تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

دنيا جي نظرن کان اوجھل سنڌ جا خوبصورت سامونڊي ڪنارا.

جڏھن ڪو دوست ٻاھرين ملڪن جو سير ڪري موٽي اچي اتان جي خوبصورت سامونڊي بيچز جي تعريف ڪندي چوندو آھي ته واھه يار ڇا ته سامونڊي ڪنارن جي سونھن ھئي، اسان ته ھتي رڻ پٽ ۾ رھيا پيا آھيون، تڏھن مونکي سنڌ جي بيابان بڻيل ساحلي ڪنارن جي ياد اچي ويندي آھي جيڪي اٻاڻڪا بڻيل ۽ کارو پاڻي، سم ۽ ڪلر اوڳاڇي رھيا آھن، ڪراچي جي حدن کان اڳيان ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٿر تائين عربي سمنڊ جا سنڌ کي لڳندڙ ڪنارا ڇا دنيا جا بھترين بيچ نه ٿا ٿي سگھن؟ ھنن ڪنارن تي جيڪڏھن تفريح گاھون ٺاھي، خوبصورت ريسٽورنٽ لڳائجن، ھاربرز کي ترتيب ڏئي، روڊ رستن جو ڄار وڇائجي ۽ اھي رستا ٿر، بدين، سجاول ۽ ٺٽي کي حيدرآباد کان ويندي سکر سان ڳنڍي ڇڏين ۽ ٿر کان ڪراچي تائين ڪوسٽل ھاءِ وي جوڙي لڳولڳ ريلوي لائين وڇائجي ته سنڌ جا ھي سامونڊي ڪنارا ۽ بيچ دنيا جي ڌيان جو مرڪز ٿي سگھن ٿا. ھي ھنڌ سياحن لاءِ پرڪشش ان ڪري به ٿي سگھن ٿا جو ھتان جي سالياني موسم معتدل ۽ بھترين آھي، ھتي گرمي به برداشت جي حد تائين ٿئي ٿي ۽ سردي پڻ وچٿري رھي ٿي، ھتي اھڙا بندرگاھه ٺھڻ سان ھڪ طرف ھزارين ماھيگيرن کي سھولتون فراھم ٿي سگھن ٿيون ته ٻئي طرف ھوٽلن، رھائشگاھن، بيچز ۽ ٻين اھڙين سياحتي ۽ ڪاروباري جڳھين تي ھزارين نوجوانن کي روزگار جو موقعو ملي سگھي ٿو، ان کان علاوه سمنڊ کي پڻ بند ٻڌجي ويندو جنھن سان سامونڊي کاڌ رڪجي ويندي ۽ سمنڊ جيڪو روزانو خشڪي جي وڏي ايراضي پائي رھيو آھي سا بچي ويندي، پر سنڌ جي ھن سامونڊي ڪناري تي اھڙيون ترقياتي رٿائون شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي يا ته شايد فرصت ناھي يا دلچسپي ناھي جو ان بابت ڪڏھن سوچيو ئي نه ويو آھي.
حڪمرانن جي اھڙي عدم دلچسپي سبب حالت اھا آھي جو سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني ٺٽي کان ويندي ٿر تائين سمنڊ جي ڪنارن کان ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين بيابان زمينون پيل آھن جيڪي سم ۽ ڪلر جي ور چڙھي تباھه ٿي ويون آھن، لکين ايڪڙ ايراضي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ روزانو جي بنياد تي خشڪي جي ايراضي سمنڊ جو کاڄ ٿي رھي آھي، ساحلي علائقن تي رھندڙ مسڪين ماڻھن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ٿو ملي، سندن چوپايا بکن وگھي مري رھيا آھن، کين روزگار جو ڪو ذريعو ميسر ناھي، ڪنھن ھنگامي حالت يا بيماري جي صورت ۾ ھتان جا ماڻھو روڊ رستا نه ھجڻ ڪري شھرن جي اسپتالن تائين پھچڻ کان اڳي ئي دم ڏئي ڇڏين ٿا ۽ ڪيتريون ئي زندگيون ضايع ٿي چڪيون آھن ۽ ھزارين ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ٻين ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن، پر جيڪڏھن سنڌ جي ھن سامونڊي ڪناري تي ترقياتي رٿائون جوڙي، روڊ رستا تعمير ڪرائي، سياحتي مرڪز ٺاھيا وڃن، ماھيگيري لاءِ بندرگاھه ۽ ھاربر، اسڪول ۽ اسپتالون جوڙيون وڃن ۽ ريسٽورنٽس ۽ رھائشگاھون تعمير ڪيون وڃن ته نه صرف مقامي ماڻھن کي روزگار ۽ ٻيون سھولتون ملي سگھن ٿيون پر ھي علائقا دنيا جي سياحن لاءِ پرڪشش ھنڌ بنجي سگھن ٿا.
دنيا جا اڪثر وڏا شھر ۽ واپاري مرڪز سامونڊي ڪنارن تي ئي آباد آھن ۽ ملڪي آمدني جو وڏو ذريعو ھجن ٿا پر افسوس جو سنڌ ۾ موجود ھن وسيع ڪناري کي سرڪار بلڪل وساري ڇڏيو آھي جنھن ڪري ھڪ طرف مقامي ماڻھو تڪليفن جو شڪار آھن ته ٻئي طرف آمدني جو وڏو ذريعو رڪيل آھي، سنڌ جي ساحلي ڪناري تي ھتان جي قديم تھذيب ۽ تاريخ جا پڻ ڪيترائي ماڳ ۽ مڪان موجود آھن جن مان ڪيترائي ھاڻي ميسارجي پنھنجو وجود وڃائي چڪا آھن ۽ ڪيترن جا آثار به ھاڻي نالي ماتر وڃي رھيا آھن پر ڪنھن حڪومتي اداري سنڌ جي ساحل جي ھن قديم تاريخ ۽ ماڳن کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪڏھن ڪو ڪم نه ڪيو آھي، ھاڻي ٿوري ميار ھتان جي چونڊيل نمائندن کي به ڏئي سگھجي ٿي جو ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٿر مان ووٽ کڻي ايوانن ۾ پھتل چونڊيل نمائندن ڪڏھن به اسيمبلين ۾ سامونڊي ڪنارن تي ترقياتي رٿائن لاءِ سرڪار تي ڪو جوڳو زور نه ڀريو آھي، مسڪين ماڻھو ته يقينن اميدون انھن مان ئي رکندا جن کي ووٽ ڏين ٿا ۽ اھا ذميواري پڻ ووٽ وٺندڙن تي ھوندي آھي ته ھو مسڪين ماڻھن ۽ پنھنجن علائقن جي ترقي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪم ڪن،  ھتان جا ماڻھو اميد ڪن ٿا ته چونڊيل نمائندا سنڌ جي ساحلي علائقن کي دنيا جي ترقي يافتا بيچز جھڙو بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *