تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

درويشن جي دنيا

ڳالهه هاڻي ته ڳاٽي کان چڙهي ويئي آهي، اسان اڳ ئي سوچ جي سفر جا ٿڪل مسافر آهيون، اسان جون ذاتي محروميون هاڻي قومي محرومي جي شڪل اختيار ڪري نروار ٿي رهيون آهن. جنهن ڪري فرد جو درد قومي روين تي غالب ٿيندي نظر اچي ٿو. هر ماڻهو جي خواهش آهي ته فقط منهنجي ئي سوچ جي پوئلڳي ڪئي وڃي، اها سوچ ڀلي گٺل پٺل مدي خارج ڇو نه هجي، يا اها سوچ صديون پراڻي هجي. حالتن سان ميچ نه کائيندي هجي، اتساھ کان خالي هجي، غير عقلي ۽ غير سائنسي هجي پر هاڻي هر ماڻهو پنهنجي پاڻ کي عقل ڪل هجڻ واري خاني ۾ رکي سماج مٿان پنهنجي سوچ کي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سماج مٿان پنهنجي سوچ کي غالب ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن، مسئلن ٻئي جي نه ٻڌڻ، پنهنجي ناڙي بيهڻ، پاڻ کان سواءِ سڄي دنيا کي غلط سمجهڻ ۽ هر منجهيل معاملي تي ماهراڻي راءِ ڏيڻ، اهي اهڙا رويا آهن جيڪي هڪ ئي وقت ٻه نقصان ڪن ٿا، پهريون ان فرد جو نقصان جيڪو “مان ئي درست آهيان جي خفت ۾ ورتل آهي” ٻيو نقصان سماج کي هٿرادو اسپيڊ بريڪر سان هڪ هنڌ بيهاري سماج کي سهپ ۽ رواداري کان پري رکڻ جو نقصان آهي، جيڪو نقصان دراصل اڪيلي فرد جي نقصان کان ڪيترائي ڀيرا وڏو نقصان آهي.
ڪجهه ئي ورهيه اڳ اسان وٽ ڳالھه پهچائڻ توڙي پيغام يا نياپن پهچائڻ جا ذريعا محدود ۽ نرالا هئا. سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ “لڪڙ تار” ذريعي نياپا موڪليا ويندا هئا، ان جو طريقو هي هو ته هڪ ماڻهو ڪنهن ڳوٺ ڏانهن وڃي پيو ته ان کي چيو ويندو هو ته جتي وڃين پيو اتان پنجاھ ميل پري اسان جي همراه کي هي نياپو موڪلي ڏج، ته اسان وٽان ترت ٿي وڃي. اهو همراهه ڳوٺ پهچي ڪنهن ڏهن ميلن جي سفر تي ويندڙ ٻئي ماڻهو کي نياپو ڏيندو هو ته نياپي کي اڳيان پهچائي، ائين “لڪڙ تار “هڻي وڃي هنڌ ڪندي هئي ۽ پنجاھ ميلن تي ويٺل ڪنهن ڏاتر ڏني کي آدم جو پيغام ملي ويندو هو ۽ ڏاتر ڏنو ڊوڙندو سفر ڪندو اچي سنگت سان ملندو هو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهن وٽ ڳالهه جي اصل حقيقت يا ڳر تائين پهچڻ جي جستجو به گهٽ هوندي هئي، ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته اهو دور درويشن جو دور هو. مثلن ڪو ماڻهو چوي ته مون واري مرشد جو گهوڙو کيٽو ڪري هلڻ کان کتو جواب ڏيئي بيهي رهيو، مرشد کي به منزل تي پهچڻو ضروري هو سو مرشد لانگ ورائي ڀت تي چڙهي ويهي رهيو ۽ ڀت کي حڪم ڪيائين ته هل هاڻي رس منزل تي، ڀت وٺي ڊوڙون پائڻ شروع ڪيون. خليفي جي ڪيل ان ڳالهه تي ماڻهن جا انبوهه واھ واهه ڪرڻ شروع ڪندا هئا، ڪير به ائين نه چوندو هو ته ڀت ڀلا ڪيئن ڊوڙندي؟!
درويشن جي ان دور ۾ عام ماڻهو ۾ سوال ڪرڻ جي سڪت نه هئي يا وري سوچ جي وسعت نه هئي جنهن ڪري گهوڙو جي کيٽو ڪري يا ڀت جي ڊوڙي اچي ته به واھ واهه ڪبي پر هاڻي دنيا لڪڙ تار جي دوري مان نڪري بنهه ويجهي اکين جي پنبڻين ۾ پيهي رهي آهي، هاڻي برقي پيغام چند سيڪنڊن ۾ ملڪن جون سرحدون ٽپيو هڻيو وڃيو هنڌ ڪن.
دنيا ڳوٺ جي گهٽي جهڙي ٿي ويئي آهي ماسي فاپي، هاڻي ادي صفوران سان نه صرف لائيو وڊيو تي ڪچهري ڪري ٿي پر مرغي فراءِ ڪرڻ جا طريقا به سيکاري وٺي ٿي. اهڙي تيز دنيا ۾ پاڻ مان اڃا گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته سوشل ميڊيا هڪ ٽول آهي جيڪو ويجهڙائي پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ ٿورا ئي ماڻهو آهن جيڪي سوشل ميڊيا کي علم، سمجهه، عقل، ڏاهپ، مهارتن جي ونڊ جو ذريعو سمجهن ٿا. اڪثريت اڄ به سوشل ميڊيا کي پٽڪي ڌوڙ ڪرڻ ۽ پٽڪي ٻڌائڻ جو ڀلوڙ پليٽ فارم سمجهي ٿي. پر سچ ته اهو آهي ته سوشل ميڊيا هاڻي ٽول کان وڌي هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو خبر جي تصديق جي طريقي کان اڻ ڄاڻ آهن، ان ڪري وتائي فقير جي ججهن جي صلاح واري ڪار تي اسان جو گهڻو زور آهي. اوهان تجربو ڪري ڏسو اوهان ٻن منٽن جي ڪا وڊيو ٺاهيو جنهن وڊيو ۾ مفروضا، ڪوڙ، زٽ هجن ان وڊيو کي ڏهن واٽس اپ گروپن ۾ شيئر ڪريو ۽ هڪ فيس بوڪ جي پيج تي رکو اوهان چند گهڙين ۾ ئي ڏسي وٺندا ته اوهان جي ڪوڙ، مفروضن ۽ زٽن تي ٻڌل وڊيو وائرل ٿي ويندي. ڪجهه ئي گهڙين ۾ ملڪ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بريڪنگ نيوز جو اها ئي وڊيو حصو هوندي. هاڻي ٻڌايو ته وائرل ٿيل ان ڪوڙ، زٽ ۽ مفروضن واري وڊيو جي اوهان جي ذات جي خلاف آهي ته ڇا اوهان زوزاٽ ڪري جيٽ جهاز جي رفتار سان هلندڙ وڊيو جي وضاحت ڪري سگهندا. ان ڪري ئي هن دور ۾ ڪوڙ ۽ سچ ۾ فرق ائين ڏکيو ٿي پيو آهي جيئن پاڻ کان اڳ واري درويشن جي دور ۾ مرشد جي لانگ ورائي ڀت تي ويهي ڊوڙائڻ واري ڳالهه جي تصديق ڪرڻ ڏکي هئي. ان ڪري پاڻ سڀني کي سوشل ميڊيا جي هٿيار واري نئين شڪل کي نه صرف سمجهڻو پوندو پر قبول به ڪرڻو پوندو ته واقعي هي خطرناڪ هٿيار آهي، جيڪو شعوري يا لاشعوري طور نه صرف ٻين جي خلاف پر پنهنجي ذات جي خلاف به استعمال ٿي سگهي ٿو.
اوهان تازو چوٽياريون ڊيم ۾ سانگهڙ پوليس جي ايس پي جي ٻاهرين ملڪ مان آيل عورت مهمان جي جتي گم ٿيڻ واري وڊيو وائرل ٿيل ضرور ڏٺي هوندي. جنهن وڊيو ۾ ٻڌايو ويو ته عورت مهمان جي جتي ڳولڻ لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي، هڪ ايس ايڇ او ٻن راتين ۽ ٽن ڏينهن تائين مسلسل مهمان عورت جي جتي ڳولڻ لاءِ ٽوٻن جي جٿي سان چوٽياريون ڊيم تي موجوده هو، اها خبر پهرين سوشل ميڊيا ۽ پوءِ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ٽن ڏينهن تائين دلچسپي جو سبب رهي. بريڪنگ نيوز ۾ رهندڙ هن خبر ۾ ٻڌايو ويو ته پرڏيهه مان آيل عورت مهمان جي جُتي ڏاڍي قيمتي آهي. ڪيترن سوشل ميڊيا جي متحرڪ دوستن لکيو ته ايس پي سانگهڙ کي جيتري پرڏيهي عورت جي جُتي ڳولڻ جي لوري لڳل آهي ان جي اڌ جيتري به جي سنڌ پوليس کي مسنگ پرسن جي ڳولا جي جستجو هجي ته سنڌ ۾ ھوند هڪ به مسنگ پرسن نه رهي.خبر جي حقيقت هيءَ هئي ته چوٽياريون ڊيم ايندڙ پرڏيهي مهمان عورت هڪ ڄنگھه کان معذور هئي جنهن جي جڏهن پير جي جتي چوٽياريون ڊيم ۾ ڪري پئي ته هوءَ هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويئي، ان جي لاءِ هن ملڪ ۾ تڪڙي ٻي جتي ٺهرائڻ وڏو مسئلو هو، ان ڪري ان جي گم ٿيل هڪ پير جي جتي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن خبر کي رڳو پرڏيهي مهمان عورت جي گم ٿيل پير جي جتي طور ڏسجي يا هڪ معذور عورت جي مجبوري طور به ڏسجي!!. ان پاسي اسان جو ان ڪري به ڌيان نٿو وڃي ڇاڪاڻ مقامي صحافي يا سوشل ميڊيا جا متحرڪ دوست جيڪي ڪوڙ، مفروضا ۽ زٽ ٺاهي اسان جي مٿي ۾ هڻن ٿا اسان انهن کي سو سيڪڙو سچ سمجهي اڳتي ڦهلائڻ جو نيڪ نيتي سان ڪم ڪريون ٿا. خبر جي گهرائي ۾ جي اوهان ويندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته هڪ ايس ايچ او ٻئي ايس ايچ او خلاف هن خبر ۾ سنسني خيز چٽڻي ملرائي، پنهنجي ذاتي دشمني جا ليکا چوکا سڌا پئي ڪيا. اها هڪ صوبيدار جي ٻئي صوبيدار جي خلاف ننڍڙي پراڪسي وار هئي جنهن ۾ صوبيدار پنهنجا مقامي ايجنٽ استعمال ڪيا هئا .
هن وقت اوهان پنهنجي ارد گرد ڏسي وٺو ته ماڻھو اميد ۽ نراسائي جي وچ تي بيٺل اوهان کي ملندا، انهن جي ڪيفيت موڳي مٽر کان وڌيڪ نه هوندي هو سڪتي ۾ ورتل هوندا آهن جو اهو فيصلو نه ڪري سگهندا آهن ته هنن جي اڪيلي ذات يا اجتماعي قومي مفادن جي لاءِ آخر درست ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ان ڪري ئي اوهان عام ماڻهن جي زندگي ۾ بنهه نه هجڻ جهڙو تحرڪ ڏسو ٿا، زندگي ڄڻ جامد ۽ هڪ جڳهه تي ٽڪ ٻڌي بيٺل هجي. اهو ئي اڄ جي سوشل ميڊيا جو اڻ ڏٺي هٿيار وارو ڪردار آهي جو عام ماڻهو گهڻو تڻو مونجهاري ۽ اضطراب جو شڪار آهي.
هاڻي رياستن کي وڏي پروپيگنڊا لاءِ تيار ماڻهن جي وڏي کيپ نه گهرجي نه ئي وڏي سيڙپ ٿي گهرجي. گهٽ خرچ ۽ ٿوري وقت ۾ ماڻهن جي راءِ تبديل ڪرڻ جو ڪم هاڻي رياستن جي لاءِ بنھه آسان ٿي ويو آهي. اسان مان گهڻا ماڻهو اڃا درويشن جي دنيا جا رهاڪو آهن، جن کي اٺ وانگر جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ ڪرڻ جي ستي پيل آهي. نهايت ٿورا ماڻهو تبديل ٿيندڙ دنيا جي نئين حڪمت عملين ۽ لقائن سان گڏ بيٺل ملندا جن کي درويشن جا انبوهه ديوانا ئي سمجهن ٿا. اسان مان گهڻا ماڻهو شايد اها ڳالهه هن وقت هضم ئي نه ڪري سگهن ته هي دور گهڻ طرفي ترقي جو دور آهي. مختلف شعبن ۾ هٿين خالي ماڻهو مهارت جي سگهه سان ترقين جون منزلون طئي ڪري دنيا جا امير ترين ماڻهو ٿي رهيا آهن. ڪريم ۽ اوبر ڪمپني جي مالڪن وٽ پنهنجي هڪ به ٽيڪسي ناهي، ان هوندي به هو رڳو پاڪستان ۾ ڏھ ھزار کان مٿي ٽيڪسين، رڪشائن ۽ موٽر سائيڪلن جو سوئچ آن ڪرڻ جي پاڻ وٽ چاٻي رکن ٿا. جن وٽ پنهنجي جھوپڙا هوٽل به ناهي سي دنيا جي فائيو اسٽار هوٽلن جا کيسي ۾ پيل اينڊ رائيڊ موبائيل ذريعي ڪمرا بوڪ ڪن ٿا. ڄڻ دنيا جي هوٽلن جون چاٻيون انهن ماڻهن جي کيسي ۾ پيل آهن. ٻئي طرف ڪجهه ئي سالن ۾ ميڊيڪل سائنس جي ترقي جو اهڙو دور اچي ويو آهي جو لنڊن جي اسپتال ۾ ويٺل دل جي بيمارين جو ماهر سرجن، حيدر آباد جي لال بتي اسپتال ۾ داخل مريض جي دل جي سرجري ڪري سگهي ٿو. هن جديد دور ۾ پاڻ کي اڄ ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي سوشل ميڊيا، پٽڪو ڌوڙ ڪرڻ جي ٽول طور کپي، هٿيار طور کپي يا علاج طور کپي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *