتظامي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهائڻ سان ئي انهن جي تڪليفن کي گھٽائي سگهجي ٿو.جيئن سنڌ جي ٻين ڪيترن حصن ۾ نوان ضلعا قائم ڪيا ويا آهن . لاڙڪاڻي مان قمبر شهداد ڪوٽ يا دادو مان ڄامشورو وغيره ٺاهيا ويا آهن.
خيرپور جي ٻن ضلعن ٺاهڻ واري تجويز پيش ٿيڻ بعد خيرپور جي سياسي وايومنڊل ۾ حرارت پيدا ٿي چڪي آهي ۽ خيرپور جي مک ۽ ڪامياب سياسي گھراڻن پاران خيرپور جي عوام جي مشڪلاتن کي پاسيرو رکي خيرپور جا انتظامي ٻه ڀاڱا قبول نه پيا ڪيا وڃن.اهڙي انڪار جا سبب جيڪي سامهون اچن پيا اهي هي آهن ته خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي تعيناتي جي اين اوسي جيلاني خاندان وٽ جڏهن ته ايس ايس پي جي مقرري جي اين او سي وساڻ خاندان وٽ هوندي آهي ۽ ايئن اٺن تعلقن جي وسيع ايراضي تي انهن ٻنهي ڪِي پوسٽن تان ٻئي سياسي خاندان خيرپور جي سياسي سرشتي کي سوگهو رکندا پيا اچن.کين هينئر خيرپور جي تاريخي حيثيت ضرور ياد پئي آهي پر کانئن اها ڳالهه وسري وئي آهي ته هاڻ خيرپور کي ڊويزن جي حيثيت ڪانهي هينئر خيرپور جي اسٽيشن تي صرف ٻه ٽرينون اسٽاپ ڪن ٿيون . گذريل يارنهن سالن کان خيرپور جو انڊسٽريل زون رولڙي جو شڪار آهي.خيرپور جا تعليمي ادارا مالي ۽ انتظامي بحرانن جي ور چڙهيل آهن.صحت کاتي سميت پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل جهڙا ادارا عوام لاءِ بي فيض بڻجي چڪا آهن.خيرپور جي سياسي ڌرين جي آيل رد عمل تي خيرپور جو عوام شديد مايوسي ۽ ٻڌتر ۾ وٺجندو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *