تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

دنيا کي دڳ ڏسيندڙ مثالي منڊيلا

نيلسن منڊيلا  18 جولاءِ 1918ع ۾ڏکڻ آفريڪا جي  ڏکڻ اوڀر  واري علائقي ٽرانسڪي جي مک ضلعي امٽاٽا ۾ مباسي ندي جي ڪناري تي آباد مويزو نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾  پيدا ٿيو سندس خاندان جو تعلق ٿيمبو قبيلي سان هيو جيڪي ڏکڻ آفريڪا جي ٽرانسڪي قبيلي ۾ نسلن کان بادشاھه رهندا آيا هيا. نيلسن منڊيلا جو پيءَ گاڊلا هينري مپاڪنيسوا مويزو شهر جو سربراھه هيو هن جي پيءَ چار شاديون ڪيون جن مان کيس 13 ٻار پيدا ٿيا. منڊيلا  ٽين نمبر زال مان هيو. سنڌس نالو روليهلاهلا رکيو ويو جنهن جو مطلب هيو “وڻ جي ڏار کي ڇڪڻ” هي پنهنجي خاندان جو پهريون ٻار هيو جنهن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اتي سندس ماسترياڻي مس مڊ نگاني مٿس انگريزي نالو نيلسن رکيو.  نيلسن منڊيلا جي پيءَ هن جي اهڙي نموني تربيت ڪئي جو  هن پنهنجي قبيلي جي چيف سردار جي صلاحڪار  طور  پنهنجا فرض نڀايا هيا. ڏکڻ آفريقا هڪ نسلي بنياد تي ٻڌل قانون ۽ حالتن جو هڪ قبائلي معاشرو رهيو آهي تنهن سماج مان  نڪري ڏکڻ آفريقا جي سياسي آسمان جو چمڪندڙ  سچ بڻجي نيلسن دنيا ۾ پنهنجي تاريخ ۾ جاءِ ٺاهي . نيلسن منڊيلا جي سياسي زندگي تي نظر ڦيرائبي ته خبر پوندي ته هن جڏهن 11فيبروري 1990ع تي ستاويهن سالن جي ڊگهي قيد کانپوءِ  آزادي ماڻي ته هن فيصلو ڪيو ته  هي  پنهنجي مخالفن کان بدلو  نه وٺندو پر مفاهمت ۽ مصلحت جو رستو اختيار ڪندو. هن سمجهيو  پئي ته ڏکڻ آفريقا کي بدلي جي سياست  بدران ماضي کي وساري مستقبل ۾  ڏکڻ آفريقا جي نئين سر اڏاوت ڪجي ۽  سامراج کي شڪست  ڏئي منزل طرف روان دوان ٿجي. درگذر ڪرڻ ۽ پنهنجي مخالفن کي معاف ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي منڊيلا چيو“هاڻ اهو ممڪن ئي نه آهي ته هي ملڪ هڪ ٻي نسلي استحصال ۽ جبر جو تجربو ڪري سگهي. اسين ڪارا ۽ گورا ماضي جون تلخيون وساري  نئين ڏکڻ آفريقا جي اڏاوت لاءِ وک سان وک ملائي اڳتي وڌنداسين.“
منڊيلا جڏهن جوهانسبرگ ويو ته  اتي وڪالت جي تعليم دوران هن جي زندگي جو يادگار ۽ اهم موڙ ثابت ٿيو اتي هن جي ملاقات هڪ ڪاري وڪيل والٽر سيسولو سان ٿي، جيڪو پڻ اڳتي هلي ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي متڀيد جي خلاف ويڙهه جو اهم اڳواڻ ثابت ٿيو. منڊيلا پنهنجي آتم ڪهاڻي، Long Walk To Fredom ۾ والٽر سيسلو جي عقل ڏاهپ ۽ حڪمت عملين کي دل کولي داد ڏنو آهي.والٽر سيسولو ئي منڊيلا جي سياسي سفر جو ساٿي هيو جنهن سان ئي گڏ هن آفريقن نيشنل ڪانگريس جي جلسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوءِ اي اين سي ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي منڊيلا ۽ ڪجهه ٻين نوجوانن، اي اين سي جي جهنڊي هيٺ يوٿ ليگ قائم ڪئي.1946ع ۾ ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا، جن منڊيلا جي سياسي سفر جر رخ جو تعين ڪيو ۽ سندس سوچ جي محور کي به ڪافي متاثر ڪيو . انهن مان هڪ واقعو ريف جي علائقي ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي هڙتال هئي، جنهن ۾ ستر هزار آفريقي نوجوانن حصو ورتو. هڙتال جي ڪاميابي نيلسن منڊيلا کي متاثر ڪيو. اهو آفريڪي تاريخ جو بيمثال واقعو هو جنهن ۾ ستر هزار، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هڙتال تي رهيا.هڪ ٻي واقعي جنهن منڊيلا کي متاثرڪيو اهو ڏکڻ آفريقا ۾ رهندڙ هندستانين جي  حقن لاءِ هلايل سول نافرماني جي تحريڪ جو هيو سندن تحريڪ ان نوعيت جي هئي جو هڪ وڏي متحرڪ جدوجهد بڻجي وئي. ان تحريڪ جي حوالي سان منڊيلا ڳالهائيندي چيو ته “هنن اسان کي ياد ڏياريو ته آزادي فقط تقريرن، جلسن، قراردادان جي منظور ڪرڻ ۽ وفدن موڪلڻ سان نه ملندي، پر اها ته بهترين تنظيم، ويڙهه عوامي عمل ۽ سڀني کان وڌيڪ اهو ته قرباني لاءِ تيار ٿيڻ جو نالو آهي.“
1947ع ۾ منڊيلا کي اي اين سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، اها پارٽي ۾ سندس پهرين باقاعده ذميواري هئي. منڊيلا چواڻي “منهنجي تنظيمي زندگي ۾ ھي اهم موڙ هو.”
1951ع ۾ منڊيلا کي يوٿ ليگ جو صدر چونڊيو ويو.
1951ع ۾ منڊيلا پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو، ۽ کيس والٽر سيسولو ۽ ارڙهن ٻين آفريقي اڳواڻن سان گڏ سخت پورهئي سان قيد ۾  رکيو ويو  قيد جي سزا جو اهو مدو ٻن سالن تائين  هيو. 1953ع ۾ هن اي اين سي جي مستقبل جي ڳجهن آپريشنز جي رٿابندي ڪئي، جنهن کي ايم پلان (منڊيلا پلان) چيو وڃي ٿو. ايم پلان تحت تنظيم نوان ڪارڪن ڀرتي ڪيا وقت گذرڻ سان گڏ منڊيلا سمجهو ٿي ته نسلي حڪومت قانون جي دائري ۾ رهي ٿيندڙ جدوجهد کي ڪا به اهميت نه پئي ڏي ۽ اهڙي هر هلچل کي ڏاڍ جي زور تي ختم ٿي ڪري ڇڏي. تنهن ڪري هو اي اين سي جي اڳواڻن کي ان ڳالهه تي قائل ڪندو رهيو ته عدم تشدد هاڻ بيڪار آهي، ان سان گوري حڪومت کي بدلائي نٿو سگهجي ۽ آخر ۾ تشدد ئي اهو اڪيلو هٿيار آهي، جنهن سان نسلي متڀيد جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو ۽ مستقبل ۾ اسان کي اهو هٿيار استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ان جي نتيجي ۾ هڪ نئين تنظيم قائم ڪئي وئي ۽ ان کي منظم ڪرڻ ۽ ڪاررواين جي ذميواري منڊيلا جي حوالي ڪئي ويئي. منڊيلا  ان  کي منظم ڪيو ۽ 16 ڊسمبر 1961ع تي پهرين هٿياربند ڪارروائي ڪئي. حڪومت پهرين ته انهن ڪاررواين تي ڌيان نه ڏنو، پر پوءِ اهي ڪارروايون سندن مٿي جو سور بڻجي ويون. هاڻ حڪومت هر حال ۾منڊيلا کي گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو. پر هن ويس بدلائي پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون. حڪومت پاران سندس گرفتاري لاءِ “ڪارو جهنگلي” ڪوڊ ورڊ به استعمال ڪيو ويو   منڊيلا “ ڊيوڊ موتسايامي” جو فرضي نالو اختيار ڪيو. ان وچ ۾ حڪومت آفريقن نيشنل ڪانگريس تي پابندي وجهي ڇڏي. منڊيلا ملڪ کان ٻاهر هليو ويو، جتي هن آفريقي ملڪن جو دورو ڪيو، ايم ڪي جي لاءِ فوجي سکيا ۽ فنڊن جو بندوبست پڻ ڪيو.
ملڪ موٽي اچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ کيس گرفتار ڪري حڪومت مٿس ڪيس هلايو ۽ کيس عمر قيد جي سزا ڏيئي“بدنام ٻيٽ“ رابن آئيلينڊ” ۾ قيد ڪيو.
قيد دوران منڊيلا کي اهو سمجهڻ جو موقعو مليو ته هر جنگ جو نبيرو ڳالهين ۾ ئي آهي. آخرڪار حڪومت ۽ منڊيلا جي وچ ۾ پهرين ڳجهي ملاقات مئي 1988ع ۾ ٿي. گورن کي ڊپ هو ته جيڪڏهن ڪارن کي اقتدار مليو ته هو يا ته گوري اقليت کي قتل ڪري ڇڏيندا يا ملڪ مان تڙي ڪڍندا. منڊيلا گورن کي يقين ڏياريو ته ڏکڻ آفريقا تي جيترو ڪارن جو حق آهي، اوترو ئي گورن جوحق پڻ. ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي اڻ ڌريون چونڊون ڪرايون وڃن. 3 جون 1993ع تي ٻنهي ڌرين ۾  ٺاهه ٿيو ۽ ڏکڻ آفريقا جي تاريخ ۾ 27 اپريل 1994ع تي چونڊيون ٿيون جنهن ۾ سڀني نسلن جي ماڻهن حصو ورتو. چونڊن ۾ اي اين سي ڪاميابي ماڻي ۽ منڊيلا 10 مئي 1994ع تي ڏکڻ آفريقا جي پهرئين ڪاري صدر ۽ قومي حڪومت جي سربراهه جي حيثيت سان قسم کنيو ، ان موقعي تي نيلسن منڊيلا تقرير ڪندي چيو ته “ اسين عهد ٿا ڪريون ته اسين پنهنجي عوام کي غربت، ڏکن، نسل پرستي ۽ ٻين غير فطري فرقن کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين”
منڊيلا پنجن سالن تائين قومي حڪومت جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ 1999ع ۾ پنهنجو مدو پورو ڪري صدارت تان رٽائرڊ ڪري هڪ مثال قائم ڪيائين. صدر جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هن عوام جي ڀلي لاءِ “ منڊيلا فائونڊيشن ” قائم ڪئي. سياسي سرگرمين سبب منڊيلا جي ذاتي زندگي تي پڻ وڏو اثر پيو،  سندس ازدواجي زندگي مختصر ۽ ايتري ڪامياب  ثابت نه ٿي سگهي 5 ڊسمبر 2013ع تي 95سالن جي  عمر ۾  وفات ڪندڙ نيلسن منڊيلا دنيا جي سڀني اڳواڻن ۽ عام ماڻهن لاءِ ڪيترائي  مثال ڇڏي ويو آهي جنهن تي عمل ڪري دنيا سک جو ساھه کڻي سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *