تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

دنيا دم درياهه…..

گرمين جي ڇتي مند جڏهن به ايندي آهي ته مونکي سکر ضرور ياد ايندو آهي جتي زندگيءَ جا ڪيئي قيمتي ورهيه زماني جي خاڪ ڇاڻيندي گذاريا آهن.انهن ئي گرمين واري مند ۾ اسان پنهنجي پنهنجي اخبارن جي انهن ٻوساٽيل ڪمرن مان ڪجهه گهڙيون تازي هوا کائڻ لاءَ نڪرندا هئاسين جتي اي سي وغيره لڳل ڪو نه هوندو هيو ۽ سڄو سڄو ڏينهن پي ٽي سي ايل واري آفيس فون سان ڄڻ ته ٻڌا پيا هوندا هئاسين.ان زماني ۾ موبائيل فون وغيره اڃان ايجاد نه ٿي هئي نه ئي واٽس ايپ گروپن ۾ خبرون موڪليون وينديون هيون. اسان گرمين جا ستايل ڳوٺاڻي ماحول جيان آفيسن جي ڇتين واري پٽ تي بسترا لڳائي سمهندا هئاسين.جتي ياسين جوڻيجو پنهنجي عادت موجب قميص لاهي وڏي ٿيل پيٽ سميت ڪانڀ ڪڍي ويهي سڃائيءَ ۾ به گولڊ ليف جا سگريٽ پيئندو هيو.انهن ئي گرمين جي ڏينهن ۾ اسان بندر روڊ ڀرسان سر راهه واري ڪولڊ اسپاٽ تي به جام ويهندا هئاسين جتي گرم ٿڌو کير ملندو هيو.ڪڏهن ڪڏهن اتي به آرام نه ايندو هيو ته ڪا چانڊوڪي رات ڏسي اسان ساڌ ٻيلي سامهون ان راج گهاٽ جو رخ ڪندا هئاسين جنهن جو ذڪر اياز جي لکڻين ۾ پڙهي وڏا ٿيا هئاسين. پر بعد ۾ خبر پئي ته اهو انڊيا وارو راج گهاٽ هيو پر اسان سکر ۾ پراڻي مندر جهڙي بڙ جي ڇانو واري ان گهاٽ کي راج گهاٽ بڻائي ڇڏيوهو جتان ميوون جا واپاري ڪاٺ جون پيتيون ڪچي مان ٺهرائي ٻيڙين تي کڻائي ايندا هئا.. سانوڻيءَ جي مند ۾ درياهه پنهنجي اوج تي هوندو آهي تنهنڪري اسان بندر وال جي مٿين ڏاڪن کان ٿورو هيٺ لهي پير پسائي ويهندا هئاسين.جتي خاموشيءَ سان وهندڙ درياهه ۾ هڪ اهڙي دهشت هوندي هئي جهڙي هاڻوڪين عام حالتن ۾ هلندڙ سنڌي سماج اندر به هڪ دهشت ۽ ڪجهه ڪجهه وحشت ڀريل آهي.. چانڊوڪي رات ۾ پاڻي پنهنجو پاڻ سان ڪيترائي وڏا وڻ ، ٻوڙا ۽ ٻيا ٻوٽا لوڙهي ايئن کڻي ايندو هيو جيئن هاڻوڪي سنڌ ۾ ستايل ماڻهو ڪيئي راز کڻي هلندو رهي ٿو.مونکي اها رات اڃان به ياد آهي جڏهن اسان وٽ ڪجهه پري جا مهمان آيل هئا ۽ انهن کي به اسان ماني وغيره کارائي جڏهن چهل قدمي ڪندي نقلي راج گهاٽ تي وٺي آيا هئاسين ته درياهه ۾ پري کان ڪو ٻوڙو وهندي نظر آيو پر اسان سڀني مٿان تڏهن دهشت حاوي ٿي وئي جڏهن ڪچي مان آيل هڪ مهمان پنهنجي تجربي جي آڌار ٻڌايو ته اهو ڪو ٻوڙو يا وڻ وغيره نه پر ڪنهن عورت جو لاش آهي.هن چيو پاڻيءَ ۾ لاش هميشه اونڌي منهن پيل هوندو آهي ۽ وهندي وهندي سڄي ويندو آهي.عورت جي لاش جي سڃاڻپ سندس وڏن وارن ۽ رنگين ڪپڙن مان ٿيندي آهي.هن وڌيڪ تفصيل سان ٻڌائيندي چيو درياهه ۾ پاڻي چڙهي اچڻ سان ڪچي ۾ خون ريزي وڌي ويندي آهي.ڪچي ۾ ڪنهنکي به ڪو شڪ يا غيرت جو معاملو ٿيندو آهي ته اهو شڪ دور ڪرڻ لاءَ ڪنهنجو به قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيندو آهي.هن پنهنجي تجربي آڌار ڳالهه کٽائيندي ٻڌايو ته سائين درياهه بادشاهه جو پيٽ وڏو آهي اهڙا ڪيئي لاش روزانو سنڀالي کڻي وڃي الائي ڪٿي ٿو پهچائي پر ڪنهن سان ڪا شڪايت نٿو ڪري.
هو ڪچي جو اڻپڙهيل پر تجربيڪار ۽ زماني شناس ماڻهو هيو جنهن مختصر لفظن ۾ درياهه سان لاڳاپيل هڪ ڪهاڻي بيان ڪئي.اهڙن ماڻهن سان ملي مونکي لڳندو آهي ڄڻ ته مون ڪو علي محمد شاهه راشدي جو نثر پڙهي ورتو هجي يا نسيم کرل جي ڪا ڪهاڻي پڙهي ورتي هجي جتي ڪنهن نه ڪنهن نمبر واري دروازي ۾ ڪو نه ڪو لاش ڦاٿل آهي جنهنجي حدن جو تعين اڃان ٿيڻو آهي.هاڻي جڏهن رئونشي بازي ڊجيٽل ايج ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ اڪثر نوجوان پب جي گيم تي پابندي سبب پريشان آهن ته مونکي پريشاني وڏا ڇڇر واري ان نوجوان عورت جي آهي جنهنجو لاش لاوارث حالت ۾ ڪو خوني روڊ تي اڇلائي ويو آهي.اسان جيڪي سموري عمر لاشن جا فوٽو اخبارن ۾ نه لڳائڻ جي اپيل ڪندا رهياسين هاڻي انهن کي به سوشل ميڊيا تي اهڙين عورتن جا لاش ڏسڻ لاءَ ملن ٿا جن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هجي.رڳو وڏا ڇڇر ڇو ڪشمور کان مڪليءَ تائين هاڻي ته اهڙين عورتن جا لاش ملن ٿا جن مٿان زماني جي خدائن کي شڪ آهي ته انهن جي چال چلت درست ناهي.مڪليءَ ۾ ڪلٽس ڪار مان عورت جو لاش ڪجهه ڏينهن اڳ مليو هو
هتي هزارين خدا زماني ۾ ڪنهنکي ڪنهنکي خدا چوي ڪوئي..
گرمين جي مند ۾ جيتري ماڻهن کي انبن جي پيٽين واري گفٽ ملڻ جي خوشي ٿيندي آهي ايتري ئي اداسي مونکي ڪنهن بيگناهه عورت جو لڙهندڙ لاش ڏسي ٿيندي آهي جنهن اداسيءَ کي ڏسي منهنجو هڪ سنجيده دوست چوندو آهي ته يار توهانکي هروڀرو هر نظاري ۾ ڪا نه ڪا اهڙي شئي ڳولڻ جي عادت پئجي وئي آهي جنهن مان اداسي جنم وٺي.هو انهن لفظن کي جڏهن ايئن هروڀرو مثبت انداز سان بيان ڪندو آهي ته مونکي سنڌي نصابي ڪتابن وارو سبق چانڊوڪي رات ۾ درياهه جو سير ياد اچي ويندو آهي.جنهن ۾ چانڊوڪي رات سان گڏ درياهه بادشاهه جي پاڻين جا نظارا مثبت انداز ۾ بيان ڪيل آهن جتي ملاح هوجمالو ڳائيندي ڏيکاريل آهن پر کيس ڪهڙي خبر ته هن ڊجيٽل ايج ۾ سانوڻيءَ جي مند واري مستو مست وهندڙ درياهه جي هر هڪ لهر اندر ڪنهن نه ڪنهن بيگناهه عورت جي چڳ لڙهيل آهي ڪنهن نه ڪنهن بيگناهه عورت جي لاش جو بار آهي جنهن بار کان درياهه به سهڪندو سهڪندو ڪوٽڙيءَ تائين پهچي ٿو ۽ اهو بار لاهڻ لاءِ سمنڊ تائين سفر ڪري ٿو.. .کيس ڪهڙي خبر ته ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي سنڌودرياهه تي صدين کان بادشاهي ڪندڙ امير البحر واري قبيلي جي هڪ عورت جي بيباڪيءَ کي ابن قاسم جي پوئلڳن ايئن ڪٺو جيئن ڪچي جو ڪو وحشي مرد پنهنجي عورت مٿان شڪ ڪندي سندس وجود ڪهاڙين سان ڳترا ڳترا ڪري درياهه ۾ اڇلي ۽ اسين عام تماشائي بڻجي ان لڙهندڙ نسل واري لاش کي راج گهاٽ تان چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ لڙهندو ڏسون پر ڪري ڪجهه نه سگهون..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *