تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

دوائن جي اگهن ۾ واڌ، ماڻهن کي ساهه کڻڻ ته ڏيو

وفاقي ڪابينا دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي وڌيڪ مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا عوام اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب پريشان پنهنجي ٻن ويلن جو بندوبست ڪرڻ کان ئي لاچار هئي اها هاڻي زندگيون بچائيندڙ دوائن جا اگهه وڌڻ ڪري اهي به وٺڻ کان محروم ٿي ويندي. ان کان اڳ به دوائن جون قيمتون وڌايون ويون هيون ۽ حڪومت جي منظوري کانسواءِ به دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون اگهه وڌائينديون رهنديون آهن جنهن مان لڳي ٿو ته انهن دوائن جي ڪمپنين تي حڪومت يا ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪو ڪنٽرول ناهي. حڪومت ۽ قومي صحت جي وزارت کي اهو اختيار آهي ته سال اندر دوائن جي اگهن جو جائزو ورتو وڃي پر هن ڀيري ته هي ٻيو دفعو ٿيو آهي جو دوائن جون قيمتون وڌايون ويون آهن ان کان اڳ ۾ آگسٽ مهيني دوران 7 کان 10 سيڪڙو تائين دوائن جي ڪمپنين کي اگهه وڌائڻ جي حڪومت طرفان اجازت ڏني وئي هئي جنهن ڪري دوائن جا اگهه اڳ ئي عام ماڻهو جي قوت خريد کان مٿي ٿي ويا هيا هاڻي وري زندگي بچائڻ جون 94 دوائن جون 50 سيڪڙو وڌائڻ جي اجازت ڏئي ڄڻ ته ماڻهن کي ساهه کڻڻ جهڙو به نه ڇڏيو آهي.
اسان وٽ اهو رواج رهيو آهي ته فيصلا ڪرڻ وقت عام ماڻهو کي نظر ۾ نه رکيو ويندو آهي ڪهڙو به معاملو هجي رڳو پيداواري قوتن جي مفاد کي ڏسي فيصلا ڪيا ويندا آهن پوءِ اهو کنڊ جو اگهه طئه ڪرڻو هجي يا پيٽرول جي قيمت تي نظر ثاني، سدائين اهي شيون پيدا ڪندڙ قوتن يا ڪمپينين کي فائدو ڏنو ويو آهي ڀلي کڻي عوام تي نه کڻڻ جيترو بار اچي وڃي پر انهي جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي .ڪجهه وقت اڳ جڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ کان وٺي اٽي ،کنڊ ۽ پيٽرول جو بحران ٿيو ته ان جو متبادل اهو ڪڍيو ويو ته انهن جا اگهه وڌائي مارڪيٽ ۾ انهن جي موجودگي يقيني بڻائي وئي، جنهن جو ٻيو مطلب اهو هو ته حڪومت سرمائيدارن ،واپارين ۽ انهن ڪمپنين آڏو ايڏو بيوس هئي جو گهٽ اگهه تي اهي شيون فراهم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي ۽ پوءِ 60 واري کنڊ 100 رپيا ڪلو تائين پهتي ۽ اٽو 45 مان وڌي 60 رپيا ڪلو تائين پهچي ويو ،جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه صفا ڪري پيا ۽ ملڪ ۾ ان جو اگهه گهٽائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته سڄي ملڪ مان پيٽرول ئي غائب ٿي ويو جنهن تي حڪومت پيٽرول مافيا آڏو گوڏا کوڙي عوام کي ڏنل ٿورو رليف به واپس وٺي پيٽرول جون قيمتون وڌائي ڇڏيون ۽ منطق اهو ڏنو ويو ته اگهه وڌائي پيٽرول جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هاڻي دوائن جي معاملي ۾ به ڪابينا جي اجلاس کي اهو ٻڌايو ويو ته زندگي بچائڻ وارين دوائن جي قيمت گهٽ هجڻ ڪري اهي دوائون مارڪيٽ مان غائب ٿي ويون هيون ۽ انهن جي جاءِ تي غير معياري دوائون ملي رهيون هيون تنهن ڪري اگهه وڌائي انهن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي جنهن سان عوام کي گهٽ اگهه تي معياري دوائون ملي سگهنديون. عجيب منطق آهي هن حڪومت جو پنهنجي فيصلن تي عمل ڪرائڻ بدران عوام تي بار وجهي ان کي عوام لاءِ سهولت جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي جي ماريل عوام جيڪا اٽي کنڊ ۽ عام استعمال جي شين کان وٺي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۾ ئي ڦاٿي پئي آهي ان لاءِ دوائون وڌيڪ مهانگيون ڪرڻ سهولت ڏيڻ نه پر انهن لاءِ ساهه کڻڻ ئي ڏکيو بڻائڻ آهي،ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارا ماڻهو يا مهيني جي پگهار تي هلندڙ ملازم جن جي هن ملڪ ۾ اڪثريت آهي اهي هاڻي پنهنجي ۽ خاندان جي دوا دارون جو بندوبست ڪن يا ٻن ويلن جي لاءِ پريشان هجن،تنهن ڪري حڪومت کي پنهنجي انهي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ڇو ته اڳ ئي تباهه حال ماڻهن مٿان هي فيصلو ڇپ ٿي ڪريو آهي. .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *